قزلقم ريگستان

 

قزلقم ريگستان دنيا جو 15 هون وڏو ريگستان آهي. ترڪ ٻولين ۾ ان جي نالي جي معنيٰ آهي ڳاڙھي واري . اهو وچ ايشيا ۾ واقع آهي، آمو دريا ۽ سر دريا جي سنگم جي وچ ۾، هڪ خطو جيڪو تاريخي طور تي ٽرانسڪسانيا جي نالي سان مشهور آهي.[1] اڄ اهو قزاقستان، ترڪمانستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ ورهايل آهي. اهو اٽڪل 298٬000 km2 (115٬000 sq mi) تي پکڙيل آهي.

جاگرافيسنواريو

علائقو گهڻو تڻو 300 m (980 ft) تائين اوچائي تي هڪ وسيع ميدان تي مشتمل آهي سمنڊ جي سطح کان مٿي، ڪيترن ئي ھيٺاھين ۽ بلندين سان گڏ. اڪثر علائقو ڀٽن تي مشتمل آهي؛ اتر اولھ ۾ وڏا علائقا تاڪيرن (مٽي جي تھن) سان ڍڪيل آھن؛ اتي ڪجھ نخلستان پڻ آهن. دريائن جي ڪنارن ۽ نخلستانن ۾ زرعي آباديون آهن. اونهاري جي مهينن، وچ مئي کان سيپٽمبر جي وچ تائين، دوران گرمي پد تمام گهڻو مٿي وڃي ٿو. ڪيرڪي، هڪ انتهائي اندريون شهر جيڪو آمو دريا نديءَ جي ڪناري تي واقع آهي، اتي جولاءِ 1983 ۾، 52 °C (126 °F) رڪارڊ ڪيو ويو. اهو گھڻو تڻو تي ازبڪستان ۾ واقع آهي.

جانورسنواريو

ريگستاني جانورن ۾ روسي ڪڇون (Testudo horsfieldii) ۽ هڪ وڏي ڪرڙي، جنهن کي ٽرانسڪيسپين يا ريگستاني مانيٽر (Varanus griseus) سڏيو ويندو آهي، شامل آھن، جنهن جي ڊيگهہ 1.6 m (5.2 ft) تائين پهچي سگهي ٿي. سائگا انٽيلوپ (سائيگا تاتاريڪا) پڻ ڪڏهن ڪڏهن ريگستان جي اترئين حصي ڏانھن لڏپلاڻ ڪندو آهي.

بخارا خطي ۾ قزلقم نيچر رزروِ 1971ع ۾ قائم ڪئي وئي. رزروِ جي ايراضي 101٬000 km2 (39٬000 sq mi) آهي ۽ اهو درگان اتا آبادي جي ويجهو امودريا مان وهندڙ ٻوڏ واري زمين (تگائي) تي واقع آهي.

جانورن ۾ شامل آهن:

  • بڪيٽريائي ھرڻي (Cervus elaphus bactrianus
  • جهنگلي سوئر (Sus scrofa
  • common pheasant (Phasianus colchicus
  • سنھري باز (Aquila chrysaetus)

جيرين رزرو بخارا جي ڏکڻ ۾ 40 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آھي. هن رزرو جي ڪل ايراضي 51٬450 km2 (19٬860 sq mi) آهي. هي رزرو ناياب نسلن جهڙوڪ گوئٽرڊ ھرڻي (Gazella subgutturosa)، پرزيوالسڪي گھوڙي (Equus ferus przewalskii)، ترڪماني ڪولان (Equus hemionus kulan) ۽ ميڪ-ڪئينز تلور (Chlamydotis macqueenii) جي نسل وڌائڻ جو مرڪز آهي. رزرو 1977ع ۾ چوبند علائقي 5٬131 ha (19.81 sq mi) تي قائم ڪيو ويو.

پيليونٽولاجيسنواريو

 
قزِلِقم درياءَ سر دريا ۽ آمو دريا ندين جي وچ ۾ آهي

قزلقم ريگستان ۾ پٿرن تھ ظاھر ٿيا آھن جن ۾ ڪيترائي پنڊپھڻ نظر آيا آهن. ازبڪستان جي بيسيڪيٽي فارميشن خاص دلچسپي جي حامل آهي، ان ابتدائي پکين جا ڪيترائي ڏٺا ويا آهن: Incolornis martini، Explorornis walkeri، Kizylkumavis cretacea، Kuszholia mengi، Lenesornis kaskarovi، Sazaviskarohiskarovis، Zavisornis kaskarovi، Sazaviskarohyravis ھن قسمن کي مقبول طور تسليم ڪيو ويو آهي. Tyrannosaurid, therizinosaurid, ornithomimosaur, oviraptorosaurian, troodontid, ankylosaur, hadrosaur, ۽ سرٽوپسين ڊائناسور بہ ھن راڪ يونٽ مان مليا آھن.[2] قزلقم جي Cretaceous پٿرن مان حاصل ٿيندڙ ٻين پنڊپھڻن ۾ وڻن جا ٿـڙ، پيلسيپوڊس، بيٽلس ، شارڪون، رَيز، بوني مڇي،[3] ڏيڏر، سيلامينڊر،[4] ڪڇون،[5] ڪروڊائلومورفس،[3] ٽيروسارز ۽ شروعاتي ننڍڙن مئملن جانورن جا ڪجهہ مختلف قسم شاملا آھن.[6] پليونٽولاجي جي ماهرن جن هن علائقي ۾ ڪم ڪيو آهي انهن ۾ جَي ڊيوڊ آرڪيبالڊ، اليگزينڊر ايوريانوف، سرگئي ڪرزانوف، ليو نيسوف، اناتولي ريابينن، اناتولي روزڊسٽونسڪي، ۽ هانس ڊيٽر سوز شامل آهن.[2]

معيشتسنواريو

مقامي آبادي قزلقم ريگستان جي وڏن ميدانن کي جانورن (جن ۾ اڪثر ڪري رڍون، بيڪٽرين اُٺ ۽ ڊروميڊريز وغيرہ شامل آھن) لاءِ چراگاھن طور استعمال ڪندي آھي.

ريگستان سون، يورينيم، ٽامي، ايلومينيم ۽ چانديءَ ، قدرتي گئس ۽ تيل جي ذخيرن جي ڪري مشھور آهي. مرونتائو ۾ سڀ کان وڌيڪ مشھور سون جي کاڻ جي ترقي 1970 جي شروعات ۾ شروع ٿي. هن علائقي ۾ ڪان ڪني ۽ سميلٽنگ جي صنعت جا مرڪز، نواءِ زرفشان، اچخدڪ ۾ آهن. مکيہ صنعتي ادارا آهن: НГМК (ناوءِ مائيننگ ايند سميلٽنگ ڪامپليڪس) ۽ ازبڪ يو ايس اي جوائنٽ وينچر "زرفشان-نيومونٽ". گيس جي پيداوار جي صنعت جا مرڪز غزلي ۽ مبارڪ آهن.

گيلريسنواريو

پڻ ڏسوسنواريو

  • اينڊرونوو ثقافت
  • آئيدار ڍنڍ، وڏي مصنوعي ڍنڍ
  • وچ ايشيائي اتر ريگستان، هڪ ماحولياتي علائقو جيڪو گهڻو ڪري قزلقم ريگستان سان لاڳاپيل آهي
  • قراقم ريگستان، وچ ايشيا جو ھڪ ٻيو ريگستان
  • علائقي جي لحاظ کان ريگستانن جي فھرست
  • سرميشسي، قديم آثارن جي اينٿروپوجينڪ سرگرمين جا يادگار

حوالاسنواريو

  1. Mapping Mongolia: Situating Mongolia in the World from Geologic Time to the Present, Paula L.W. Sabloff, P.62
  2. 2.0 2.1 Weishampel, David B.; Paul M. Barrett; Rodolfo A. Coria; Jean Le Loeuff; Zhao Xijin Xu Xing; Ashok Sahni; Elizabeth M.P. Gomani; Christopher R. Noto (2004). "Dinosaur Distribution". in David B. Weishampel. The Dinosauria (2nd ed.). Berkeley: University of California Press. pp. 517–606. ISBN 0-520-24209-2. 
  3. 3.0 3.1 Nesov, Lev A.. "Mesozoic and Paleogene birds of the USSR and their paleoenvironments". in Campbell Kenneth E. Jr.. Papers in Avian Paleontology Honoring Pierce Brodkorb. Natural History Museum of Los Angeles County Science Series 36. Los Angeles, CA: Natural History Museum of Los Angeles County. pp. 465–478. 
  4. Shishkin, Mikhail A. (2000). "Mesozoic amphibians from Mongolia and the Central Asiatic republics". in Benton, Michael J.. The Age of Dinosaurs in Russia and Mongolia. Cambridge: Cambridge University Press. pp. 297–308. ISBN 0-521-55476-4. 
  5. Sukhanov, Vladimir B. (2000). "Mesozoic turtles of Middle and Central Asia". in Benton, Michael J.. The Age of Dinosaurs in Russia and Mongolia. Cambridge: Cambridge University Press. pp. 309–367. ISBN 0-521-55476-4. 
  6. Averianov, Alexander O. (2000). "Mammals from the Mesozoic of Kirgizstan, Uzbekistan, Kazakhstan and Tadzhikistan". in Benton, Michael J.. The Age of Dinosaurs in Russia and Mongolia. Cambridge: Cambridge University Press. pp. 627–652. ISBN 0-521-55476-4. 

خارجي ڳنڍڻاسنواريو

  وڪيميڊيا العام تي قزلقم ريگستان بابت زمرا

سانچو:Desertsسانچو:Kazakhstan topics