شارڪ

مڇي جو هڪ قسم

شارڪ مڇي(انگريزي: Shark fish) (Isurus Glaucus) تمام خطرناڪ مڇي/جانور ٿئي. سمنڊ جي ننڍين مڇين ۽ جيتن جڙن کي به ھڙپ ڪري ويندي آھي، ته ماڻھن کي به. اھو ئي سبب آھي جو شارڪ مڇيءَ کي سامونڊي بگھڙ سمجھيو وڃي ٿو.

شارڪ
Temporal range: لڊفورڊيئن
گھڙيالي چڪر وانگر مٿان کان هيٺ کاٻي پاسي: ڪرنگھيدار ڪتي نما مڇي، جپاني ڪارائي نما شارڪ، وھيل شارڪ ، وڏي اڇي شارڪ، سڱن واري شارڪ، جھالر واري شارڪ, صدفي ھٿوڙي نما مٿي واري شارڪ، آسٽريليائي ڪنڊ نما شارڪ
سائنسي درجا بندي e fossil_range: If the specified fossil range is a period supported -- by templates {period_start} and {next_period}, then it incorporates -- the specified range into template {Fossil range}, but checking to -- display properly. Otherwise, just passes parameter. --></noinclude>
Unrecognized taxon (fix): Euselachii
Superorder: Selachimorpha
ترتيبون

Carcharhiniformes
Heterodontiformes
Hexanchiformes
Lamniformes
Orectolobiformes
Pristiophoriformes
اسڪئاليفارمز
Squatiniformes
Cladoselachiformes
Hybodontiformes
Symmoriida
زيناڪئنٿڊ (زيناڪئنثيفارمز) ايليجيسٽوليپس

† = extinct
هم معنيٰ
پليوروٽريميٽ


شارڪ مڇيءَ کي تمام وڏا، تکا ۽ ٽڪنڊا ڏند ٿين ۽ ڪي شارڪ مڇيون ته سڏجن ئي آدم خور شارڪ (Carcharodon Caracharias). اھي ھر وقت ماڻھن جي ڳولا ۾ رھنديون آھن ته ڪٿي ٿو ڪو جھاز تان ڪري يا ڪناري تي ٻڏي. اڪثر ننڍين ڀٽڪندڙ ٻيڙين جي ڪڍ ھونديون آھن. شارڪ مڇي، وھيل مڇيءَ جيڏي وڏي ته نه ٿئي، پر تڏھن به چڱي وڏي ٿئي ٿي ۽ ڪي ڪي چاليهه فٽن کان به ڊگھيون ٿين. يعني ست ماڻھو ھڪ ٻئي مٿان بيھارجن ته ايتري ڊيگهه ٿئين ۽ تور ۾ سورھن سترھن مڻ کن ٿين.

شارڪ مڇي، ائٽلانٽڪ ۽ خليج بسڪي، ميڊيٽيرين ۽ ڳاڙھي سمنڊ ۾ به تمام گھڻيون ٿين ۽ جھاز تان ماڻھن جي ڪرڻ تي امالڪ حملو ڪري ڏينديون آھن. مڇيون ڦاسائڻ وارا خاص ڪري ٻيڙين وارا ڦاٿل شارڪ مڇيءَ کان به خبردار رھندا آھن، جو رسيءَ ۾ ٻڌل يا ڪانٽي ۾ ڦاٿل ھجڻ جي باوجود به رکي رکي ٻيڙيءَ وارن تي حملو ڪري ڏيندي آھي.

شارڪ مڇيون گھڻو ڪري ڪناري تي ڪونه ٿين، پر ڪڏھن ڪڏھن جھازن جي ڪڍ ڪناري تي به اچي نڪرنديون آھن.[1][2]

حوالا سنواريو

  1. موج نه سهي مڪڙي (الطاف شيخ) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-11 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-11-20 
  2. ڪتاب: موج نه سهي مڪڙي