جون ايليا

پاڪستاني عالم

اردوءَ جي مشهور شاعر جَون ايليا، جو پورو نالو جَون اصغر ولد سيد شفيق حسين ايليا هو، 14 ڊسمبر 1931ع تي ڀارتي شهر امروها ۾ ڄائو. سندس جنم پڙهيل لکيل گهراڻي ۾ ٿيو، سندس والد علامه شفيق حَسن ايليا ڪيترين زبانن جي علم، ادب جو ڄاڻو ۽ شاعر هو. هيءُ رئيس امروهيءَ جو ڀاءُ ۽ نامياري ليکڪه زاهده حنا جو مڙس هو. جَون ايليا ۽ زاهده حنا ۾ عليحدگي 1980ع ۾ ٿي.[1]

جون ايليا
جون ایلیا
پيدائش امروھا، اترپديش، برطانوي ھندستان
وفات ڪراچي، سنڌ، پاڪستان
ڌنڌو اردو شاعر، عالم، فلاسافر
قوميت پاڪستاني
صنف غزل شاعر
مُکيه ڪم شايد، يعني، ليڪن، گمان، گويا، فرنود

تعليم

هو عربي، فارسي ۽ انگريزي پڙهيو، هيءُ اسڪول ۾ ئي پڙهندو هو ته هندستان جو ورهاڱو ٿيو، جنهن بعد 1957ع ڌاري هي ٻين مهاجرن سان گڏ هتي اچي ڪراچيءَ ۾ اچي آباد ٿيا، جتي اردوءَ ۾ ايم. اي ڪرڻ سميت عربي ۽ فارسيءَ جون سندون حاصل ڪيائين. کيس عبراني ٻوليءَ تي به عبور حاصل هو، ننڍپڻ ۾ ئي شاعري شروع ڪيائين.[1]

خدمتون

1958ع ڌاري ماهوار رسالي ’انشا‘ ۾ باقائدي لکڻ شروع ڪيائين ۽ ادبي دنيا ۾ مختصر عرصي ۾ نالو ڪڍيائين، اڳتي هلي اهو ساڳيو رسالو 1964ع ڌاري ’عالمي ڊائجيسٽ‘ جي نالي سان نڪرڻ لڳو، جيڪو 1988ع تائين باقاعده شايع ٿيندو رهيو. 1963ع کان 1968ع تائين هيءُ اسماعيلي فرقي وارن جي تحقيقي ۽ تصنيفي اداري سان ايڊيٽر طور لاڳاپيل رهيو، جتي هن اسلامي تاريخ ۽ فلسفي تي ٻڌل ڪيترا ڪتاب ترجمو ڪيا. 1967ع ڌاري ترقي ۽ اردو بورڊ پاران تيار ڪئي ويندڙ اردو جي لغت ۾ پڻ هن جون خدمتون شامل رهيون. جنهن ۾ 1976ع تائين لغت جي ڪم ۾ هيءُ مددگار طور شامل رهيو ۽ ان جي تياريءَ ۾ پڻ ڀرپور حصو ورتائين. 1979ع ڌاري هن اسلامڪ ريسرچ انسٽيٽيوٽ ۾ رهڻ دوران مشهور فلاسافر ’طوسي‘ جي ڪلام تي مبني ڪتاب ’تجريد‘ جو اردو زبان ۾ بهترين ترجمو ڪيو. 1988ع ڌاري هن ’روشن خيال‘ نالي هڪ ماهوار مئگزين جاري ڪيو. ڪيترائي ڪتاب ترجمو ڪرڻ سميت تصنيف به ڪيائين. سندس پهريون شعري مجموعو ’شايد‘ 1991ع ۾ شايع ٿيو. شاعري جي ڪتابن ۾: (1) شايد (1991ع)، (2) يعني (2003ع)، (3) گمان (2004ع)، (4) ليڪن (2006ع)، (5) گويا (2008ع) جي نالي سان شايع ٿيل آهن. هن ڪيترائي ڪتاب ترجمو به ڪيا، جن ۾: ’مسيح بغدادي‘، ’حلاج اسماعيليت‘، ’يمن ميسي‘، ’تهذيب‘، ’شام و عراق ۾‘، ’مطالعه طواسين‘ ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن. جون ايليا کي فلسفي، منطق ۽ اسلامي تاريخ جي ڄاڻ هئي، نرالي شاعر طور به مشهور هو.[1]

اعزاز

اردو ادب ۾ سندس خدمتن عيوض حڪومت طرفان کيس 2000ع ۾ ’حسن ڪارڪردگيءَ‘ جو صدارتي تمغو ڏنو ويو.[1]

وفات

هيءُ 8 نومبر 2002ع ۾ ڪراچيءَ ۾ وفات ڪري ويو.[1]

حوالا

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 انسائيڪلوپيڊياسنڌيانا، جلد ٽيون. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.