سيتا ديوي (اداڪارڻ)

هندستاني اداڪار (1912-کان 1983 تائين)

سیتا دیوی (انگريزي ٻولي: Seeta Devi) (اصل نالو: ريني سمٿ) ڀارتي سينيما ۾ (خاموش فلم) جي شروعاتي زمانو جي اداڪارڻ هئي. سيتا ديوي اينگلو انڊين هئي.۔[1] کيس بالي وود جي زمانو ۾ ڪيتريون ئي مشهور اداڪارڻين ۾ ڳڻيو ويندو آهي. کيس بيبو، درگا کوٺي، ديويکا راڻي ۽ سبيتا ديوي جهڙين اداڪارڻين جي صف ۾ شامل ڪيو ويندو آهي.[2]

پنهنجي پهرئين فلم پريم سنياس ۾ سيتا ديوي)

فلمي سفر (ڪيئرير) سنواريو

هيمانشو راوائي سيتا ديوي کي پهريون دفعو فلم رپيم سنياس (فلم) ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏنو هيو. پنهنجي پهرئين ئي فلم سان هي رات وچ۾ مشهور ٿي وئي، هيءَ انگريزي ۾ دي ليئٽ آف ايشيا جي نالون سان ريليز ٿي هئي ۽ انهيءَ نالو سان اها فلم مشهور آهي. تنهنکانپوءِ هن مدن ٿيٽر جي بينر هيٺ پڻ ڪم ڪيو هيو.

هن باليووڊ کي ٽي مشهور فلمون ڏنيون هيون، جن جا نالا هي آهن، دي لائٹ آف ايشيا، شيراز ۽ پرپنچ پش انهن ۾ شامل آهن. اهي ٽئي فلمون جرمن هدايتڪار فرانز اوسٽين جي تعاون سان ٺاهيون ويون هيون. انکانسواءِ ڀارتي نسل جو پروڊيوسر ۽ اداڪار همانشو راج پڻ انهن فلمن ۾ پنهنجو تعاون ڪيو هيو ۽ باواريا جي ڪمپني ايميلکا پڻ ان ۾ شامل هئي.[3] اهي ٽئي فلمون الڳ الڳ مذهب مڃيندڙ هيا ۽ انهيءَ لاءِ الڳ الڳ مذهبن تي ٻڌل فلمون ٺاهيون ويون. مثال طور دي لائٽ آف ايشيا گوتم ٻڌ جي زندگی تي ٺهيل هئي. شيراز تاج محل جي اڏاوت تي ٺاهي وئي هئي ۽ پرپنچ پش جنهن کي انگريزي ۾ نالو اي ٿرو آف ڊائز سان سڃاتو ويندو آهي، مهاڀارت جي ڪهاڻين تي ٻڌل فلم آهي.انهن تنهين فلمن ۾ سيتا ديوي اهم ڪردار نڀايو هيو. سيتا ديوي جون 3 ٻيون مشهور فلمون هيئن آهن درگيش نندني، ڪپال ڪونڊلا ۽ ڪرشن ڪنٽر جو نالو ورتو ويندو آهي، جيڪي بنڪم چٽرجي جي ناولن تي ٺاهيون ويون هيون.

ڪيترن ئي فلمي ماهرن جو مڃڻ آهي تہ ريني سمٿ ۽ ان جي ڀيڻ پيرسي سمٿ واري واري سان سيتا ديوي نالو سان ڪم ڪنديون هيون.[1][4]

فلمون سنواريو

هن جي فلمن ۾ 1925 جي پريم سنياس (جرمن نالو ڊائي لوشت ايشيانس)، (انگريزي نالو: دي لائٽ آف ايشيا)، 1926 ۾ ڪرشن ڪنڙ ول۔ 1927 ۾ درگيش نندني، 1928 ۾ شيراز، 1928 ۾ سارلا، 1928 ۾ انارڪلي، 1928 ۾ ڀرنتري قابل ذڪر فلمون آهن.

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 Hansen, Kathryn (29 آگسٽ 1998). "Stri Bhumika: Female Impersonators and Actresses on the Parsi Stage". Economic and Political Weekly 33 (35). 
  2. Ashok Raj (1 November 2009). Hero Vol.1. Hay House, Inc. pp. 37–. ISBN 978-93-81398-02-9. https://books.google.com/books?id=tgo9BAAAQBAJ&pg=PT37. Retrieved 30 August 2015. 
  3. "Indian Films and Western Audiences"، an article by Jerzy Toeplitz, from Unesco website
  4. A slideshow from Hindustan Times website آرڪائيو ڪيا ويا 2008-05-23 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.

باهريان ڳنڍڻا سنواريو