'سوچيتا ڪرپلاڻي (انگريزي: Sucheta Kriplani) (شادي کان اڳ: مجُمدار، 25 جون، 1908ع[1] – پھرين ڊسمبر 1974ع[2][3]) ھڪ ڀارت جي آزاديءَ جي مجاھد ۽ سياست دان ھئي. ھو ڀارت جي پهرين عورت وڏي وزير ھئي. ھن 1963ع کان 1967ع جي وچ ۾ اتر پرديش ۾ حڪومت جي اڳواڻي ڪئي ھئي.

سوچيتا ڪرپلاڻي
فائل:Sucheta Kriplani.jpg
سوچيتا ڪرپلاڻي
چوٿين اتر پرديش جي وڏي وزير
عهدو سنڀاليو
2 آڪٽوبر 1963ع – 13 مارچ 1967ع
پيشرو چندرا ڀانو گپتا
جانشين چندرا ڀانو گپتا
ذاتي تفصيل
پيدائش 25 جون 1908ع
امباله، پنجاب، برطانوي هند
وفات پھرين ڊسمبر 1974ع (عمر 66)
سياسي جماعت ڪانگريس
جيون ساٿي آچاريه ڪرپلاڻي

ابتدائي زندگي سنواريو

سوچيتا جي پيدائش امباله، پنجاب (ھاڻي هرياڻه ۾) ھڪ بنگالي برهمو خاندان ۾ ٿي. هن اندراپرسٿ ڪاليج [4] ۽ پنجاب يونيورسٽي مان تعليم مڪمل ڪئي. ھو بنارس هندو يونيورسٽي ۾ دستوري تاريخ جي پروفيسر بڻي.[5] 1936ع ۾ ھن آچاريه ڪرپلاڻي سان شادي ڪئي جيڪو ھن کان ويھ سال وڏو ھيو ۽ انڊين نيشنل ڪانگريس جو قائد ھيو. ھن شادي سان ٻئي خاندانن ۽ خود موهن داس گانڌي ناخوش ھيو، حالانڪه ھو بعد ۾ پنھنجي موقف تان پوئتي ٿي ويا.[6]

تحريڪ آزادي ۽ آزادي جو دور سنواريو

پننجي معاصر ارونا آصف علي ۽ اوشا مهتا وانگر هندستان ڇڏيو تحريڪ ۾ اڳ اڳري ھئي. بعد ۾ مهاتما گانڌي سان ويجھڙي هندستان جي ورھاست جي دوران ٿي فرقه واراڻه دنگن کي بند ڪرڻ جو ڪام ڪيو ۽ گانڌي جيي مصاحبت ۾ نواکالي ضلعي جو 1946ع ۾ دورو ڪيو. ھو دستورساز مجلس جي لاءِ چونڊيل ڪجهه عورتن ما ھڪ ھئي. 14 آگسٽ 1947ع جي ڏينھنن هن دستورساز مجلس جي افتتاحي اجلاس ۾ وندي ماترم گايو، جنھن جي فوراََ بعد جواهر لال نهرو پنھنجي مشهور ٽريسٽ ويڌ ڊيسٽيني تقرير ڪئي.[7] ھو آل انڊيا مهيلا ڪانگريس جي باني به ھئي جيڪا 1940ع ۾ وجود ۾ آئي.

آزاديءَ کان پوءِ سنواريو

 
ڪرپلاڻي الا لنڊسٽرام، باربرا ڪاسٽل، ڪيرين ولسن ۽ ايلينور روزويلٽ سان گڏ 1949ع ۾.

آزادي کانپوءِ سوچيتا ڪرپلاڻي سياست سان ڳنڍيل رهي. پهرين لوڪ سڀا چونڊون 1952ع ۾ ھو نئي دهلي مان ڪي ايم پي پي ٽڪٽ تي وڙھي جيڪا ان جي مڙس جي قائم مختصر مدت جي جماعت ھئي جنھن جي پوئين سال تاسيس ٿي ھئي. ھو ڪانگريس اميدوار منموهني سهگل ڪي شڪست ڏئي ڪري ڪامياب ٿي. پنجن سالن کانپوءِ، ھو انئي حلقي مان ٻيپھر چونڊي وئي، پر ھن ڀيري ھڪ ڪانگريسي اميدوار جي طور تي.[8] ھو لوڪ سڀا جي لاءِ ھڪ آخري ڀيرو 1967ع ۾ گونڊ حلقي مان اترپرديش ۾ منتخب چونڊي وئي.

ان وقت ھو اتر پرديش قانون ساز اسيمبلي جي رڪن بڻجي چڪي ھئي. 1960ع کان 1963ع تائين سوچيتا وزير براءِ مزدوري، سماجي بهبود ۽ صنعت، اتر پرديش حڪومت بڻي.[5] آڪٽوبر 1963ع ۾ ھو اتر پرديش جي وڏي وزير بڻي. ھي ڀارت جي پھرين عورت ھئي جيڪا ھي مقام ڪنهن ڀارتي رياست جي لاءِ رکندي ھجي. ان جي دور جي خصوصيت ملازمن جي هڙتال کي سختي سان نبرڻ ھو. رياستي ملازمن جي طرفان پهرين بار ٿيڻ وارو هڙتال 62 ڏينھن تائين سوچيتا جي دور ۾ ئي ٿي. ھن نرمي صرف ان وقت ڏيکاري جڏھن هڙتالي ملازمن جي اڳواڻن مصالحت جي لاءِ راضي ٿي. ھو ھڪ سخت گير منتظم جي طور تي پنھنجي شهرت کي برقرار رکندي اجرتن ۾ واڌاري جي مطالبي کي ٺڪرائي ڇڏيو.

ھو سياست کان 1971ع ۾ ڪناره ڪشي اختيار ڪئي ۽ 1974ع ۾ پنھنجي وفات تائين زاويه نشيني جي زندگي جيئندي رھي.

حوالا سنواريو

  1. S K Sharma, Eminent Indian Freedom Fighters, Anmol Publications PVT. LTD., صفحو. 560, ISBN 978-81-261-1890-8 [مئل ڳنڍڻو]
  2. http://www.sandesh.org/Story_detail.asp?pageID=1&id=48
  3. آرڪائيو ڪاپي, وقت 2012-05-02 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-05-26 
  4. "Vital statistics of colleges that figure among India's top rankers". India Today. 21 May 2001. http://indiatoday.intoday.in/story/vital-statistics-of-colleges-that-figure-among-indias-top-rankers/1/233619.html. 
  5. 5.0 5.1 "Kripalani, Shrimati Sucheta". Lok Sabha. حاصل ڪيل 2012-06-06. 
  6. Usha Thakkar, Jayshree Mehta (2011). Understanding Gandhi: Gandhians in Conversation with Fred J Blum. SAGE Publications. pp. 409–410. ISBN 978-81-321-0557-2. 
  7. "Constituent Assembly of India - Volume-V". Parliament of India. حاصل ڪيل 18 January 2016. 
  8. David Gilmartin (2014). "Chapter 5: The paradox of patronage and the people's sovereignty". in Anastasia Pivliavsky. Patronage as Politics in South Asia. Cambridge University Press. pp. 151–152. ISBN 978-1-107-05608-4.