سکر ايڪسپريس
سکر ايڪسپريس پاڪستان جي هڪ ايڪسپريس ٽرين آهي جيڪا ڪراچي ۽ جيڪب آباد جي وچ ۾ روزانو هلندي آهي۔ پهرين هي ٽرين ڪراچي ۽ سکر جي وچ ۾ هلندي هئي پر بعد ۾ هن جو روٽ جيڪب آباد تائين وڌايو ويو۔
هي ٽرين اڪانومي، ايئرڪنڊيشن لوئر ۽ ايئرڪنڊيشن سليپر ڪلاس گاڏن تي مشتمل آهي. هي ڪراچي کان جيڪب آباد تائين جو 560 ڪلوميٽر (350 ميل) فاصلو 11 ڪلاڪن ۽ 55 منٽن ۾ پورو ڪندي آهي۔
رستو
سنواريوڪراچي کان جيڪب آباد براسته حيدر آباد ۽ روهڙي
اسٽاپس
سنواريو- ڪراچي شهر
- ڪراچي ڇاوڻي
- ڊرگ ڪالوني
- لانڍي
- ڪوٽڙي جنڪشن
- حيدرآباد جنڪشن
- ٽنڊو آدم
- شهداد پور
- نوابشاهه
- پڊعيدن
- ڀريا روڊ
- لاکا روڊ
- محراب پور
- سيٺارجه
- راڻي پور
- گمبٽ
- خيرپور
- روهڙي جنڪشن
- سکر
- شڪارپور
- جيڪب آباد جنڪشن