سيوهڻ شريف تعلقو

ڄامشورو ضلعي جو تعلقو

سيوهڻ تعلقو (انگريزي: Sewhan Taluka) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي حيدرآباد ڊويزن جي ضلعي ڄامشوري جو هڪ تعلقو آهي ، جنھن جو صدرمقام سيوھڻ شھر آھي.

سيوھڻ تعلقو
تعلقو سيوھڻ
تعلقو
Taluka Sewhan
سنڌ جي نقشي ۾ ڄامشورو ضلعو نارنگي رنگ سان ڏيکاريل
سنڌ جي نقشي ۾ ڄامشورو ضلعو نارنگي رنگ سان ڏيکاريل
لال شھباز قلندر جي مزار
لال شھباز قلندر جي مزار
سيوھڻ تعلقو is located in سنڌ
سيوھڻ تعلقو
سيوھڻ تعلقو
سيوھڻ تعلقو is located in Pakistan
سيوھڻ تعلقو
سيوھڻ تعلقو
لال شھباز قلندر جي مزار
جاگرافي بيهڪ: Sewhan Taluka 26°25′N 67°52′E / 26.42°N 67.86°E / 26.42; 67.86
ملڪ  پاڪستان
صوبو  سنڌ
ضلعو ڄامشورو
حڪومت
 • صوبائي اسيمبلي جو ميمبر سيد مراد علي شاہ

سيوهڻ شريف تعلقو برطانوي راڄ ۾ اول ضلعي ڪراچي ۾ شامل هو. پوءِ 1931ع ۾ دادو ۾ شامل ڪيو ويو. 2004ع ۾ ضلعي ڄامشورو ۾ شامل ڪيو ويو. سيوهڻ شريف تعلقي ۾ ڪافي قديم آثار آهن. ڪائي ماٿري ۾ غارون، بُلو جي بُٺي ۽ زردشت مذهب جا دخمه به آهن ته نئيگ شريف ۾ لکمير جي ماڙي، قمبرعلي شاھ جو مقبرو ۽ ٻُڌمت جو ٺُلهه به آهي. منڇر ڪناري ٽِهڻي جو ماڳ به هن تعلقي ۾ آهي. اين جي مجمدار پنهنجي ڪتاب “ايڪسپلوريشن ان سنڌ” ۾ لکمير جي ماڙي ۽ ٽهڻي کي قديم ترين ماڳ قرار ڏنو آهي. سيوهڻ شريف تعلقي ۾ هر قسم جو فصل پوکيو وڃي ٿو.[1][2]

سيوهڻ ۽ شو ديوتا

سنواريو

اڳي سيوهڻ شو ديوتا جو مها مندر هو ، پاڪستان ٺھڻ کان پوءّ شو جو لنگم اتان هٽايو ويو ، اهو سيوهڻ تي سيوهڻ نالو شِوا جي نالي سان پيل آهي ، ”شو“ + ”واهڻ“ معنا شو مهان ديوتا جو ڳوٺ، آستانو يا آشرم ۔ ڌمال ۽ نغارا جيڪي وڄايا وڃن ٿا، اهي شو جي دهلڙي جو تسلسل آھن، اڄ به جتي به مندرن ۾ توهان ويندوءّ شو جي تصوير سان جيڪي ٻيا نانگ بلائون لٽڪيل هونديون اتي انهن سان گڏ دهلڙي جو نشان به ضرور هوندو.[3]

يونين ڪا‏ؤنسلون

سنواريو
سيوھڻ تعلقي جون يونين ڪاؤنسلون ۽ آبادي
نمبر يونين ڪائونسلون آبادي (1998) آبادي (2017)
1 يو.سي. سيوھڻ I
2 يو.سي. سيوھڻ II
3 يو.سي. چنا
4 يو.سي. دل
5 يو.سي. بوبڪ
6 يو. سي. ٽلٽي
7 يو.سي.ڀان
8 يو.سي. جھانگارا

سيوھڻ تعلقي ۾ ڪل 71 ديھون واقع آهن.

تعلقي جون ديھون[4]
# ديھ # ديھ # ديھ # ديھ
1 آباد 2 آڪري جاگير 3 آڪري ريئتي 4 اڪتر
5 ارضي 6 عربي 7 بڊو جبل 8 باغ يوسف
9 بئد 10 باجرا 11 بارڪي 12 ڀمڀا
13 ڀاڻ 14 ڀوتڙا 15 ڀونڍڙي 16 بلاولپور
17 ٻلھڻ 18 ٻلھڻي 19 بوبڪ 20 بختيارپور
21 چنا 22 ڇاڇ 23 ڇورلو 24 دل
25 دلھ 26 ڍنڍ ڪرمپور 27 دريديرو جاگير 28 دريديرو ريئتي
29 فاضلاڻي 30 ڳاھر 31 گمراڇ 32 جعفرآباد
33 جھيجا 34 جتوئي 35 جھنڊياڻي 36 جھانگارا
37 ڪڇي 38 ڪائي 39 ڪالو بروھي 40 ڪنڊي جبل
41 ڪرمپور 42 ڪارياڻي 43 کابروٺ جاگير 44 کابروٺ ريئتي
45 خيروديرو 46 ڪوٽ ٻاروچو 47 لاشاري 48 ماھيجي
49 مليرڙي 50 منھن مکري 51 سيوھڻ 52 نائنگ
53 نارپراڙي 54 نگھوال 55 پيرحسن 56 راڌوڪ
57 روھڙي 58 شاھ گورچ 59 شيخ 60 سعيدآباد
61 سلطانپور 62 سوپڙ 63 تلاباد جبل 64 ٽلٽي
65 ٽنڊو شھبازي 66 ٽيھڻي 67 ٺيڙھي جاگير 68 ٺيڙهي ريئتي
69 واھر 70 وانڇا 71 يعقوباڻي
  1. اين جي مجمدار، ايڪسپلوريشنس ان سنڌ، انڊس پبليڪيش ڪراچي، 1930ع
  2. عزيز ڪنگراڻي، سنڌ ٽُوئرزم: اين آڪيالاجيڪل جرني، ثقافت کاتو سنڌ، 12012ع
  3. سيوهڻ ۽ شو ديوتا | Indus Asia Online Blog, وقت 2021-09-22 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-05-17 
  4. resultsBoard of Revenue, Sindh [مئل ڳنڍڻو]