فياض جتوئي (انگريزي ٻولي:Fayaz Jatoi) سنڌ پاڪستان ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻولي جو شاعر آهي.

فياض جتوئي
Fayaz Jatoi

فياض جتوئي
پيدائش ڳوٺ شادڻ جتوئي، ڏوڪري تعلقو، لاڙڪاڻو ضلعو
ڌنڌو شاعر
ٻولي سنڌي
رهائش ڳوٺ شادڻ جتوئي،ڏوڪري
قوميت پاڪستاني
تعليم ايم اي سي ڪمپيوٽر سائنس
مادرِ علمي شاھ عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور
دور هاڻوڪو
موضوع شاعري

زندگي جو احوال سنواريو

فياض جتوئي جو پورو نالو فياض حسين جتوئي آهي. هيءُ پهرين مارچ 1991ع تي حاجي بشير احمد جتوئي جي گهر ۾ سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ڏوڪري تعلقي جي ڳوٺ شادڻ جتوئي ۾ پيدا ٿيو.[1]

تعليم سنواريو

فياض جتوئي پرائمري تعليم ڳوٺ ۾ پرائي ۽ 2001ع ۾ 5 درجا پاس ڪيائين. هن مئٽرڪ جو امتحان 2006ع ۾ گورنمينٽ هائير پائلٽ سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻي منجهان پاس ڪيو. انٽر سائنس جي تعليم 2008ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ حاصل ڪيائين. فياض جتوئي ڪمپيوٽر سائنس ۾ ايم ايس سِي جي ڊگري شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور منجهان 2012ع ۾ مڪمل ڪئي ۽ استاد جي پيشي سان واڳجي ويو.[1]

شاعري سنواريو

فياض جتوئي شاعري جي شروعات سال 2013ع ۾ ڪئي پر ٿوري عرصي ۾ محنت ۽ مشقت سان پاڻ مڃائي ورتو. هن تخليقي سگھ وسيلي ادبي حلقن ۾ پنهنجي جڳھ جوڙي ورتي آهي ۽ نهايت منفرد شاعر طور سڃاڻپ حاصل ڪري ورتي آهي. سندس شاعري ڪاوش ۽ ٻين معياري اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل آهي. هن سنڌي شاعريءَ جي ٻين صنفن جي ڀيٽ ۾ غزل تمام گهڻو لکيو آهي. سندس غزل ئي وڌي سڃاڻپ آهي.[2][3][4] فياض جتوئي ڪن شاعرن تي نثري تاثر پڻ لکيا آهن.[5]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 "فياض جتوئي:نئين ٽهيءَ جو منفرد شاعر". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2019-12-30. 
  2. "Sindhi Poetry: Poetry Of Fayaz Hussain Jatoi". Sindhi Poetry. حاصل ڪيل 2019-12-30. 
  3. "سنڌي شاعري (Sindhi poetry): سنڌي غزل". سنڌي شاعري (Sindhi poetry). حاصل ڪيل 2020-03-10. 
  4. Wassan, Muhammad Suleman. "سنڌي شاعري ڪارنر: سار ٿي تنهنجي اچي اڌ رات جو". سنڌي شاعري ڪارنر. حاصل ڪيل 2020-03-13. 
  5. Sindhipeoples. "سنڌي شخصيتون: مسرور پيرزادو". سنڌي شخصيتون. حاصل ڪيل 2020-03-13.