بيبو( 1906–1972)[1] هندي ۽ اردو فلمن ۾ ڪم ڪندڙ ڳائڻي (گلوڪار) اداڪارا هئي. 1933 کان 1947 تائين هن ڀارتي سينيما گهر جي فلمن ۾ ڪم ڪيو. 1947 ۾ هندستان جو ورهاڱو کانپوءِ هيءَ پاڪستان ڏانهن لڏپلاڻ ڪري وئي. هن پنهنجي اداڪاري جو ڪيريئر اجنتا سينيٽون لميٽڊ سان شروع ڪيو. 1933 ۾ ايم ڊي ڀاونني ۽ اي پي ڪپور جهڙن ڊائريڪٽرن سان ڪم ڪيائين. هيءَ 1930 جي اونچي درجي جي مرڪزي ڪردار ادا ڪندڙ اداڪارا جهڙوڪ ديويڪا راڻي، درڳا کوٽي، سلوچنا (روبي مائزر)، مھتاب شانتا ايتي، سبيتا ديوي، ليلا ديسائي ۽ نسيم بانو منجھان ھڪ ھئي. کيس 1930 ۽ 1940 جي ڏھاڪو جي ڏھاڪو ۾ سڀ کان اھم ۽ مقبوليت ماڻيل اداڪار اسٽار سڏيو ويندو ھيو. سندس سڀ کان وڌيڪ شھرت جو سبب 1939 ۾ ھڪ گانو جا ٻول بڻيا جيڪي فلم غريب ڪي لعل فلم منجھان ھيا، جيڪي ڪملا ڪرانتي ۽ مرزا شرف ڳايا ھيا. ان جي موسيقي صغير آصف ڏني ۽ ٻول رفي ڪشميري لکيا ھيا. تجھي بيبو ڪھون يا سلوچنا جتي سلوچنا کي ھڪ ٻيو مقبول اداڪارا طور سمجھيو ويندو ھيو. ائين پھريون ڀيرو ٿيو ھيو تھ مشھور اداڪارڻين جو نالو ڪنھن گاني ۾ استعمال ڪيو ويو ھيو. ۽ اھو ماڻھن ۾ ڏاڍو مشھور ٿيو. بيبو ڀارتي سينيما جي تاريخ ۾ پھرئين ناري ميوزڪ ڪمپوزر ھئي. 1939 ۾ عدل جھانگير جي لاءِ ھن موسيقي جي رچنا ڪئي ھئي. ھڪ سال اڳ، اداڪارا نرگس جي ماءُ جددان ٻائي تلاش حق فلم جي موسيقي ٺاھي ھئي، 1937 ۾ ھوءَ ٻئي فلم ڪازڪ جي موسيقي جي لاءِ پڻ ڊائريڪٽر ھئي. ھن ماسٽر نثار، سريندرا ۽ ڪمار جھڙن اداڪارَن سان گڏجي ڪم ڪيو ھيو. انھن اداڪاران سان گڏ سندس ڪم جا لاڳاپا گھڻا مشھور ھيا. ۽ سندس فلمي جوڙي کي سريندرا سان گڏ ڏاڍو پسند ڪيو ويندو ھيو. انھيءَ جوڙي ڪيتريون ئي سُپرھِٽ فلمون ڏنيون، جن ۾ 1936 جي منموھن، 1937 ۾ جاگيردار، گراما فون سنگر، ۽ ڊائنامائيٽ 1938 ۾ ۽ صرف عورت 1939 شامل آھن. بيبو جي زندگيءَ جا پڇاڙيءَ وارا ڏينھن ڏاڍا ھيڻائي، لاچاري ۽ غربت سان وڙھڻ جي جاکوڙ ۾ گذريا. 25 مئي 1972 تي سندس وفات ٿي وئي.

بيبو
Bibbo
پيدائش عشرت سلطانہ
سال 1906
دهلي، برطانوي هندستان جا صوبا ۽ پرڳڻا
وفات سال 1972
ڪراچي، سنڌ، پاڪستان
وفات جو ڪارڻ تپ دق
مدفن ڪراچي
پيشو اداڪار، ناٽڪڻ
سَرگَرمُ سالَ 1933–1947, 1950–1968
مذھب اسلام
جيون ساٿي خليل سردار

حوالا سنواريو

  1. "Bibbo". muvyz.com. Muvyz, Ltd. وقت 25 ڊسمبر 2018 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 27 July 2015.  Check date values in: |archive-date= (مدد)

ٻاھريان ڳنڍڻا سنواريو