بڊو جبل
بڊو جبل، سيوهڻ کان اولهه طرف منڇر جي ڏکڻ ۾ ڀت ۽ لڪي جابلو سلسلي جي وچ ۾ آهي ۽ هن جبل جي سڀ کان اوچي چوٽي اٽڪل 3000 فٽ آهي. جبل جو هي سلسلو اتر ۾ نئنگ کان شروع ٿي. ڏاڦڙي جبل جي سڌ ۾ ختم ٿئي ٿو. ڏاڦڙو جبل رني ڪوٽ کان اولهه ۾، ۽ بڊو، ڏاڦڙي کان به اولهه طرف آهي. جيتوڻيڪ بڊي جي شروعات اتر ۾ نئنگ کان ٿئي ٿي، جتي گرم پاڻيءَ جو هڪ چشمو آهي، پر بڊي جون ننڍيون ننڍيون ٽڪريون، گاجي شاهه کان ئي شروع ٿي وڃن ٿيون، جيڪو مقام منڇر ڍنڍ جي اولهه ۾ آهي.[1]
تاريخ
سنواريوبڊو جبل، بنيادي طور تي ڀت جبل وانگر کيرٿر جبل جي هڪ اهم پاسراٽي آهي. هي جبل به ٽريشري (Tertiary) دور جو آهي. هتان لڀجندڙ (Fossils) پنڊ پهڻ ظاهر ڪن ٿا ته هتي ڪروڙِن سال اڳ مختلف وقتن تي سمنڊ، گپ ۽ خشڪيءَ جو راڄ هو. انهن پنڊ پهڻن ۾ سپيون، ڪوڏ، مڇيون، ڪڇون, وڻ، ٻوٽا ۽ خشڪيءَ جا ننڍا جانور شامل آهن.[1]
بڊو جبل، ريتيلي، پٿر، نباتات ۽ سامونڊي حياتيءَ، سميت ٻين معدني عنصرن جي گڏيل جوڙجڪ آهي ۽ ان ۾ گندرف جا به چڱا خاصا ذخيرا موجود آهن. اهو ئي سبب آهي، جو بڊي جبل ۾ گاجي شاهه، ڪائي ۽ نئنگ وارا گرم پاڻيءَ جا چشما موجود آهن. انساني اوسر تي تحقيق ڪندڙ اڪثر ماهر، ان تي متفق نظر اچن ٿا ته منڇر جي اولهه ڏکڻ وارو سنڌ جو هي ٽاڪرو علائقو، جيڪو کيرٿر، بڊي ۽ لڪي جبلن تي مشتمل آهي، موهن جي دڙي ۽ آمريءَ کان اڳ، انساني تهذيب جو آماجگاهه رهيو آهي. بڊو جبل، بيهڪ جي لحاظ کان ٺيڪ ان جاءِ تي آهي، جتي تاريخ کان اڳ واري زماني جون ٻه مکيه واٽون گڏجن ٿيون. انهن مان هڪ شاهراهه بڊي ۽ لڪي جبل جي وچ مان جهانگارن کان ڏکڻ طرف ڪرچات ۽ ٿاڻي بولا خان کان ٿيندي اڳتي ٿي وڃي، ٻي واٽ سيوهڻ ۽ جهانگرن وٽان ٿيندي ڪائي ۽ نئنگ وٽان لنگهي، لاهوت ۽ خضدار وٽان ٿيندي ايران طرف ٿي وڃي.[1]
ترقياتي رٿائون
سنواريوسنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير عبدالله شاهه جي دور ۾، بڊي جبل تائين باقاعده هڪ روڊ پهچايو ويو، جنهن بعد اتي وڏي پئماني تي عمارتون به ٺاهيون ويون هيون، محترمه سسئي پليجو جڏهن 2008ع جي چونڊن کان پوءِ اپريل 2008ع ۾ صوبائي وزير ثقافت ۽ سياحت بڻجي ته هن ”گورک هل ڊيولپمينٽ اٿارٽي“ ٺهرائي محترم عبدالقادر منگيءَ کي ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪرايو ۽ گورک هل جي ترقيءَ سان گڏ بڊي جبل تي قائم سياحتي رٿائن کي هٿ ۾ کنيو. ڪجهه وقت اڳ ثقافت کاتو ۽ سياحت کاتو ڌار ڪيا ويا ھئا ۽ بڊي ۽ گورک جبلن جون سياحتي رٿون سياحت کاتي جي ان وقت جي وزير شازيه عطا مري جي ترجيح هيٺ ھيون.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ 1.0 1.1 1.2 1.3 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.