يو سي 41 سيھڙ (انگريزي: U C 41 Seehar) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا ڏوڪري تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي ڏوڪري جي يو سي 5 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 12,593 آهي[1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ سيھڙ اسٽيشن ھڪ وڏو ڳوٺ آهي جيڪو دادو ضلعي واري حد لڳ واقع آهي ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ سيھڙ، چانڊيا، سيد، لاشاري، ڪانڌڙا، ميربحر، ڪولاچي ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ ڳوٺ گلشير چانڊيو، ڳوٺ سيھڙ اسٽيشن، ڳوٺ پير شاھ بخاري، ڳوٺ مصري سيھڙ، ديھ سيھڙ (آبادي 12,593) ۽ ٻيا شامل آهن. ھن يو سي جو ڳوٺ سيھڙ اسٽيشن سيھڙ ذات وارن ماڻهن جو ڳوٺ آھي جتي ريلوي اسٽيشن واقع آهي.

سيھڙ
يو سي 41 سيھڙ
يونين ڪاؤنسل
ڏوڪري تعلقي جي يو سي 5
سيھڙ is located in سنڌ
سيھڙ
سيھڙ
سيھڙ is located in Pakistan
سيھڙ
سيھڙ
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°14′48″N 67°59′23″E / 27.24667°N 67.98972°E / 27.24667; 67.98972مڪانيت: 27°14′48″N 67°59′23″E / 27.24667°N 67.98972°E / 27.24667; 67.98972
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو لاڙڪاڻو ضلعو
تعلقو ڏوڪري تعلقو
آبادي (2017)
 • ڪل 12,593

ڪائونسل سنواريو

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين محمد اسماعيل چانڊيو ۽ وائيس چيئرمين غلام عباس ميربحر چونڊجي آيا جن جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي سان ھيو[2]..ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ مصري سيھڙ جو غلام مصطفي سيھڙ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوار ھيو

تعليم ۽ صحت جون سهولتون سنواريو

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري, مڊل ۽ سيڪنڊري تعليم جي سھولت ميسر آهي. ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي. سيھڙ ڳوٺ ۾ ھڪ ڇوڪرن لاء ھاء اسڪول واقع آھن. صحت جي سھولتن لاء ھن يو سي ۾ ھڪ بنيادي صحت مرڪز سيھڙ اسٽيشن ڳوٺ ۾ واقع آهي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم سنواريو

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون سنواريو

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا سنواريو

  1. http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/bwpsr/sindh/LARKANA_BLOCKWISE.pdf
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/