شملا ڪنوينشن

(شملا وفد کان چوريل)

شملا وفد 1905ع ۾ مسلمان جاگيردارن، سرمائيدارن، دانشورن ۽ سياستدانن تي مشتمل هڪ وفد ھو جو انگريزن سان ڪجهه مسلمانن جي حقن بابت مطالبا کڻي مليو. وفد جي اڳواڻي سر آغا خان ڪري رهيو هو جنهن جو مقصد مسلمانن بابت انگريزن وٽ جڙيل غلط فهميون ڏور ڪرڻ ھو. هاڻوڪي سمي ۾ ان وفد کي مسلمانن لاءِ هڪ وڏو سنگ ميل سمجهو ويندو آھي. جنهن کان سُتت پوءِ مسلم ليگ جڙي ۽ پاڪستان نالي هڪ مسلم فيڊريشن ٺھي.[1]

اتهاسڪ پسمنظر

سنواريو

بنگال جي ورهاڱي تي هندن جي مخالفت مسلم نوابن،سرمائيدارن ۽ جاگيردارن کي ڪانگريس کان جدا سياست تي اڪسايو. اهڙي طرح برطانوي سامراج ڪانگريس جي وڌندڙ مقبوليت، مطالبن ۽ وڌندڙ دٻاء جو زور ٽوڙڻ لاء انهن مسلم نوابن ۽ جاگيردارن کي سياست ۾ حصو وٺڻ جو شوق ڏياريو. سڀ کان پهريان کين اها صلاح علي ڳڙھ ڪالج جي پرينسپل آرچي بالڊ  نواب محسن الملڪ کي ڏني ته هو وائسراء ھند سان ڊائريڪٽ رابطو رکن ۽ هن ان ملاقات جو بندوبست به ڪيو.[1]

انگريزن جو ردعمل

سنواريو

اها هڪ تسليم ٿيل حقيقت آ ته شملا وفد جي سلسلي ۾ برطانوي حڪومت خفيه طور پيش ھئي. اها اسڪيم آر چي بالڊ ۽ وائسراء جي سيڪريٽري ڊنلپ اسمٿ جي درميان ٺھي هئي. محترمه ليڊي منٽو پنهنجي ڊائري جي 1 آڪٽوبر ١٩٠٦ واري صفحي تي لکي ٿي ته ” اڄ ھڪ سرڪاري آفسر طرفان هڪ خط مليو، جنهن ۾ لکيل آ ته اڄ ھڪ اهڙو واقعو رونما ٿيو آھي، جيڪو هندستان جي تاريخ تي وڏي عرصي تائين ڇانيل رهندو، ۽ اهو 62 ملين ماڻھن کي برطانوي حڪومت جي سخت مخالفت کان روڪڻ کان گهٽ ناهي“. محترمه جو اشارو شملا وفد ڏانهن هيو، جنهن کي برٽش سامراج هٿي ڏني هئي.[1]

ڀاتي ميمبر

سنواريو

36 ماڻھن جو اهو وفد مسلم رهنمائن جيڪي برطانوي وفادار هئا ۽ جاگيردار، نواب ۽ سرمائيدارن تي مشتمل هو. وفد جو سربراھ سر آغا خان هيو، جنهن جي وفاداري برطانوي حڪومت سان چٽي ۽ واضع هئي.[1]

ان وفد وائسراء جي سامهون جيڪو ياداشتنامو پيش ڪيو ان ۾ هيٺيان مطالبا شامل هئا.

  • مسلمانن جي جدا چونڊن ۾ حصي سميت اقليتي علائقن ۾ سندن آباديء کان وڌيڪ سٽون ڏيڻ
  • سرڪاري دفترن ۾ مسلمانن کي نمائندگي.
  • گزيٽيڊ نان گزيٽيڊ، هائي ڪورٽن، چيف ڪورٽن ۽ وائسراء ھند گورنرن  جي ڪائونسلن ۾ مسلمانن جي نمائندگي.
  • مسلم يونورسٽيون قائم ڪرڻ جهڙا مطالبا شامل هئا.[1]

زبير احمد فردوسيءَ جي ڪتاب ” ريشمي رُومال تحريڪ“ لکڻ موجب ” انهن مطالبن جو اگر تنقيدي جائزو ورتو وڃي ته اهو چٽو ٿي ويندو ته مسلمان جاگيردارن، نوابن ۽ سرمائيدارن جو اهو وفد پنهنجي معاشي ۽ سياسي فائدن لاء وائسراء ھند سان مليو. نَ ئي هنن جي عام مسلمانن جي معاملن سان دلچسپي هئي. نَ ئي وري اهڙو ثبوت ٿو ملي جيڪو هنن جي قومپرستاڻي ذھن جي عڪاسي ڪري. ان کان علاوه انهن جي مطالبن مان اهڙو ڪو اشارو به نه ٿو ملي، جيڪو هندستانين جي قوم پرستاڻي جنگ ۽ آزاديء جي حقن جي جدوجهد جي نمائندگي ڪري. ان سڀني مطالبن مان سندن تحفظ ته بجا هيو پر عام ۽ هيٺئين طبقي جي مسلمان کي ڪو خاص فائدو نه هيو. نصابي ڪتابن ۾ ڀلي اهو ياداشت نامو مسلمانن جي لاء ھڪ اهم ترين ۽ سندن زندگيون تبديل ڪندڙ ڪري پڙھايو ويندو هجي.“[1]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 ڪتاب ريشمي رومال تحريڪ، مصنف زبير احمد فردوسي، نگارشات ميان چيمبرز 3- ٽيمپل روڊ لاهور، مطبع ايچ وائي پرنٽرز لاهور ڇاپو 1988ع.