محمد حسين پنهور المعروف ايم ايڇ پنهور 25 ڊسمبر 1925ع تي سنڌ جي دادو ضلعو، دادو تعلقو جي ڳوٺ محمد ابراهيم پنهور ۾ ڄائو،[1] هن مڪينڪل ۽ اليڪٽريڪل ۾ انجنيئرنگ جون ڊگريون حاصل ڪيون هيون، جڏهن ته هن ايگريڪلچرل انجنيئرنگ ۾ پڻ ايم ايس سي جي ڊگري پڻ حاصل ڪئي.

فائل:Mhpanhwar.jpg
محمد حسين پنهور

تحقيق سنواريو

اهڙا ماڻهو تمام گهٽ آهن، جيڪي پنهنجي حياتيءَ جو وڏو حصو تحقيق کي ڏين، ۽ اهي ماڻهو ته بنهه اڻلڀ آهن، جيڪي پنهنجي سموري حياتي تحقيق کي ڏين، سائين پنهور صاحب انهن اڻلڀ ماڻهن مان هو، جيڪي زندگيءَ جو وڏو حصو نه، پر سموري زندگي تحقيق کي ڏيندا آهن. هن پنهنجي سڄي زندگي تحقيق کي ڏني، هن ڪڏهن به پنهنجي پيرسنيءَ جو بهانو ڪري ڪم کان نه لنوايو، ۽ نه ئي وري اهو ٺهيل ٺڪيل جملو چئي پنهنجو ڪم بند ڪيو ته ”هتي ڪم ڪرڻ جو ماحول ئي ڪونهي.“ ڪم ڪرڻ وارا ڪم جو ماحول پاڻ پيدا ڪندا آهن، ۽ جن کي ڪم ناهي ڪرڻو هوندو، سي ڪنهن به ماحول ۾ ڪم ناهن ڪري سگهندا. هو انهن ماڻهن مان به نه هو، جيڪي ان انتظار ۾ هوندا آهن ته سرڪار سندن ڪا مدد ڪري ته هو ڪم ڪري ڏيکارين، يا سرڪار ڪو ادارو انهن جي حوالي ڪري ته هو ڪم ڪن. پنهور صاحب پاڻ هڪ ادارو هو، جيڪو سمورن سرڪاري ادارن کان وڏو ادارو هو. واقعي به تحقيق جي حوالي سان جائزو وٺبو ته جن شعبن ۾ پنهور صاحب ڪم ڪيو آهي، انهن سمورن شعبن ۾ سرڪار جا ايترا وڏا ادارا وڏين بجيٽن باوجود ڪم ناهن ڪري سگهيا. تاريخ، زراعت، آرڪيالاجي، ۽ سماجيات وارن علمن ۾ هڪڙي پاسي هڪ فرد جو ڪم ۽ ٻئي پاسي سمورن ادارن جو ڪم رکجي، پوءِ به پنهور صاحب تمام مٿي بيٺل نظر ايندا.

ايم ايڇ پنهور جا هسٽري، آرڪيالاجي ۽ ايگريڪلچرل تي لاتعداد ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جڏهن ته ڄاڻايل موضوعن تي سندس مقالن جو تعداد سون ۾ ڳڻي سگهجي ٿو، ايم ايڇ پنهور جي مشهور ڪتابن ۾ سورس مٽيريل آن سنڌ، ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ، سومرا پيرڊ هسٽري آف سنڌ، ماسٽر پلان ايريا گرائونڊ واٽر ان بلوچستان، گرائونڊ واٽر ان ڪراچي، گرائونڊ واٽر ان سنڌ، گرائونڊ اينڊ سرفيس واٽر ان ايرڊ زون، گرائونڊ واٽر ان دادو ڊسٽرڪٽ ۽ مسلم عورت شامل آهن، ايم ايڇ پنهور سوين عالمي ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪئي ۽ اتي زراعت، تاريخ ۽ آرڪيالاجيي موضوعن تي مقالا پڙهيا، کيس ملڪي ۽ عالمي سطح تي هڪ مڃيل عالم ۽ محقق جي حيثيت حاصل هئي.

محمد حسين ولد حاجي خان پنهور. 25 ڊسمبر 1925ع تي ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ ابراهيم پنهور ۾ ڄائو. 1969ع ۾ اين. اي. ڊي انجنيئرنگ ڪاليج، ڪراچيءَ مان مڪئنيڪل ۽ اليڪٽريڪل ۾ بي. اي ڪيائين. 1953ع ۾ پرڏيهه مان زرعي انجنيئرنگ ۾ ايم. -ايس-. سيءَ جي ڊگري ورتائين. 1953ع ۾ پاڻ سرڪاري نوڪريءَ ۾ گهڙيو. پهريون سنڌ ۾ زرعي انجنيئر ٿيو، بعد ۾ سنڌ ۽ -بلوچستان- جو سپريٽينڊنگ انجنيئر ٿيو. 1969ع ۾ سرڪاري نوڪري ڇڏيائين، جنهن کان پوءِ پنهنجي مدد پاڻ تحت سنڌ جي -تاريخ-، جاگرافيءَ، قديم آثارن، معدنيات ۽ پاڻياٺ تي -تحقيق- ڪرڻ ۾ مشغول رهيو. هن زير زمين پاڻيءَ (Underground water) تي 13 ڪتاب لکيا آهن، جيڪي سنڌ ۽ -بلوچستان- جي علائقن سان تعلق رکن ٿا. پنهور صاحب، پنهنجي شعبي ۾ ڄاتل سڃاتل عالم ۽ محقق هو. سندس ذاتي لائبرريءَ ۾ سنڌ بابت مواد تي 6000 ڪتاب آهن. لڳ ڀڳ ايتروئي تعداد، انجنيئرنگ، زراعت، جانورن ۽ مڇين بابت ڪتابن جو اٿس. -ان- کان سواءِ سندس لائبرري ۾ تقريباً 3000 کن نقشا پڻ موجود آهن. پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ صلاحڪار انجنيئر طور ڪم ڪري چڪو آهي. -ان- کان سواءِ سون جي تعداد ۾ سندس عالمانه مقالا لکيل آهن. پاڻ مهراڻ يونيورسٽيءَ جو وزيٽنگ پروفيسر به رهيو. سندس تصنيفن مان ڪجهه مکيه ڪتاب هيٺيان آهن: (1) ’مسلمان عورت‘ (1945ع)، (2) ’سنڌ ۾ آبپاشيءَ جا پنج هزار سال‘، (3) Ground Water in Hyderabad and Khairpur Division (1964). Material on Sindh (1977). (4) . Sindh Cutch Relation (1980) (5) . Heroic Struggle of Sindh Against Freedom, 1500-1843 (1979) (6) Causes of Decline of Persian in Pakistan (1975). (7) (8) Chronological Dictionary of Sindh (1983). (9) Soowra Dynesty سنڌ جو هي هونهار پٽ 2008ع ۾ گذاري ويو. سندس پٽ سني پنهور، جيڪو ڪيليفورنيا -آمريڪا- جو وڏو واپاري آهي، محمد حسين پنهور جي سموري ملڪيت تي مشتمل هڪ ٽرسٽ ذريعي سندس نالي ”-ايم ايڇ پنهور- چيئر“ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ قائم ڪرائي رهيو آهي، جنهن لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ٽي سئو -ايڪڙ- زمين ڏني آهي.[2]

حوالا سنواريو