دولتپور

دولتپور

دولتپور شهيد بينظيرآباد ضلعي ۾ موجود هڪ شهر آهي. هن کي تعلقا هيڊڪوارٽر جي حيثيت حاصل آهي. هي نيشنل هاءِ وي ۽ سنڌو درياءِ جي ڀر ۾ واقع آهي. ھن شھر ۾ مختلف ڳوٺ اچي وڃن ٿا جن ۾ ڳوٺ ڇر. دريڙي، ڳاھنڊ، ڳوٺ ڊٻائي راهو بهار ڪور، ڳوٺ محمود اوٺو، مٺا خان جوکيو، رضا محمد ڏاھري، فيض محمد پلي، گوٺ کٽڻ ڏاھري، نوحجا، وغيرہ شامل آھن.

ھن شھر ۾ ٻہ اھم تاريخي  جايون موجود آھن.

  1. ٺلھ مير رڪڻ: ھي ٻڌ مت جو اھڃاڻ آھي.
  2. ميان جا قبا: ھي ڪلھوڙن جا مقبرا آھن جن ۾ ميان نور محمد ڪلھوڙي ۽ ان جي سپھ سالارن جون مزارون موجود آھن.