حبيب ابراهيم رحمت الله

پاڪستان سفارتڪار

حبيب ابراهيم رحمت الله
معلومات شخصيت
ڄم 10 مارچ 1912   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
ممبئي [1]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
موت 2 جنوري 1991 (79 سال)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
ڪراچي   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
مناصب
سنڌ جو گورنر [2]   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو position held (P39) وڪي ڊيٽا تي
عهدو جو مدت
12 آگسٽ 1953  – 23 جُونِ 1954 
عملي زندگي
پيشو سفير ،سياستدان   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي

سنڌ جي اڳوڻي گورنر حبيب ابراهيم، 10 مارچ 1912ع تي بمبئيءَ ۾ جنم ورتو.

بمبئي يونيورسٽيءَ مان قانون جي ڊگري حاصل ڪيائين.

خانداني پس منظر

سنواريو

حبيب ابراهيم جو والد سر ابراهيم رحمت الله 1931ع کان 1933ع تائين مرڪزي قانون ساز اسيمبليءَ جو صدر رهي چڪو آهي.

خذمتون

سنواريو

حبيب ابراهيم پاڪستان قائم ٿيڻ کان اڳ محمد علي جناح جي هدايت تي مسلمانن لاءِ ‘ايوان تجارت ۽ صنعت’ قائم ڪيو. ان کانسواءِ بئنڪاري، جهاز راني ۽ هوائي ڪمپنيءَ جي شعبن ۾ MCB، محمدي ۽NET جو بنياد وڌو. مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو صدر رهيو. راندين جي شعبي ۾ به خدمتون سر انجام ڏنائين. 53-1952ع ۾ فرانس ۾ پاڪستان جو سفير مقرر ٿيو. 1954ع ۾ پهريائين سنڌ ۽ پوءِ پنجاب جو گورنر رهيو. 1955ع ۾ واپار جو وفاقي وزير ٿيو، 1958ع ۾ جنرل ايوب خان کيس ڪراچيءَ جي مسئلن حل ڪرڻ جي ذميواري سونپي. ڪراچي ڊيولپمينٽ اٿارٽيءَ جو چيئرمئن پڻ رهيو، کيس 1969ع ۾ ريڊ ڪراس جو سربراهه بڻايو ويو ۽ 1972ع ۾ استعيفا ڏنائين. اڳوڻي وزيراعظم محمد خان جوڻيجي 1987ع ۾ کيس پاڪستان لاءِ ڪيل جدوجهد طور تمغو ڏنو. هن واپار ۽ صنعت کانسواءِ مختلف سماجي ۽ فلاحي ادارن جي قيام لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو.

حبيب ابراهيم رحمت الله 3 جنوري 1991ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.[3]

  1. https://afroasian.mediaplaygrounds.co.uk/
  2. subject named as: Habib Ibrahim Rahimtoola — اخذ شدہ بتاریخ: 27 اپريل 2022
  3. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012