بنارس هندو يونيورسٽي

بنارس هندو يونيورسٽي (Banaras Hindu University) 1300 ايڪڙن تي پکڙيل هيءَ يونيورسٽي نه رڳو انڊيا پر ايشيا جي وڏي يونيورسٽي آهي، جنهن ۾ ويھ هزار شاگردن جي رهائش جو بندوبست آهي، جن لاءِ 60 هاسٽلون آهن.

بنارس هندو يونيورسٽيءَ (BHU) ۾ چئن سالن جي انڊر گرئجوئيٽ ”بيچلر آف ٽيڪنالاجي“ ۾ ڊگري ۽ پوسٽ گرئجوئيٽ ”بيچلر آف ٽيڪنالاجي“ ۾ ڊگري ۽ پوسٽ گرئجوئيٽ ”ماسٽر آف ٽيڪنالاجي“ ۽ Ph.D ڊگرين جا جيڪي ڪورسز ٿين ٿا اهي هنن انجنيئرنگ برانچن ۾ ٿين ٿا:

  • سيرئمڪ انجنيئرنگ
  • مڪيميڪل انجنيئرنگ
  • سول انجنيرنگ (جنهن ۾ مختلف برانچون آهن جيئن ته هئڊرالڪ ۽ واٽر رسورسز انجنيئرنگ، جيو ٽيڪنيڪل انجنيئرنگ، اسٽرڪچرل انجنيئرنگ، انورانمينٽل انجنيئرنگ، ۽ ٽرانسپورٽيشن انجنيئرنگ)
  • اليڪٽريڪل انجنيئرنگ
  • اليڪٽرانڪس انجنيئرنگ (جنهن ۾ وڌيڪَ برانچون هي آهن: مائڪرو ويو انجنيئرنگ، ڪميونيڪيشن سسٽمس انجنيئرنگ وغيره)
  • ميڪينيڪل انجنئيرنگ
  • مائيننگ انجنيئرنگ
  • بايو ميڊيڪل انجنيئرنگ
  • ميٽلرجيڪل انجنيئرنگ

بنارس هندو يونيورسٽيءَ ۾ ٽيهن کان مٿي ملڪن جا شاگرد آهن ۾ ٽيهن کان مٿي ملڪن جا شاگرد آهن. هن يونيورسٽيءَ جو ڊسيپلين ۽ تعليم جو معيار مٿاهون آهي.

بنارس هندو يونيورسٽيءَ جي مرڪزي لئبرري سياجي رائو گائيڪ واد لئبرري (The Sayaji Rao Gaekwad Library)، ممبئي يونيورسٽي جي سينٽرل لئبرري ”نهرو لائبرري“ کان بہ وڏي آهي. هن لئبرري ۾ 13 لکن کان به مٿي ڪِتاب آهن. هيءَ لئبرري 1941ع ۾ ٺهي راس ٿي هئي، جنهن جو خرچ بڙودا جي مهاراجا سَياجي رائو گائيڪ واد سوم (Sayaji Rao Gaekwad III) ڏنو هو.[1][2]

حوالا سنواريو

  1. بنارس کان برمودا (الطاف شيخ) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-09-10 
  2. Banaras Hindu University, Varanasi