سيد متو يا سيد متو شاھ ، سعيد متو (انگريزي: Syed Mato) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ٽنڊو محمد خان جي تعلقي بلڙي شاھ ڪريم جي ھڪ يونين ڪاؤنسل وارو شھر آھي. ان جو پورو نالو يو سي 11 سيد متو آھي. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ چار وارڊ آھن جن مان 4 جنرل ڪائونسلر چونڊبا آھن ۽ ھڪ ضلعي ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو آھي جيڪو ضلعي ڪائونسل ۾ يونين ڪاؤنسل جي نمائندگي ڪندو آهي. يونين ڪاؤنسل جا چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين پڻ سڌي چونڊ ذريعي عھدو سنٻاليندا آھن. ھن يو سي ۾ سٺيا، ڪولھي، شيدي، سولنگي ۽ ٻين ذاتين جا ماڻهو رهن ٿا.

سيد متو
سعيد متو
سنڌ جي يونين ڪاؤنسل
Syed Mato
فائل:HeaderSyedMattoShah.jpg
سيد متو is located in سنڌ
سيد متو
سيد متو
سيد متو is located in Pakistan
سيد متو
سيد متو
جاگرافي بيهڪ: 25°02′53″N 68°25′37″E / 25.04806°N 68.42694°E / 25.04806; 68.42694مڪانيت: 25°02′53″N 68°25′37″E / 25.04806°N 68.42694°E / 25.04806; 68.42694
ملڪ  پاڪستان
صوبو  سنڌ
ضلعو ٽنڊو محمد خان

صحت سنواريو

ھتي جي ماڻھن کي چويھ ڪلاڪ صحت جي سھولت لاء سرڪار پاران ھڪ بيسڪ هيلٿ يونٽ ڪم ڪري ٿو.

مشھور شخصيتون سنواريو

سيد متو شاھ ۾ اميد علي سٺيو نالي ھڪ ليکڪ پڻ رھي ٿو جيڪو پيشي جي لحاظ کان استاد آهي جنهن ٽي ڪتاب: (1) سٺيا ذات (2) سيد پريل شاھ ڏاڏا سائين جو تاريخي ۽ شجرائتي احوال ۽ (3) سنڌ جا ڪجهه اھم شھر لکيا آهن ۽ يو سي اندر تعليمي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن.