سنڌ ڪرڪيٽ ٽيم، پاڪستان جي صوبي سنڌ جي نمائندگي ڪندڙ ڪرڪيٽ ٽيم هئي.

سنڌ ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ هي راند 22 نومبر 1935ع تي ڪراچي ۾ کيڏي وئي. هي خبر دي سيڊني مارننگ هيرالڊ ۾ شايع ٿي.

سنڌ، ڊسمبر 1932ع ۾ پهرين دفعي ڪنهن عالمي ملڪ سان ڪرڪيٽ راند ڪئي. ڪراچي جيمخانه ميدان ۾ سريلنڪا خلاف کيڏيل راند بغير ڪنهن نتيجي جي ختم ٿي وئي. 1934ع کان 1953ع تائين ۽ 1947ع کان 1948ع تائين سنڌ جي ڪرڪيٽ ٽيم رانجي ٽرافي ۾ حصو وٺندي رهي. 27 ڊسمبر 1947ع ۾ پنجاب ۽ سنڌ جي وچ ۾ راند جي ميزباني سنڌ ڪئي. ان راند ۾ پنجاب سنڌ کي 68 رنسن ۽ هڪ واريِ (انگريزي: Inning) تان شڪست ڏني. رانجي ٽرافي دوران سنڌ جو مشهور کلاڙي نائومل جيومل هو، جيڪو بعد ۾ هندوستان جي ڪرڪيٽ ٽيم طرفان انگلنڊ خلاف 1932ع ۾ پهريون ٽيسٽ ميچ کيڏيو. جيومل 1960ع ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪوچ پڻ مقرر ٿيو. 

ملڪي راندين ۾ سنڌ جي ڪرڪيٽ ٽيم 1953ع کان 1954ع تائين ۽ 1956ع کان 1957ع تائين قائد اعظم ٽرافي ۾ کيڏيندي رهي. گھڻي وقت کان پوءِ سنڌ ٻيهر 1970ع ڌاري قائد اعظم ٽرافي لاءِ مقابلو ڪيو. سنڌ جي ٽيم يونائيٽد بنڪ ٽرافي ۾ پڻ حصو ورتو.

سنڌ جي ڪرڪيٽ ٽيم آخري راند 1979ع ۾  حبيب بينڪ لميٽيڊ ڪرڪيٽ ٽيم خلاف کيڏيو جنهن ۾ 7 وڪيٽن تان سنڌ کي شڪست آئي. ان کان پوءِ ”سنڌ گورنر 11“ جي نالي سان سنڌ جي ٽيم 1980 ڌاري ٽي ۽ 2000ع ۾ هڪ رانديون کيڏي. ”ريسٽ آف سنڌ“ (انگريزي: Rest of Sindh) جي نالي سان سنڌ جي ٽيم 02-2001ع ۾ قائد اعظم ٽرافي ۾ حصو ورتو. جنهن ۾ 8 راندين دوران سنڌ جي ٽيم ڪا به راند نه کٽي سگھي. 

حوالا سنواريو

ٻاهريان ڳنڍڻا سنواريو