عقيل عباس جعفري
عقيل عباس جعفري (پيدائش:10 آگسٽ، 1957ع) پاڪستان جو مشھور مصنف، مھندس، صحافي، شاعر، محقق، مورخ، پاڪستان ڪرونيڪل جو ليکڪ آھي. ھو ھن وقت اردو لغت بورڊ ۾ مدير اعليٰ ۽ پاڪستان ڪوئز سوسائٽي انٽرنيشنل جو صدر آھي.
عقيل عباس جعفري | |
---|---|
پيدائش | آگسٽ 10 1957 ع ڪراچي، پاڪستان |
قلمي نالو | عقيل عباس جعفري |
ڌنڌو | محقق، شاعر، صحافي، مورخ |
ٻولي | اردو |
قوميت | پاڪستان |
مادرِ علمي | دائود ڪاليج آف انجنيئرنگ، ڪراچي يونيورسٽي |
صنف | شاعري، تحقيق، صحافت، تاريخ |
ادبي تحريڪ | حلقہ ارباب ذوق |
مُکيه ڪم | پاڪستان ڪرونيڪل پاڪستان ڪي سياسي وڊيري علي سردار جعفري شخصيت و فن |
ايوارڊ | بھترين فيچر نگار اروارڊ(آل پاڪستان نيوزپيپرز سوسائٽي) ڪوئز ايڪسيلينس ايوارڊ (پاڪستان ڪوئز سوسائٽي) بھترين نعت گو (ريڊيو پاڪستان) بھترين قومي نغما نگار (ريڊيو پاڪستان) |
دستخط |
زندگيءَ ۽ تعليم جو احوال
سنواريوعقيل عباس جعفري 10 آگسٽ 1957ع تي ڪراچي، پاڪستان ۾ پيدا ٿيا[1]. سندن جي والد جو نالو وزير حسن جعفري آھي جيڪو پاڪستان جي ٺھڻ کان پوءِ بلرام پور، اتر پرديش کان لڏي ڪري ڪراچي، پاڪستان ۾ آباد ٿيا. عقيل عباس ابتدائي تعليم گورنمينٽ اسڪول ناظم آباد ۽ پوءِ انٽرميڊيئيٽ ڊي جي سائنس ڪاليج مان پاس ڪئي. بيچلر آف آرڪيٽيڪچر جي ڊگري دائود ڪاليج آف انجنيئرنگ ۽ ايم اي (صحافت) جي ڊگري ڪراچي يونيورسٽي مان حاصل ڪئي.
ادبي خدمتون
سنواريوڪلام جو نمونو
سنواريوغزل
زيست ڪرنا در ادراڪ سَي باھر ھَي اڀي | يہ ستارا مرَي افلاڪ سَي باھر ھَي اڀي | |
ڍونڊتَي ھين اسي نشي ڪو سڀي بادا گسار | ايڪ نشہ جو رگ تاڪ سَي باھر ھي اڀي | |
ايڪ ھي لمحي ۾ تسخير ڪرَي گي اسي آنک | پر وہ لمحہ مرَي افلاڪ سَي باھر ھَي اڀي | |
ڪڇ مرَي چاڪ گريبان ڪو خبر ھو شايد | ايک گردش جو مري چاڪ سَي باھر ھَي اڀي | |
بس وھي اشڪ مرا حاصل گريہ ھي عقيلؔ | جو مرَي ديدۂ نمناڪ سَي باھر ھَي اڀي[2] |
شعر
زندہ رھنا عجب ھنر ھَي عقيلؔ | يَي ھنر عمر ڀر نھين آتا |
اردو لغت بورڊ جي اڳواڻي
سنواريوحڪومت پاڪستان عقيل عباس جعفری کي 9 ڊسمبر 2016ع کان ٽن سالن جي لاءِ اردو لغت بورڊ ڪراچي جو مدير اعلٰي مقرر ڪيو آھي۔[3][4]
تصنيفون
سنواريوانسائيڪلوپيڊيا
سنواريوتاريخ
سنواريو- پاڪستان ڪا قومي ترانہ : ڪيا ھَي حقيقت؟ ڪيا ھَي فسانہ؟
- پاڪستان ڪي ناڪام سازشين
- لياقت علي خان قتل ڪيس
- پاڪستان ڪا جشن زرين (وضاحتي ڪتابڙا)
عام معلومات
سنواريو- 366 دن
- صفر سَي سو تڪ
- ڪون بنَي گا ڪروڙ پتي؟
- ايڪ سال پچاس سوال
- جھان معلومات
- ھَي حقيقت ڪُڇ
- قائداعظم معلومات ڪَي آئينَي مين
سياسيات
سنواريو- پاڪستان ڪَي سياسي وڊَيرَي
- پاڪستان ڪي انتخابي سياست
سوانح
سنواريو- قائد اعظم ڪي ازواجي زندگي
- ڪانجي دوآرڪا داس جناح، رتي اور مين
تنقيد
سنواريو- شاھد احمد دھلوي مضامين موسيقي
- مير باقر علي داستان گو
- علي سردار جعفري شخصيت و فن
- چراغ روشن ھين (عصمت چغتائي ڪَي خاڪَي)
فرھنگ
سنواريو- فرھنگ اصطلاحات فنِ تعمير
اعزاز
سنواريوتحقيق ۽ پاڪستانيات جي شعبي ۾ ھن جي خدمتن جي اعتراف جي طور تي پاڪستان ڪوئز سوسائٽي سندن کي 2004ع ۾ ڪوئز ايڪسيلينس ايوارڊ، وزڊم پاڪستان فورم 2010ع ۾ ھيروزآف پاڪستان ڪمال ڪارڪردگي ايوارڊ ۽ سينٽر آف سوڪ ايجوڪيشن پاڪستان نے 2010ع جو سوڪ ايجوڪيشن ايوارڊ پيش ڪيا۔ ان ڪيا علاوه 2000ع ۾ ريڊيو پاڪستان جو بھترين نعت گو ۽ بھترين قومي نغمہ نگار جو ايوارڊ بہ حاصل ڪري چڪو آھي[1]۔ 2011ع ۾ آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي کيس بھترين فيچر نگار جو ايوارڊ پيش ڪيو.
حوالا
سنواريو- ↑ 1.0 1.1 عقيل عباس جعفري، پاڪستاني ڪنيڪشنز، برمنگھم برطانيہ[مئل ڳنڍڻو]
- ↑ زيست ڪرنا در ادراڪ سَي باھر ھَي اڀي (غزل)، عقيل عباس جعفري، ريختہ ويب، ڀارت
- ↑ روزنامہ دي نيشن ڪراچي، 10 ڊسمبر 2016ع
- ↑ عقيل عباس جعفري اردو ڊڪشنري بورڊ ڪراچيءَ جو چيف ايڊيٽر مقرر، سید محمد عسڪري (اسٽاف رپورٽر)، روزنامہ جنگ ڪراچي، 14 ڊسمبر 2016ع[مئل ڳنڍڻو]