سيم: (انگريزي: Lablab ) چئونري جي ذات مان آهي. هندستانيءَ ۾ ته چئونري کي سيم چوندا آهن، پر هن وڏي قسم کي مَکن سيم سڏيندا آهن. هن جي ڦري وڏي، موڪري، ترار وانگي ٿيندي آهي ۽ اڪثر نو انچ ڊگهي، انچ سوا ويڪري ٿيندي آهي. ڏسڻ ۾ ٿلهي ۽ سخت آهي، مگر جڏهن وڍي ٽڪر ٽڪر ڪري اُٻاربي آهي، تڏهن تمام نرم ۽ لذيذ ٿيندي آهي. هيءَ ول وانگي وڏن وڏن وڻن تي چڙهي ويندي آهي. هيءَ جون ۾ پوکبي آهي.

سيم
ميوو
سائنسي درجا بندي
ڪنگڊم: ٻوٽو
(unranked): اينجيوسپرمس
(unranked): ايوڊيڪاٽس
(unranked): روسڊس
ترتيب: روساليز
خاندان: فبيشيا
ذيلي خاندان: فبوئاڊيا
نسل: ليبليب
جنس: ايل.پرپريس
حياتياتي نالو
ليبليب پرپريس
(ايل.) سويٽ
هم معنيٰ[1]

ڊوليڪاس ليبليب L.
Dolichos purpureus L.
Lablab niger Medikus
Lablab lablab (L.) Lyons
Lablab vulgaris (L.) Savi
Vigna aristata Piper

Hyacinth-beans, immature seeds, prepared
Nutritional value per 100 g (3.5 oz)
توانائي 209 kJ (50 kcal)
9.2 g
0.27 g
2.95 g
وٽامن Quantity
%DV
[[ٿيامن | (B1)]]
5%
0.056 mg
[[Riboflavin|Riboflavin (B2)]]
7%
0.088 mg
[[Niacin|Niacin (B3)]]
3%
0.48 mg
[[Folate|Folate (B9)]]
12%
47 μg
Vitamin C
6%
5.1 mg
معدنيات Quantity
%DV
ڪيلشيم
4%
41 mg
فولاد
6%
0.76 mg
ميگنيشيم
12%
42 mg
ميگنيز
10%
0.21 mg
فاسفورس
7%
49 mg
پوٽيشيم
6%
262 mg
جست
4%
0.38 mg

Link to USDA Database entry
Cooked, boiled, drained, without salt
Percentages are roughly approximated using US recommendations for adults.
Source: USDA Nutrient Database

سيم جا به گهڻا قسم آهن. ڪن جا گل توڙي ٻج ڳاڙها ٿيندا آهن. ڪن جا گل اَڇا ۽ ٻج ڳاڙها. ڪن جا گل توڙي ٻج اَڇا. ڪن جون ته ڦريون ٻه فوٽ ڊگهيون به ٿينديون آهن.

هنن قسمن مان هندستانيءَ ۾ ڪنهن کي ”کماچ“ ، ڪنهن کي ”بَربطي“ ۽ ”لوبيا“، ڪنهن کي ”پنچ سيم“ ، ڪنهن کي ”چار ڪوني سيم“ چوندا آهن.[2]

حوالا سنواريو

  1. Lablab purpureus at Multilingual taxonomic information from the University of Melbourne
  2. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو