سمندري
پنجاب، پاڪستان ۾ شھر
سمندري : (انگريزي: Samundri) پاڪستان جي صوبي پنجاب جي ضلعي فيصل آباد جو ھڪ شھر ۽ سمندري تحصيل جو صدر مقام آهي ۽ فيصل آباد کان 45 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي سمنڊ جي سطح کان 168 ميٽرن جي بلندي تي واقع آھي. گوجرا ان کان 30 ڪلوميٽر ۽ تاندليانوالا 15 ڪلوميٽر پري آهي.[1] ھن شھر جو بنياد 1887 ۾ چڪ نمبر 533 جي بي جي نالي سان پيو. بعد ۾ اتي ٽن مندرن جي ڪري ان جو نالو سھ مندري پئجي ويو. سھ جي فارسي ٻولي ۾ معنيَ آھي ٽي ۽ مندر سنسڪرت ٻولي جو لفظ آهي. ھتي ڪافي سک ۽ ھندو آبادي رھندڙ ھئي جيڪا 1947 جي ورھاڱي جي ڪري لڏي وئي. سھ مندري نالو اڳتي ھلي سمندري ٿي ويو.[2] ھن شھر جو پوسٽل ڪوڊ 37300 آهي. ھن شھر جي آبادي پنجابي ٻولي ڳالهائيندڙ آهي ۽ اردو پڻ ڳالھائي وڃي ٿي. ڪپور خاندان جو باني اداڪار ۽ راج ڪپور جو پيءُ پرٿوي راج ھن شھر سان تعلق رکندڙ ھيو.
سمندري سمندری | |
---|---|
شھر | |
پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 31°03′45″N 72°57′15″E / 31.06250°N 72.95417°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | پنجاب |
ضلعو | فيصل آباد ضلعو |
تحصيل | سمندري |
حوالا
سنواريو- ↑ Towns & Unions in the City District of Faisalabad - Government of Pakistan آرڪائيو ڪيا ويا 2012-03-26 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- ↑ Dube, I. &. S. (2009). From ancient to modern: Religion, power, and community in India hardcover. Oxford University Press.