اوهان ڏٺو هوندو ته، ڪي ڪي ماڻهو بنهه سنهڙا ۽ سُڪڙا هوندا آهن، پر ڪي ماڻهو وري ٿلها متارا ٿيندا آهن. ٿلهن متارن ماڻهن جي جسم ۾ چرٻي گهڻي هوند آهي،چرٻيءَ جي گهڻي مقدار جي ڪري ئي ماڻهوءَ جو جسم ٿلهو متارو ٿيندو آهي، هونءَ ته، جسم لاءِ چرٻيءَ جو مناسب مقدار ڏاڍو ضروري آهي ۽ چرٻي اسان جي جسم جو اهم جزو آهي، جسم جي ڪيترن ئي ڪمن لاءِ چرٻي ضروري آهي. جهڙوڪ : کاڌي جي ذخيري لاءِ : جسم ۾ کاڌو ذخيرو ڪرڻ جو عمل چرٻيءَ جي صورت ۾ ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ ته چرٻي سٺن ٻارڻن مان هڪ ٻارڻ آهي، اسان جي جسم جو روزانو عام ٻارڻ کنڊ (Sugar) آهي، جنهن کي اسين نشاستي (Starch) مان حاصل ڪندا آهيون، کنڊ ڏاڍي سولائي سان ٻارڻ طور روزآي جي ڪمن ۾ استعمال ٿي ويندي آهي، اسان جي ضرورت جي 50 سيڪڙو ضرورت ۽ توانائي اسان کي کاڌي جي کنڊ مان حاصل ٿيندي آهي. پر چرٻي ٿورو ڏکيائي سان استعمال ٿيندي آهي، پر کنڊ جي برابر مقدار جي مقابلي ۾ ٻيڻي توانائي رکي ٿي، کنڊ جي هڪ گرام مان چار ڪئلري توانائي حاصل ٿيندي آهي ۽ چرٻيءَ جي هڪ گرام مان 9 ڪئلري توانائي حاصل ٿيندي آهي، انهيءَ ڪري جسم ۾ کاڌي جي ذخيري طور چرٻي ضرور آهي، جڏهن اسين پنهنجي جسم جي ضرورت کان تمام گهڻو گهٽ کاڌو کائيندا آهيون ته، ذخيرو ٿيل چرٻي استعمال ٿيڻ لڳندي آهي، اسان جي ضرورت جي 35 سيڪڙو ضرورت ۽ توانائي اسان کي چرٻيءَ مان حاصل ٿيندي آهي.

چرٻي هڪ نرم مادوآهي، جيڪو پاڻي صاف ڪرڻ طور ڪم ڪندو آهي ۽ مشڪن جي وچ ۾ ڄرٻيءَ جي گهرڙن جي موجودگي ان کي نرم ۽ ٿلهو بڻائي ٿي ۽ اسان ان تي آرام سان ويهي سگهون ٿا، پيرن جي ترين ۾ ان جي موجودگيءَ جي ڪري اسان جو اڀو بيهڻ، هلڻ گهمڻ آسان ٿي پوي ٿو. هٿن جي ترين ۾ اها هٿن کي نرم رکي ٿي، چرٻيءَ جا گهرڙا گول مٽول چرٻيءَ سان ڀريل ڦوڪڻن وانگر هوندا آهن، جن کي دٻائي نٿو سگهجي، جسم ۾ چرٻيءَ جي موجودگي جسم کي نرمائي ۽ سڻڀائي ڏئي ٿي. چرٻيءَ جو ٽيون ڪم جسم جي گرميءَ جي درجي کي برابر رکڻ آهي. هي هڪ روڪيندڙ يا وچ ۾ ايندڙ مادو آهي، جنهن جي ڪري اسان جي جسم ۾ گرميءَ جو درجو برقرار رهي ٿو.

عام مرداڻي جسم ۾ تقريباََ 10 سيڪڙو ۽ عام عورتن جي جسم ۾ تقريبن 23 في سيڪرو چرٻي هوندي آهي، جسم جي ڪجهه حصن ۾ چرٻي گڏ ٿيڻ جو عمل وڌيڪ هوندو آهي، ڪن جاين تي گهٽ گڏ ٿيندي آهي، مثال طور: ڪن، نڪ، مٿي ۽ سَنڌَن تي چرٻيءَ جا گهرڙا ناهن هوندا يا وري تمام گهٽ ٿيندا آهن.

جسم ۾ چرٻيءَ جي گهڻائي صحت لاءِ نقصانڪار آهي ۽ گهڻين ئي بيمارين جو ڪارڻ بڻجي ٿي، جهڙوڪ : ٿلهن ماڻهن ۾ مٺن پيشابن، دل جون بيماريون ۽ بلڊ پريشر پيدا ڪندي آهي. [1] [2]

نالا: عربی: شحم، فارسی: پيه، هندی، اردو: چربي، صاره، گواد ۽ طرق سيمين. اثر: گرم تر نقصان ۽ ميل: عيوض: زيتون جو تيل، وزن: قدر موافق. سڃاڻپ: جانورن ۾ گوشت سان گڏ ٿيندي آهي، هر ڪنهن جانور جي چرٻي جو اثر جدا جدا آهي. خاصيت: رڇ، شينهن، بگهڙ ۽ سوئر جي چربي ٻنڌين ۽ نبضن جي ڍرائي لاهي انهن کي طاقت ڏئي، آلت تي هن جي مالش، آلت کي تقويت ڏئي ۽ طرفين جي لذت لاءِ مجرب آهي. سنڌن جي سور، عضون جي استرخاءِ، فالـج، گنج ۽ وار چري تي هن جي مالش مفيد آهي. زبان ۽ رحم جي بيمارين کي فائدو ڏئي ٿي، سخت سوڄ کي لاهي ٿي.[3]

  1. Sindhi Adabi Board Online Library (Science_n_Tech)
  2. ڪتاب: ٻالڪ سائنسي انسائيڪلو پيڊيا
  3. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو