ھومر(انگريزي: Homer )، جنھن کي يوناني ٻوليءَ ۾ ھومروس سڏين ٿا، 800 ق م ۾ پيدا ٿيو ۽ 701 ق م ۾ وفات ڪيائين. ان لاء خيال آهي ته اھو ٻن مشھور رزميه داستانن ايليڊ ۽ اوڊيسي جو ليکڪ ھيو جيڪي قديم يوناني ادب جو بنياد سمجھيا ويندا آھن. ايليڊ ۾ ٽراء واري جنگ دوران يوناني بادشاھن جي گڏيل فوج طرفان ٽراء واري قلعي جي ڏھ سالا محاصري جي ڪھاڻي بيان ڪيل آهي. اوڊيسي واري داستان ۾ ٽراء جي شڪست بعد اٿاڪا جي بادشاھ اوڊيسيس جي ڏھ سالن جي سفر جو ذڪر آھي. آھي ٻئي داستان قديم يوناني ادب جا شاھڪار سمجھيا ويندا آهن. ھومر جي زندگي جا کوڙ تفصيل ڪلاسيڪي دؤر ۾ موجود ھيا جن مان سڀ کان وڌيڪَ مشھور ڳالھ اھا ھئي تہ اھو موجوده ترڪي جي علائقي اناطوليه جي وچ واري ساحلي خطي جي علائقي آيونيا سان تعلق رکندڙ انڌو قصاخوان سگھڙ ھيو. موجوده دور جي عالمن انھن ٻنھي داستانن کي افسانن ۾ شمار ڪيو آھي[2][3][4][5][6][7].

ھومر جو مجسمو[1]


ھومر ۽ ان جو رھبر نالي سان 1874ع ۾ تيار ڪيل وليم ايڊولف بئوگرو جي پينٽنگ

قديم يونان جو مشهور شاعر هومر جا لڳ ڀڳ 850 قبل مسيح ۾ زندهه هجڻ جا نشان ملن ٿا. ڪجهه اهل علم ان تاريخ کي 1200 ق م تائين ڊگهو ڪري وٺندا آهن. جرمني جي مشهور عالم فريڊريش آگسٽ وولف 1795ع ۾ هي خيال ظاهر ڪيو ته اليئڊ ۽ اوڊيسي جي مختلف حصن کي ڪيترن ئي ڳائڻ وارن شاعرن تصنيف ڪيو آهي. بعد ۾ انهن کي ايڊيٽر سهڙي ڪري ڪتابي صورت ڏني. هن جي لکيل نظمن کي جيڪي هيڏي هوڏي پکڙيل هئا، انهن کي سڀ کان پهريان اربستا ڪورس گڏ ڪيو. جيڪو ساموٿريس جو رهاڪو هو ۽ اسڪندريه ڪتب خاني جو نگران هو. 150 ق م ۾ ٻه ايڊيشن شايع ڪيائون هن جي ڪلام جو سڀني مهذب ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي.

ھومري سوال سنواريو

ڇا اوائلي رزميه شاهڪارن ايليڊ ۽ اوڊيسي جو جوڙيندڙ ڪو هڪ فرد هو يا هڪ کان وڌيڪ؟ هومري سوال (Homeric Question) سڏجندڙ انهيءَ مسئلي ڪلاسيڪي ادب جي عالمن کي صدين کان مونجھاري ۾ رکيو آهي[8]. جديد راءِ غالب طور انهي ڳالهه جي حق ۾ آهي ته يسوع مسيح کان اٺين يا نائين صدي قبل ۾ يوناني زبان ڳالهائيندڙ دنيا ۾ ڀٽن ۽ ڀانن جي گروه ۾ هومر نالي هڪ نمايان شاعر واقعي موجود هو. هو هڪ اهرو ڏات ڌڻي هو جنهن انهي آڳاٽي دور ۾ دستياب بيشمار گيتن جي مواد کي چونڊي، سوڌي سنواري هڪ سڳي ۾ پوئي ايليڊ ۽ اوڊيسي کي انهن جي موجوده شڪل ۾ پيش ڪيو[8].

حوالا سنواريو

  1. "Portrait Bust". The British Museum. 
  2. Wilson, Nigel (2013) (en ۾). Encyclopedia of Ancient Greece. Routledge. p. 366. ISBN 978-1136788000. https://books.google.com/books?id=8pXhAQAAQBAJ&pg=PA366. Retrieved 22 November 2016. 
  3. Romilly, Jacqueline de (1985) (en ۾). A Short History of Greek Literature. University of Chicago Press. p. 1. ISBN 978-0226143125. https://books.google.com/books?id=y_DTllltXBQC&pg=PA1. Retrieved 22 November 2016. 
  4. Graziosi, Barbara (2002) (en ۾). Inventing Homer: The Early Reception of Epic. Cambridge University Press. p. 15. ISBN 978-0521809665. https://books.google.com/books?id=vCHsh9QWzLYC&pg=PA15. Retrieved 22 November 2016. 
  5. Croally, Neil; Hyde, Roy (2011) (en ۾). Classical Literature: An Introduction. Routledge. p. 26. ISBN 978-1136736629. https://books.google.com/books?id=g-arAgAAQBAJ&pg=PA26. Retrieved 23 November 2016. 
  6. Hose, Martin; Schenker, David (2015) (en ۾). A Companion to Greek Literature. John Wiley & Sons. p. 445. ISBN 978-1118885956. https://books.google.com/books?id=DgBSCgAAQBAJ&pg=PA445. 
  7. Miller, D. Gary (2013) (en ۾). Ancient Greek Dialects and Early Authors: Introduction to the Dialect Mixture in Homer, with Notes on Lyric and Herodotus. Walter de Gruyter. p. 351. ISBN 978-1614512950. https://books.google.com/books?id=5vPnBQAAQBAJ&pg=PA351. Retrieved 23 November 2016. 
  8. 8.0 8.1 [1] ڪتاب جو نالو؛ هڪ سؤ عظيم ڪتاب؛ مصنف: محمد احمد منصور عباسي؛ ايڊيشن:2012ع؛ ڇپائيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو