سبيتا ديوي
سبيتا ديوي (انگريزي ٻولي: Sabita Devi) (سال 1914 کان 1965 تائين)[1] ڀارتي سينيما جي مُنڍ واري دور جي هڪ اداڪارڻ رهي آهي. کيس بالي ووڊ جي شروع وارو زمانو جي ڪجھہ مشهور اداڪارڻين ۾ ڳڻيو ويندو آهي. کيس بيبو، درگا کوٽي، ديويڪا راڻي ۽ سيتا ديوي جهڙين اداڪارڻين جي صف ۾ شامل ڪيو ويندو آهي.[2] هوءَ اصل يهودي هئي پر بالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ جي لاءِ هن پنهنجو نالو مَٽايو هيو.[3] انهيءَ طرح ٻين اداڪارڻين پڻ ائين ڪيو هيو جهڙوڪ روبي ميئر سلوچنا بڻجي وئي هئي، ريني سمٿ سيتا ديوي بڻجي وئي، بيرل ڪلاسين ماڌوري نالو رکيو هيو ۽ ايرين ڊينيل منورما (اداڪارڻ) نالو رکيو هيو.[4][5] پهرئين هيءَ ڪولڪاتا ۾ ڌيريندر ناٿ گنگولي سان گڏ ڪم ڪندي هئي پوءِ ممبئي ڏانهن منتقل ٿي وئي ۽ ساگر مووي ٽون سان گڏ ڪم ڪرڻ سورع ڪيائين. سندس فلمن۾ ساٿي اداڪار گهڻي ريت موتي لال هوندو هيو. موتي لال سان گڏ سندس ٻہ فلمون: 1935 ۾ ڊاڪٽر مڌوريکا ۽ 1937 ۾ ڪلوڌو مشهور ٿيون هيون.[6] انهن ڏهاڙن ۾ سندس پهرئين فلم 1934 ۾ ڪالا جادو هئي جيڪا موتي لال جي پهرئين فلم پڻ هئي.[7]
گهرڀاتي
سنواريوسبيتا ديوي جو جنم هڪ يهودي خاندان ۾ ٿيو هيو. سندس پيءُ پيرسي اوسبورن گيسپر هيو، جنهن جو موت 1938 ۾ بامٻائي (بمبئي، ممبئي) ۾ ٿيو هيو.[8] سندس امڙ هن جي تربيت ڪئي جيڪا پوءِ سندس دوست ۽ ساٿيءَ وانگر بڻجي وئي هئي. سبيتا ديوي جو اصل نالو آئرس موڊي گيسپر هيو.
ڪيريئر
سنواريوسبيتا ديوي جي پهرئين ڪامانير آگون (انگريزي نالو: فليمس آف دي فليش) هئي، جنهنکي ڌيريندر ناٿ گنگولي ڪولتڪا 1930 ۾ پروڊيوس ڪيو هيو. هدايتڪاري جا فرض دنيش رنجن داس پاران نڀايا ويا هيا.
1931 ۾ سبيتا اپراڌي (دي ڪلپرٽ) فلم بڻائي جنهن کي ديبڪي بوس لکيو هيو ۽ ڊائريڪٽ ڪيو هيو. ان ۾ سبيتا سميت پي سي بروا ۽ ڀانو بنرجي اداڪاري ڪئي هيئ.
1940 ۾ هن پرٿوي راج ڪپورسان گڏ سجني فلم ٺاهي هئي جيڪا سندس پهريئن سماجي فلم هئي جنهنکي سوداما پڪچرز پروڊيوس ڪيو هيو. انهيءَ سال هن جي چنگاري فلم آئي جنهن ۾ پرٿوي راج ڪپور کانسواءِ سرووتم بادامي پڻ ڪم ڪيو هيو. اها هڪ روماني فلم هئي جنهنکي فلم جرنلسٽ آف انڊيا اعزاز جي لاءِ پڻ نامزد ڪيو ويو هيو.[9]
حوالا
سنواريو- ↑ "Sabita Devi". muvyz.com. Muvyz, Ltd. حاصل ڪيل 1 سيپٽمبر 2015. Check date values in:
|access-date=
(مدد) - ↑ Ashok Raj (1 نومبر 2009). Hero Vol.1. Hay House, Inc. pp. 37–. ISBN 978-93-81398-02-9. https://books.google.com/books?id=tgo9BAAAQBAJ&pg=PT37. Retrieved 30 آگسٽ 2015.
- ↑ Patel, Baburao (ڊسمبر 1937). "India Has No Stars". Filmindia 3 (8): 5. https://archive.org/stream/filmindia19373803unse#page/n15/mode/2up. Retrieved 2 سيپٽمبر 2015.
- ↑ Hymns Ancient & Modern Ltd (اپريل 1982). "Religion Has Shaped Indian Films". ThirdWay. 4. 5. Hymns Ancient & Modern Ltd. pp. 6–. https://books.google.com/books?id=G6ZUFNi6Js8C&pg=PA6. Retrieved 30 آگسٽ 2015.
- ↑ The Modern Girl around the World Research Group; Alys Eve Weinbaum; Lynn M. Thomas; Priti Ramamurthy; Uta G. Poiger; Madeleine Yue Dong; Tani E. Barlow (3 ڊسمبر 2008). The Modern Girl Around the World: Consumption, Modernity, and Globalization. Duke University Press. pp. 162–. ISBN 0-8223-8919-3. https://books.google.com/books?id=BxQxkiBqXrsC&pg=PA162. Retrieved 30 آگسٽ 2015.
- ↑ Subodh Kapoor (2002). The Indian Encyclopaedia: Meya-National Congress. Cosmo Publications. pp. 4933–. ISBN 978-81-7755-273-7. https://books.google.com/books?id=ncL8Ve9FqNwC&pg=PA4933. Retrieved 30 آگسٽ 2015.
- ↑ Gulazāra; Saibal Chatterjee (2003). "Motilal". Encyclopaedia of Hindi Cinema. Popular Prakashan. pp. 615–. ISBN 978-81-7991-066-5. https://books.google.com/books?id=8y8vN9A14nkC&pg=PT615. Retrieved 30 آگسٽ 2015.
- ↑ Patel, Baburao (ڊسمبر 1938). "Notes And News". Filmindia 4 (8): 36. https://archive.org/stream/filmindia193804unse#page/n369/mode/2up/search/Sabita. Retrieved 2 سيپٽمبر 2015.
- ↑ Patel, Baburao (جون 1940). "Don't Miss These". Filmindia 6 (6): 12. https://archive.org/stream/filmindia194006unse#page/n335/mode/2up. Retrieved 30 آگسٽ 2015.