سنڌ سلامت ڪتاب گھر
'سنڌ سلامت ڪتاب گهر انگريزي (SindhSalamat Kitab Ghar) سنڌي ٻوليءَ جي ڊجيٽل لائبرري آھي جنھن ۾ شاعري، لوڪ ادب، لسانيات، لطيفيات ۽ ٻين زمرن جا ڪتاب ٽيڪسٽ جي صورت ۾ شامل ڪيا ويا آھن. ھِيءَ ويبسائٽ پھرين جون 2016ع تي سنڌسلامت سَٿ پاران ڪراچيءَ مان آنلائن ڪئي وئي، جنھن ۾ ھيستائين 900 کان مٿي ڪتاب اپلوڊ ڪيا ويا آھن. سنڌي ٻولي، سنڌي ادب جي شاعري توڙي نثري صنفن، تنقيد، تاريخ ۽ فلسفي جا ڪتاب پڙهڻ لاءِ ملن ٿا.[1]
سائيٽ جو قِسمُ |
آنلائين - مفت |
---|---|
۾ موجود | سنڌي |
مکيه دفتر | |
ڌڻي | سنڌ سلامت |
يوآرايل | books |
تجارتي | نه |
رجسٽريشن | ضروري ناهي |
لانچ ڪيل | جون 1, 2016 |
موجوده حيثيت | سرگرم |
تعارف
سنواريوسنڌ سلامت جنهن جو مشن ۽ مقصد سنڌي ٻوليءَ جي ڊيجيٽلائيزيشن ۽ پکيڙ کي وسيع ڪرڻ آهي ۽ پڻ پنهنجي ٻوليءَ جي بقاء خاطر سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل قيمتي ۽ ناياب ورثي کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ ۽ ان کي نه رڳو محفوظ رکڻ پر پنهنجي اديبن، ليکڪن، محققن ۽ شاعرن جي علم، هنر ۽ مشاهدن کي کي ڊيجيٽلائيز ڪندي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود سنڌين تائين مفت ۾ آسانيءَ سان پهچائڻ جو عزم ڪيو آهي.
لائبريرين
سنواريو- محمد سليمان وساڻ
- عبدالحفيظ لغاري
- عبيداللہ ٿھيم
- گل حسن لاکو
- سجاد علي چنا
اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
سنواريوسنڌسلامت ڪتاب گهر جي اينڊرائيڊ ايپليڪيشن پھرين جون 2019ع تي گوگل پلي اسٽور تي رکي وئي جنھن جا 10 ھزار کان مٿي ڊائونلوڊ پڻ ٿي چُڪا آھن ۽ ھِن ايپليڪيشن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪتابن جي جامع ايپيليڪشن ھُئڻ جو اعزاز پڻ حاصل آھي.[2]
حوالا
سنواريو- ↑ "Sindhsalamat Kitab Ghar". APKPure.com. حاصل ڪيل 2018-06-26.
- ↑ "Sindhsalamat Kitab Ghar - Apps on Google Play". play.google.com. حاصل ڪيل 2020-06-10.