شڪيل عادل زاده پاڪستان جو هڪ ناول نگار ، صحافي ۽ ملٽي پبلشڊ ڊائجسٽ سب رنگ جو اڳوڻو ايڊيٽر آهي. هو پهرين فيبروري 1938ع تي مراد آباد ، اتر پرديش ، برطانوي هندستان ۾ پيدا ٿيو، سندس اصل نالو محمد شڪيل آهي. جون ايليا کيس شڪيل عادل زادو قلمي نالو ڏنو. هن جي پيءُ مرادآباد کان هڪ اردو ماهوار رسالو مسافر ڇاپيندو هو، جنهن جي ادارت رئيس امروهوي جي ذمي هئي. شڪيل جي رئيس امروهوي سان گهريلو اُٿي ويٺي هُئي، رئيس امروهوي جو سڀ خاندان علم ۽ ادب سان لاڳاپيل هو ۽ هندوستان جي مشهور فلمساز ڪمال امروهوي جو سئوٽ هو. ايئن شڪيل عادل زاده کي صحافت، ادب ۽ فن سان شوق پيدا ٿيو. شڪيل عادل زاده 1957ع ۾ ڪراچي آيو ۽ رئيس امروهوي جي اخبار شيراز ۽ ماهوار انشا سان وابستا ٿي ويو. اُن انشا کي عالمي ڊائجسٽ جو روپ ڏنو جيڪو تمام جلدي هڪ گُهڻ ڇپائتو رسالو بڻجي ويو. [1] شڪيل عادل زاده پهرين فيبروري 1970ع ۾ پنهنجو رسالو سب رنگ جاري ڪيو. ان رسالي ۾ سڄي دنيا جي شاهڪار لکڻين جي چُونڊ ڪئي ويندي هئي ۽ قائدا، املا، انشا جي زبان جي صحت ۽ درستي جو ڌيان رکيو ويندو هو. سونا گهاٽ ڪا پجاري، غلام روحين، انڪا، امبر بيل ۽ بازي گر ان ڊائجسٽ جا مشهور سلسلا هئا. هي رسالو ڏسندي ئي ڏسندي اردوءَ جو سڀ کان وڌيڪ ڇپجندڙ رسالو بڻجي ويو، پر آهستي آهستي ان رسالي جي ڇپائي ۾ وِٿي وَڌڻ لڳي هئي. آخرڪار ڊسمبر 2009ع ۾ اهو رسالو بند ٿي ويو. [2] [3]

شڪيل عادل زاده
پيدائش فيبروري 1 1938(1938-02-01)ع
مرادآباد، اترپرديش، برطانوي هند
قلمي نالو شڪيل عادل زاده
ڌنڌو ناول نگار، ميگزين ايڊيٽر، صحافي
ٻولي اردو
قوميت Indiaانڊيا
پاڪستانپاڪستان
صنف صحافت
مُکيه ڪم سب رنگ ڊائجسٽ
بازي گر (ناول)

وڌيڪ ڏسو سنواريو

حوالا سنواريو

  1. شکیل عادل زادہ (سوانحی خاکہ)، تحریر:عقیل عباس جعفری، کراچی
  2. عقيل عباس جعفري، پاڪستان ڪرونيڪل , ورثہ / فضلي سنز، ڪراچي، 2010ء، ص 309
  3. "بازی گر". روزاني ايڪسپريس ڪراچي.  Unknown parameter |separator= ignored (مدد);