آراضي
آراضي تعلقي سيوھڻ، ضلعي دادوءَ ۾ ھڪ ڳوٺ آھي.
ھن ڳوٺ جي آبادي 2000 کان وڌيڪ آھي. ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا ڌار ڌار پرائمري، ھاءِاسڪول ۽ صحت مرڪز بہ اتي آھن. ھن ڳوٺ جو پريو مڙس سيد جيئندل شاھ ھاڪارو زميندار ٿي گذريو آھي. سندس فرزند مرحوم سيد ڪوڙل شاھ سنڌ اسيمبليءَ جو رڪن ۽ جيلن جو وزير بہ رھي چڪو آھي. ڊاڪٽر خان محمد پنھور، ڳوٺ سڌار سنگت جو باني ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ صحافت شعبي جو باني ۽ پھريون چيئرمئن بہ ھن ڳوٺ جو رھاڪو ھو. ھن ڳوٺ ۾ وڏا تعليمي ماھر ۽ سرڪاري ڪامورا پيدا ٿيا آھن.[1]