طاهره صفدر
سيده طاهره صفدر (انگريزي ٻولي: Syeda Tahira Safdar)، پاڪستان جي هاءِ ڪورٽ جي پهرين عورت چيف جسٽس ۽ پهرين عورت سول جج آهي. سيده طاهره صفدر، ڪوئيٽا ۾ 5 آڪٽوبر 1957ع تي پيدا ٿي. هي 1 سيپٽمبر 2018ع تي بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس مقرر ٿي.[1][2]
سيده طاهره صفدر | |
---|---|
چيف جسٽس بلوچستان هاءِ ڪورٽ | |
دفتر سنڀاليو 1 سيپٽمبر 2018ع | |
مقرر بطرف | ميان ثاقب نثار |
جج بلوچستان هاءِ ڪورٽ | |
عهدو سنڀاليو 11 مئي 2011 – 31 آگسٽ 2018 | |
ايڊيشنل جج بلوچستان هاءِ ڪورٽ | |
عهدو سنڀاليو 7 سيپٽمبر 2009 – 11 مئي 2011 | |
چيئرپرسن بلوچستان سروس ٽربيونل | |
عهدو سنڀاليو 10 جُولاءِ 2009 – 7 سيپٽمبر 2009 | |
ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ ۽ سول جج | |
عهدو سنڀاليو 1991–1996 | |
سينئر سول جج، بلوچستان هاءِ ڪورٽ | |
عهدو سنڀاليو 1987–1991 | |
سول جج، بلوچستان هاءِ ڪورٽ | |
عهدو سنڀاليو 1982–1987 | |
ذاتي تفصيل | |
پيدائش | طاهره صفدر آڪٽوبر 1957 (عمر 67 سال) ڪوئيٽا، بلوچستان |
شهريت | پاڪستاني |
قوميت | پاڪستان |
مادر علمي | بلوچستان يونيورسٽي (اردو ادب) ڪوئيٽا لاءِ ڪاليج، يونيورسٽي (قانون) |
ڪرت | چيف جسٽس |
پيشو | قانوندان |
سڃاڻپ | پاڪستان جي پهرين چيف ۽ سول جج |
شروعاتي زندگي ۽ تعليم
سنواريوسيده طاهره صفدر، ڪوئيٽا جي مشهور وڪيل سيد امتياز حسين بقري حنفي جي گھر ۾ 5 آڪٽوبر 1957ع تي جنم ورتو. هن شروعاتي تعليم ڪنٽونمنٽ پبلڪ اسڪول ڪوئيٽا مان حاصل ڪئي. هن بيچلر جي سند گورمنٽ گرلز ڪاليج ڪوئيٽا مان حاصل ڪئي. بلوچستان يونيورسٽي مان هن اردو ادب تي ماسٽر جي سند حاصل ڪئي ۽ 1980ع ۾ ڪوئيٽا لاءِ ڪاليج، يونيورسٽي مان قانون جي سند حاصل ڪيائين.[1]
پيشوار زندگي
سنواريوطاهره صفدر پاڪستان جي بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي پهرين سول جج طور 1982ع ۾ مقرر ٿي، 1987ع ۾ پبلڪ سروس ڪميشن، بلوچستان جو امتحان پاس ڪيائين ۽ هن کي سينئر سول جج، بلوچستان هاءِ ڪورٽ مقرر ڪيو ويو. هن کي ضلعي سيشن جج طور 27 فيبروري 1991ع ۾ مقرر ڪيو ويو.[3]
حوالا
سنواريو- ↑ 1.0 1.1 "Justice Syeda Tahira Safdar". bhc.gov.pk. Balochistan High Court. حاصل ڪيل 24 July 2018.
- ↑ "Justice Tahira Safdar sworn in as first woman chief justice of a Pakistani high court". https://www.dawn.com/news/1430350/justice-tahira-safdar-sworn-in-as-first-woman-chief-justice-of-a-pakistani-high-court. Retrieved 1 September 2018.
- ↑ Bilal, Rana (23 July 2018). "Justice Tahira Safdar nominated as first woman chief justice of a Pakistani high court". ڊان. https://www.dawn.com/news/1421995. Retrieved 24 July 2018.