ايئرمارشل محمد عظيم دائودپوٽو(انگريزي: Air Marshall Muhammad Azim Daudpoto ): شمس العلماءِ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي جو وڏو فرزند، 14 سيپٽمبر 1933ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو. شروعاتي -تعليم- سينٽ پئٽرڪ هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان حاصل ڪيائين. ڊي. جي. سنڌ ڪاليج مان پري انجنيئرنگ ۾ انٽرميڊيئيٽ پاس ڪيائين. 1950ع ۾ -پاڪستان- ايئرفورس ۾ شامل ٿيو. چئن سالن جي تربيت لاءِ رايل آسٽريلين ايئرفورس ۾ موڪليو ويو، جتان فلائنگ انسٽرڪٽر ۽ فايرليڊر جا سرٽيفڪيٽ ورتائين. وطن واپس اچي سرگوڌا ۽ پسرور ۾ جنگي اسڪواڊرن جي اڳواڻي ڪيائين. کيس 1965ع ۾ پاڪ ڀارت-جنگ ۾ ”ستاره جرات“ جو اعزاز مليو. 1970ع ۽ 1971ع ۾ -پاڪستان- جي هوائي صلاحڪار جي حيثيت ۾ نئين دهليءَ ۾ مقرر ٿيو. وطن واپس اچي هوائي بچاءَ جي ڪمانڊر جي حيثيت سان ڊائريڪٽر آف آپريشن ۽ ريسرچ مقرر ٿيو. 1975ع ۾ رايل ڪاليج آف ڊفينس اسٽڊيز، لنڊن ۾ شرڪت ڪيائين. 1976ع ۾ پاڪستاني فضائي فوج جي رفيقي ايئربيس (شور ڪوٽ) جو بيس ڪمانڊر ۽ پوءِ سرگوڌا جو ڪمانڊر رهيو. ايئر هيڊ ڪوارٽر، -پشاور- ۾ اسسٽنٽ چيف آف ايئر، ۽ پوءِ چڪ لالا ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنائين. 1981ع ۾ ايئر وائيس مارشل بڻايو ويو ۽ سول ڊفينس جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. 1982ع ۾ زمبابوي جي هوائي فوج جي ڪمانڊر ۽ چيف آف ايئراسٽاف طور -ٽن- سالن تائين خدمتون سرانجام ڏنائين. کيس زمبابوي جو ”آرڊر آف ميرٽ“ مليو. 31 -جنوري- 1986ع تي پي. آءِ. اي جو چيئرمئن مقرر ٿيو، تنهن کان پوءِ رٽائر ٿيو. حڪومت -پاڪستان- طرفان ”ستاره امتياز“ سان نوازيو ويو. ايئرمارشل محمد عظيم دائودپوٽي کي 18 -آڪٽوبر- 1999ع تي سنڌ صوبي جو گورنر مقرر ڪيو ويو. گورنريءَ جي عهدي تي فائز ٿيڻ کان اڳ هڪ پرائيويٽ ڪمپنيءَ ۾ ڊائريڪٽر جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو هو. 24 مئي 2000ع تي گورنر جي عهدي -تان- استعيفا ڏنائين. هن وقت ڪراچيءَ جي ڪلفٽن واري علائقي ۾ رهائش اٿس.[1]

محمد عظيم دائودپوٽو
پيدائش 14 سيپٽمبر 1933(1933-09-14)بمبئي، برٽش انڊيا
وفات 3 اپريل 2017 (عمر 83 سال)
وابستگي  پاڪستان
 زمبابوي
نوڪري/شاخ  پاڪ فضائیا
{{ {{{1}}}

| alias = زمبابوي | flag alias = Flag of Zimbabwe.svg | size = | name = | altlink =

}}
خدمت سال 1951–1989
عهدو ايئر مارشل
يونٽ پاڪستان ايئرفورس نمبر 15
سالار سرگوڌا ايئر بيس
زمبابوي جي ايئرفورس
جنگيون/سورهيه انڊيا پاڪستان واري 1965 واري جنگ
اعزاز ستاره جرئت (1965 واري جنگ)
ھلال امتياز
ستاره امتياز
ڪمانڊر واري درجي ۾ زمبابوي جو آرڊر آف ميرٽ
ٻيا ڪم پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز جو اڳوڻو سربراھ
اڳوڻو گورنر سنڌ

حوالا سنواريو