عارف يونس ( جنوري 1955،12 ۾ پيدا ٿيو) هڪ آذبائيجاني ليکڪ، تاريخدان، ۽ انساني حقن جو سرگرم ڪارڪن آهي.  هي ڊپاٽمينٽ آف ڪنفلڪٽ اينڊ مائگريشن آف دي پيس اينڊ ڊيموڪريسي (Department of Conflict and Migration of the Institute of Peace and Democracy) جو سربراهه آهي. گرفتار ٿيڻ بعد، عارف يونس کي جيل ۾ ست سال جي سزا ڏني وئي؛ سندس زال، ليئلا يونس، کي ڌوڪيبازي، فراڊ ۽ ٽيڪس چوري شامل الزامن تي جيل ۾ ساڍا اٺ 8.5 سال جي سزا ٻڌائي وئي.

Arif Yunus
پيدائش جنوري 1955 (عمر 69 سال)
Baku, Azerbaijan
قوميت Azerbaijani
ٻيا نالا Arif Yunusov
پيشو author, historian, and human rights activist
تنظيم Institute of Peace and Democracy
شھرت جو ڪارڻ civil society engagement

زندگي ۽ ڪم سنواريو

عارف يوسف 12 جنوري 1955 تي آذري پيءُ ۽ آرميني ماءُ کي باڪو آذربائيجان ۾ ڄائو.[1][2]  هن پنهنجي تعليم جي شروعات باڪو رياست يونيورسٽي ۾ ڪئي ۽ اتان 1981 ۾ گريجوئيٽ جي سند ورتائين. باڪو رياست يونيورسٽيءَ ۾ شاگرديءَ دوران ، عارف يونس پنهنجي مستقبل ۾ زال بڻجندڙ ليئلا يونس سان مليو.[3] عارف يونس آخرڪار 1986 ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. 1992 ۾، آذربائيجان جي صدارتي دفتر جي لاءِ ڪم، هو معلومات ۽ تجزياتي محڪمي جو سربراهه بڻجي ويو ۽ هڪ سال جي لاءِ انهيءَ پوزيشن سربراهيءَ واري حيثيت سان اتي خدمتون سرانجام ڏنائين. هو آذري آزاد معلومات ۽ تجزياتي مرڪز (Azeri Independent Information and Analytical Center) جو ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر بڻجي ويو.سيپٽمبر 1994 تائين آذري (آذري آزاد معلومات ۽ تجزياتي مرڪز) ۾ ان حيثيت سان خدمت ڪرڻ کانپوءِ،  يونس آخرڪار امن ۽ جمهوريت جي اداري (ڊپارٽمينٽ آف ڪانفلڪٽالاجي اينڊ مائگريشن اسٽڊيز آف انسٽيٽيوٽ آف پيس اينڊ ڊيموڪريسي) (آءِ پي ڊي) محڪمي جو سربراهه بڻيو.[4]  آءِ پي ڊي ٻنهي ملڪن آرمينيا ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ دانشورن جو پاڻ ۾ مڪالمي کي فروغ ڏيئي ٿي.[5]

 عارف يونس انهن جي لاءِ دفاع ڪري ٿو جيڪي سياسي سببن جي ڪري تشدد ڀوڳين ٿا ۽ هي ماڻهن کي سياسي سببن جي ڪري قيد ڪرڻ جي پڻ مذمت ڪري ٿو.[6]

يونس جا تاريخ آذربائيجان ۽ آرمينيا - آذربايجان تعلقات جي متعلق 190 کان وڌيڪ مضمون ۽ 30 کان وڌيڪ ڪتاب شايع ٿي چُڪا آهن.[4]

عارف يونس پنهنجي زال ليئلا سميت آرمينيا ۽ آذربائيجان جي درميان نگورنو ڪاراباخ تنازعي جو پرامن حل جو حامي آهي.[3][6]. هن اهڙي طرح جي تنازعي جي هڪ حل لاءِ مختلف ڪانفرنسن ۽ سيمينارن ۾ شرڪت ڪئي آهي.[4]

گرفتاري ۽ قيد سنواريو

  28 اپريل 2014 تي، عارف يونس ۽ سندس زال ليئلا کي دوحا قطر ڏانهن سندن سفر دوران آرمينيا جي لاءِ جاسوسي ڪرڻ جي الزام هيٺ حيدر علييف انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي گرفتار ڪيو ويو.[7]

 عارف يونس ٻيهر گرفتار ڪيو ويو ۽ 5 آگسٽ 2014 تي نظربند رکيو ويو. هي تڏهن کان زيرِحراست آهي.[8] هن وقت، مختلف مقدمن جي ٻڌڻيءَ دوران، عارف يونس نازڪ صيحت جي سبب پنهنجو شعور ۽ حواس وڃائي ويٺو آهي. 6

   13 آگسٽ 2015 تي عارف يونس  کي جيل ۾ 7 سال جي سزا ٻڌائي وئي، ۽ سندس زال، ليئلا، کي ڌوڪيبازي ۽ ٽيڪس چوري شامل الزامن تي جيل ۾ 8.5 سال جي سزا ٻڌائي وئي آهي. جوڙي کي غداريءَ جي الزامن ۾ پڻ هڪ الڳ ڪيس کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.  مغربي حڪومتن ۽ انساني حقن جي تنظيمن سندن پراسيڪِيوشن تي تشِويش جو اظهار ڪيو آهي. هيومن رائٽس واچ سندن ڪيس (مقدمي) کي شو ٽرائل (پبلڪ کي متاثر ڪرڻ يا تنبيهه ڪرڻ لاءِ حڪومت جي طرف کان منعقد ڪيو ويندڙ مقدمو) سڏيو ويو آهي ۽ ان مقدمي جي ملامت پڻ ڪئي وئي آهي، ۽ ايمنسٽي انٽرنيشنل (بين الاقوامي تحفظ لاءِ انساني حقن جي تنظيم) چئي ٿي ته جوڙو ضمير جو قيدي آهي[9].[10]

بين الاقوامي مذمت سنواريو

 عارف ۽ ليئلا يونس جي گرفتاري، اهڙيءَ ريت جافاروو جي نظربندي، آذربائيجان ۾ سول سوسائٽيءَ تي رياست جي طرفان ڪريڪ ڊاؤن تحت هڪ ٻيو وڌيڪ قدم قرار ڏنو ويو آهي.[11] اختيارين جي اقدامات کي ڪيترين ئي ممتاز بين الاقوامي انساني حقن جي تنظيمن جي پاران سخت مذمت ڪئي وئي آهي.  انهن ۾ ايمنسٽي انٽرنيشنل (جنهن پاران يونس کي "ضمير جو قيدي" سڏيو آهي ۽ فوري طور تي ان جي رہائيءَ جي لاءِ حڪام تي زور ڏنو ويو آهي)،[12] [[يورپي ڪونسل جي پارليماني اسمبلي]] (Parliamentary Assembly of the Council of Europe)،[13] [[او ايس سي اي لاءِ گڏيل آمريڪي رياست مشن]] (United States Mission to the OSCE)،[14] انساني حقن جي دفاع جي محافظ لاءِ نگراني (Observatory for the Protection of Human Rights Defenders)،[15] [[نوبل عورتن جي پهل]] (Nobel Women's Initiative)،[16] [[سرحدن بغير صحافي]] (Reporters Without Borders)،[17]  هيومن رائيٽس واچ [18] ۽ ٻيون شامل آهن.

انساني حقن جي حمايتين ۽ غير سرڪاري تنظيمن جي خلاف آذربائيجان حڪومت جي جارحانو مڪروهه رويي جي ڪري هيومن رائيٽس واچ پاران استخراجي صنعتن ٽرانسپيرنسي انيشي ايٽو Extractive Industries Transparency Initiative (EITI) مان آذربائيجان جي رڪنيت جي معطلي جو مطالبو ڪيو آهي.[19]

ذاتي زندگي سنواريو

عارف يونس ليئلا يونس سان شادي ڪئي آهي کين هڪ ڌيءُ آهي جنهن جو نالو دينارا (Dinara) آهي.[3]

حوالا سنواريو

  1. Eynulla Fatullayev.
  2. Thomas De Waal.
  3. 3.0 3.1 3.2 Sindelar, Daisy (28 August 2014). "Together a lifetime, Azerbaijan couple now separated in jail". Guardian. http://www.theguardian.com/world/2014/aug/28/azerbaijan-activists-leyla-arif-yunus-charges. 
  4. 4.0 4.1 4.2 "CV: Arif S. Yunusov Doctor of History" (PDF). Osteuropa-Institut. Freien Universität Berlin. 
  5. Azerbaijan: Leading Rights Defender Arrested | Human Rights Watch
  6. 6.0 6.1 "Azerbaijan: Front Line Defenders Condemns the Sentencing of Leyla Yunus and Araf Yunus". Association for Women's Rights in Development. 18 August 2015. http://www.awid.org/news-and-analysis/azerbaijan-front-line-defenders-condemns-sentencing-leyla-yunus-and-araf-yunus. 
  7. "Azerbaijan's Leyla Yunus, human rights defender, held". BBC News. 29 April 2014. http://www.bbc.com/news/world-europe-27202134. 
  8. "Leyla Yunus". European Stability Initiative. 
  9. "Groups Assail Sentencing of Azeri Rights Activist". Voice of America. 13 August 2015. http://www.voanews.com/content/groups-assail-sentencing-azeri-rights-activist/2916884.html. 
  10. "Azerbaijan criticised for jailing activist couple". Guardian. 13 August 2015. http://www.theguardian.com/world/2015/aug/13/azerbaijan-criticised-for-jailing-activist-couple-leyla-arif-yunus. 
  11. "Azerbaijan detains prominent human rights activists in fresh crackdown". The Guardian. حاصل ڪيل 2 September 2015. 
  12. Document - Azerbaijan: Leyla Yunus in failing health in prison
  13. "PACE: News". coe.int. حاصل ڪيل 2 September 2015. 
  14. United States Mission to the OSCE. (PDF), وقت 2014-10-21 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2015-12-09 
  15. "Azerbaijan: Prominent human rights defender Leyla Yunus, IPD Director and a member of OMCT General Assembly, sentenced to three months pre-trial detention". omct.org. حاصل ڪيل 2 September 2015. 
  16. "Nobel Women: Release human rights activist Leyla Yunus". nobelwomensinitiative.org. حاصل ڪيل 2 September 2015. 
  17. "Repression unleashed against information freedom defenders - Reporters Without Borders". rsf.org. حاصل ڪيل 2 September 2015. 
  18. "Azerbaijan: Leading Rights Defender Arrested". Human Rights Watch. حاصل ڪيل 2 September 2015. 
  19. "Azerbaijan: Transparency Group Should Suspend Membership". Human Rights Watch. حاصل ڪيل 2 September 2015.