سرڻي ڪوٽ(انگريزي: Sirani Kot) سنڌ جي نوشهرو فيروز ضلعو جي مورو تعلقو ۾ موجود آهي

سرڻي ڪوٽ

قدامت سنواريو

هيءُ قديم ڪوٽ ۽ ٺلھ ٻڌمت جو يادگار آهي. اٽڪل اڍائي هزار سال قديم هيءُ ماڳ سنڌ ۾ موريا گهراڻي جي اشوڪا يا آسوڪا حڪمران (232 ق.م -268 ق.م) جي دور جو ٻڌايو وڃي ٿو جنهن ٻُڌمت کي دنيا سان گڏ سنڌ ۾ به وڏي پيماني تي ڦهلايو. ڪتاب جنت السنڌ موجب اشوڪا دور ۾ سنڌ جا ڀڪشو ٻُڌ ڪانفرنسن ۾ شريڪ ٿيندا هئا. ان کان پوءِ راء گهراڻو ۽ برهمڻ گهراڻو ۾ به ٻُڌ مت عروج تي هو. ايم ايڇ پنهور ته 13 صدي عيسوي تائين به ٻُڌمت جي سنڌ ۾ تصديق ڪئي آهي. هن ماڳ جي ڏکڻ ۾ سڪرنڊ ۽ دولتپور صفن ويجهو ٺلهه مير رڪڻ به ساڳي دور جو ماڳ آهي.[1] ٽيڪسيلا انسٽيٽيوشن آف ايشين سويلازيشن پاران پڌرو ڪيل جنرل آف ايشين سولائيزيش، 2002ع جي واليوم نمبر 25 موجب سرڻي ڪوٽ پوئين لوھ جي دور (Late Bronze Age) ۾ هڙاپا ۽ مهين جي دڙي جي تهذيب جي سرن ۽ ڪچي تعميرات جي روايت جي تسلسل ۾ تعمير ٿيل ٻُڌمت جو قديم ماڳ آهي. مٿئين حوالي تحت هينري ڪزن جي 1929ع ۾ ڪيل تحقيق ۽ بخاري ايم فاطمه جي 2001ع ۾ ڪيل تحقيق موجب پڻ سرڻي ڪوٽ ٻُڌ مت جو قديم يادگار آهي.[2][3]

ماڳ جو هنڌ سنواريو

سرڻي ڪوٽ مورو تعلقي جي شهر نوان جتوئي کان اوڀر طرف 7 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ۽ نيشنل هاءِ وي جي سڌوجا اسٽاپ کان 5 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اولھ طرف ڳوٺ سرڻي ڪوٽ ۾ واقع آهي.[3]

پکيڙ سنواريو

سرڻي ڪوٽ مٿانهين تي هجڻ ڪري پري کان نظر اچي ٿو. هيءَ تڏهوڪي زماني ۾ شاهي رهائش لڳي ٿو. جيڪو 3 ايڪڙ ۽ ٽن ويسن تي مشتمل آهي، جڏهن ته 7 ايڪڙ زمين قلعي کان ٻاهر آهي جتي پڻ اڳ ۾ دڙا موجود هئا جيڪي ان وقت عام ماڻهن جي رهائش جا آثار لڳڻ ٿا. سرڻي ڪوٽ قلعي جي ڀت جي ڊيگھ اولهه-اوڀر 390 فوٽ ۽ اتر-ڏکڻ 280 فوٽ جڏهن ته قلعي جي برج جو ٻاهريون گهيرو 70 ۽ اوچائي 20 فوٽ آهي.[4][5][6]

حوالا سنواريو

  1. "ٺلهه لالو رانئڪ.....عزيز ڪنگراڻي" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-05-04. 
  2. (en ۾) Journal of Asian Civilisations. Taxila Institute of Asian Civilisations. 2002. https://books.google.com.pk/books?id=dPpwAAAAMAAJ&q=Sirni+Buddhism&dq=Sirni+Buddhism&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwj70outiaDpAhVBzoUKHbJ2BM8Q6AEIKjAB. 
  3. 3.0 3.1 "سرڻي ڪوٽ...عزيز ڪنگراڻي -" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-05-12. 
  4. "گهرن جي گهيري جي ڪري سرڻي ڪوٽ قلعي وارو منظر متاثر -" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-05-04. 
  5. "نوشهري فيروز: قديمي قلعو “سرڻي ڪوٽ” ميسارجڻ لڳو" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-05-04. 
  6. "Sirni Kot, Naushero". heritage.eftsindh.com. حاصل ڪيل 2020-05-06.