شبير لاشاري (انگريزي:Shabir Lashari) سنڌ ۾ جنم وٺندڙسنڌي ٻولي جو شاعر، ڪلاڪار ۽ صحافي آھي.

شبير لاشاري

زندگي جو احوال سنواريو

شبير لاشاري جو پورو نالو غلام شبير پٽ الهيار لاشاري آهي. سندس جنم دادو ضلعو جي جوهي تعلقو جي ڪاڇو واري علائقي جي تاريخي شهر واهي پانڌي ويجهوڳوٺ دودو برهماڻي ۾ 1 اپريل 1988ع تي ٿيو.[1]

تعليم سنواريو

شبير پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول دودو برهماڻي مئٽرڪ هاءِ اسڪول واهي پانڌي، انٽر ڊگري ڪاليج جوهي ۽ گريجوئيشن استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو منجهان ڪئي.[1]

ادب ۽ شاعري سنواريو

شبير لاشاري شاعري جي شروعات 1998ع ۾ ڪئي. هن پهريان يامين غمگين ٻٻر ۽ بعد ۾ احمد خان مدهوش جي شاگردي ۾ علم عروض جي ڄاڻ حاصل ڪئي. سندس شاعري مختلف سنڌي رسالن نئين زندگي ، هالار، عبرت مئگزين، ڪاوش سنڊي مئگزين، عوامي آواز مئگزين نوجوانن جو آواز ۽ ٻين ڪيترين ئي اخبارن ۾ شاعري ڇپيل آهي ۽ ڇپندي رهي ٿي. هن 2000ع ۾ احمد خان مدهوش ۽ ٻين دوستن سان گڏجي سنڌي ادبي سنگت شاخ واهي پانڌي جو بنياد وڌو ۽ 2004ع ۾ گائڪ عبدالغفور جسڪاڻي کان باقاعدي راڳ جي سکيا ورتي. هن مختلف سنڌي اخبارن، سنڌ ٽي وي [2]۽ ٻين چئنلن ۾ صحافي طور ڪم ڪيو آهي.[1][3] هن اخبارن ۾ مختلف موضوعن تي مضمون پڻ لکيا آهن.[4]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 "Poets and writers". Aziz Kingrani. حاصل ڪيل 2020-06-18. 
  2. "سينيئر صحافي عطا راڄڙ گڙدن جي بيماري سبب وڇڙي ويو". روزاني مھراڻ (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2020-06-20. 
  3. "پارلياماني رپورٽرن پاران بائڪاٽ -" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-06-20. 
  4. dailyjeejal.com https://dailyjeejal.com/e-paper/2020-03-15/news/page4/1%20(12).htm. حاصل ڪيل 2020-06-18.  Missing or empty |title= (مدد)