ڀڳوت گيتا

هندو سنسڪرت جو ويد، پران، شاستر
(شريمد ڀڳؤت- گيتا کان چوريل)

گيتا يا ڀڳوَت گيتا (انگريزي : Bhagavad Gita) معنيٰ ڀڳوان جو گيت. ڪن عالمن جو خيال آهي ته شري ڪرشن پنهنجو پنٿ )فرقو( قائم ڪيو هو ۽ اُن جي پوئلڳن کي ڀاڳوَت چيو ويندو هو. جيڪي غير برهمڻهوندا هئا، تن لاءِ گيتا هڪ شاستر يا درسي ڪتاب هوندو هو. بعد ۾ جي شري ڪرشن جو اثر پکڙبو ويو، تيئن برهمڻن کيس وشنو جو اوتار ڪري مڃيو ۽ گيتاکي به شاسترن ۾ اُتم ڪري مڃيو ويو.گيتا هڪ امر گيت آهي، جنهن ۾ ڇند )وزن( ته آهي، پر قافيو غير موجود آهي. گيتا هندن جو هڪ مقدس مذهبي ڪتاب آهي، جنهن ۾ زندگيءَ جي اونهن اسرارن تي روشني وڌي ويئي آهي. ايشور آهي، آتما آهي، موت کان پوءِ جنم ٿئي ٿو، ڪرمن جو ڦل ملي ٿو، اهو مڃيو ويو آهي، پر دليلن سان ثابت ڪرڻ جي بدران صرف صلاح ڏنل آهي ته ڇا ڪرڻو آهي يا نه ڪرڻو آهي.ڀڳوت گيتا جي ڪهاڻي: گيتا، جنهن کي هندن اعليٰ مقدس صحيفو ڪري مڃيو آهي، هڪ ٻئي عظيم رزميه منظوم داستان مهاڀارت جو هڪ حصو آهي،جنهن ۾ ڪوروَ ۽ پانڊوَ ٻن سؤٽ خاندانن جي لڙائيءَ جو ذڪر آهي. ٻنهيءَ جو معاملو راڄ گديءَ تي متو هو، جيڪا ڪوروَ دغا سان ڦٻائي ويٺا هئا. هڪ پاسي هو دريوڌن ۽ سندس 99 ڀائر ڪوروَ، جن سان ساٿ هو ڀيشم پتامهه ۽ دروڻ آچاريا جو؛ ڀيشم، ڪوروَن توڙي پانڊوَن جي ڏاڏي جو برهمچاري ڀاءُ هو ۽ دروڻ ٻنهي ڌرين جو گرو هو. ڪوروَن سان گڏ سوريه ديوتا جو بهادر پٽ ’ڪَرن‘ به شامل هو.

شريمد ڀڳؤت گيتا
ڀڳؤت روپ

ٻئي طرف پانڊوَ پاڻ ۾ پنج ڀائر هئا.جن ۾ يڌشٽر سڀني کان وڏو هو. اُن کان پوءِ نمبر وار ڀيم، ارجن، نڪل ۽ شهديو هئا. پر شري ڪرشن، جنهن کي ڀڳوان جو اوتار مڃيو وڃي ٿو، پانڊون سان گڏ هو. ڪرشن ارجن جوسالو به هو ته دوست به ۽ دريوڌن جو به سيڻ هو، اِن ڪري هُن ڪوروَن سان اقرار ڪيو ته هُو خود هٿيار کڻي نه وڙهندو، پر رڳو ارجن جو رَٿ هلائيندو. ڪورون جو پيءُ ڌرتراشٽر نابين هو، پر ان جي باوجود به هو لڙائي وڙهندي ڏسڻ لاءِ منتظر هو. سندس گذارش تي شري ڪرشن، سندس وزير سنجيه کي ازغيبي طاقت عطا ڪئي، جنهن وسيلي سنجيه راجائي محلات ۾ ويهي، سموري لڙائي ڏسي سگهيو ٿي. سموري گيتا سنجيه جي زباني راجا ڌرتراشٽر کي ٻڌايل آهي. لڙائيءَ جي ميدان تي ارجن پنهنجا مٽ مائٽ، ڏاڏا، چاچا، گرو وغيره ڏسي منجهي پوي ٿو ۽ سوچي ٿو ته خسيس ۽ فاني راڄ گديءَ لاءِ عزيزن ۽ گُرن جو خون وهائڻ ڌرم نه، پر اَڌرم آهي. تنهن تي شري ڪرشن، لڙائيءَ جي ميدان تي، ارجن کي زندگيءَ جا لڪل راز ٻڌائي ٿو ته ڌرم ڇا آهي، اڌرم ڇا آهي، انسانجو فرض ڇا آهي، ڪرم ڇا آهي، ڪرم ڪيئن ڪجي، آتما امر آهي، مؤت کان پوءِ به جنم ٿئي ٿو وغيره. ’گيتا‘ ۾ ست سؤ شلوڪ آهن.

ڀڳوت گيتا اصل ۾ سنسڪرت زبان ۾ لکيل آهي، مهاڀارت جو حصوآهي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اعليٰ پايي جي فلسفي ۽ مفڪر ويد وياس جي تصنيف آهي، جيڪا اُپنشدن کانپوءِ واري فلسفيانه سرشتي ۽ اُن کي ’سُوترن‘ ۾ سموهڻ کان اڳ واري دور سان تعلق رکي ٿي، جنهن ۾ پوءِ مختلف واڌارا ڪيا ويا. ڀڳوت گيتا جي ٻاهرئين گهاڙيٽي ۽ اندروني معنائن جي حوالي سان سمجهيو وڃي ٿو ته اها عيسوي سن کان اڳ جي رچنا آهي، جڏهن ته اُن کي تحريري صورت۾ پنجين صديءَ ۾ آندو ويو، توڙي جو اُن جي متن۾ اُن کان پوءِ تبديليون آنديون ويون، جن تي سانکيه، يوگ ۽ ويدانت جي فلسفن جو اثر ظاهر آهي.ڀڳوت گيتا جي مقبوليت جو اندازو اِن ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته دنيا جي اُها زبان ناهي، جنهن ۾ اُن جو ترجمو نه ٿيو هجي. سنڌي ٻولي ۾ پڻ ڀڳوت گيتا جا نثر ۾ توڙي منظوم ترجما ڪيا ويا آهن، جن ۾ پهريون ترجمو اين. وي. ٿڌاڻيءَ )هندو ڪاليج دهليءَ جو پرنسپال( جو چيو وڃي ٿو، جيڪو 1923ء ۾ شايع ٿيو هو. منٺار رائي جيساني ٽنڊوالھيار، ڊاڪٽر نيهالچند سوڍاڻي عمرڪوٽ، مينگهراج ڪولاڻي، چين راءِ بولچند ۽ مُولچند )جيڪي ٽيئي روينيو آفيس ۾ ڪم ڪندا هئا(، گهنشيام ڪرپالاڻي، ٽي. ايل. واسواڻي، پرسرام ضيا، هريرام پارداساڻي، نانڪرام ٿڌاڻي، گوبند حڪماڻي ’جيون‘ ۽ هري دلگير )امر گيت جي عنوان سان منظوم ترجمو( کان سواءِ ٻين ڪيترن ئي ليکڪن جا ترجما ڪيل آهن.[1]

در اصل هي ڪتاب مها ڀارت جو ئي هڪ حصو آهي. گيتا جي تخليقڪار جو نالو شري ڪرشن جي مهاراج آهي، در اصل هي انهن نصيحتن جو مجموعو آهي، جيڪي ڪرشن جي، اَرجن کي ڏنيون هيون ان جا ڪل 18 باب آهن، جن کي 3 حصن ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي ۽ هر حصو 6 بابن تي مشتمل آهي.ڊاڪٽر داس گپتا جو چوڻ آهي تہ گيتا جون گهڻيون تعليمات اپنشد تان ورتل آهن، اهو معلوم نہ ٿي سگهيو آهي تہ اها ڪهڙي دور جي تصنيف آهي ۽ هندن وٽ ان ڪتاب جي ٻين سڀني ڪتابن کان وڌيڪ اهميت ڏٺي وڃي ٿي، ڇو تہ قديم ويدن ۾ جيڪا تعليم ڏني وئي هئي، تنهن کي وساريو ويو هو ۽ ان تي عمل نہ رهيو هو ۽ هندو ڌرم جي مڃيندڙن جي زندگيءَ ۾ جمود اچي ويو هو ۽ سوچ ۽ زندگي غير متحرڪ ٿي وئي هئي. [2]

حوالاسنواريو

  1. encyclopediasindhiana.org
  2. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.