سرمد :(انگريزي: Sarmad ) ھڪ مشھور صوفي درويش جو نالو آهي.سرمد جو مطلب آهي هميشه رهندڙ، دائم. سرمد ڪاشاني (1591-1661ع)، مغل حڪمران اورنگزيب جي زماني ۾ تمام وڏو صوفي ٿي گذريو آهي. جنهن کي قتل ڪرايو ويو. اڀيچند سان کيس عشق هو. سرمد جو فڪر ۽ نالو سنڌي ادب ۾ وڏي اهميت رکي ٿو..[1] تاريخ ۾ ھن جي مذھبي حيثيت متنازعه رھي. ھي پھرين يھودي ھيو ۽ بعد ۾ مسلمان ٿيو پر ھڪ ھندو ڇوڪرو ٺٽي ۾ سندس زندگي ۾ آيو جنھن جي عشق ۾ ھن واپار ملڪيت سڀ ڪجهه ترڪ ڪيو ۽ پوء ان سميت لاھور ۽ حيدرآباد دکن ۽ بعد ۾ دھلي لڏي آيو ۽ الف اگھاڙو رھي زندگي گذاريائين. پر فارسي جو صوفي شاعر ۽ صاحب علم ھيو جنھن جي خيالن کان مغل شھزادو ۽ شاھجھان جي تخت جو وارث شھزادو داره شڪوه متاثر ٿيو ۽ ان ساڻس ملاقاتون پڻ ڪيون. سرمد جي عقيدتمندي ايتري حد تائين پھچي چڪي ھئي جو سندس طرفان دارا شڪوه جي حمايت کيس اورنگزيب جي ڪاوڙ جو نشانو بڻايو جنھن اقتدار ۾ اچڻ بعد کيس ھڪ ملي قاضي کان تڪفيري فتوا ڏياري قتل ڪرايو. سندس زندگي کان وڌيڪ سندس موت اھم تاريخي موضوع رھيو جنھن کيس امر بڻائي ڇڏيو.

سرمد ڪاشاني

سرمد ڪاشاني ۽ داراشڪوھ جي ملاقات
پيدائش 1590
ڪاشان ، موجوده ايران
وفات 1661 (دھلي ۾ )
علائقو ڏکڻ ايشيا
مڪتبه فڪر [[]]
شعبه عمل
صوفي ازم, اسراريت, شاعري


ذاتي زندگي

سنواريو

سرمد ڪاشاني جيڪو تاريخ ۾ سرمد جي نالي سان مشهور آھي اصل ۾ فارس جو صوفي ۽ فارسي ٻوليءَ جو شاعر هو ۽ ھجرت ڪري مستقل ھندوستان ۾ اچي رھيو. ھي 1590ع يا 1591ع ۾ آرمينيا جي ھڪ فارسي ڳالهائيندڙ يھودي واپاري جي گهر ۾ پيدا ٿيو ۽ بعد ۾ مسلمان ٿيو . سندس پورو نالو سعيد سرمد ڪاشاني ھيو. ھي ملا صدر شيرازي ۽ ابوالقاسم ميرفندرسڪي جو شاگرد رھيو.ھندوستان ايندي ٺٽي ۾ پڻ رھيو جتي ھڪ روايت آهي تہ پاڻ ھڪ سنڌي ڇوڪري[2] اڀئي چند نالي ھڪ ھندو نوجوان جو عاشق ٿي فقير بڻجي ويو. شيخ اياز لکي ٿو ته: ان "ڇوڪري جي محبت، مجاز جي پل تان اڪاري، حقيقت جي پرار تي پھچايو ھو، ھونءَ تہ ھڪ مجذوب شاعر ھو، جنھن عرياني کي ھر لباس تي ترجيح ڏني ھئي؛ پر ھن جي وحدت پرستيءَ ھن کي برصغير جي سياست ۾ ڇڪي، ھن کان دارا شڪوه جي حمايت ڪرائي، ھن اڳڪٿي ڪئي تہ حڪومت دارا شڪوه کي ملندي[2]. " اڀئي چند سان گڏجيلاھور ۽ پوءِ دھلي آيو. ان وقت ھندوستان ۾ مغلن جي بادشاھي ھئي. دھليءَ ۾ کيس ايڏي مشھوري ملي جو مغل شھزادي کيس درٻار ۾ دعوت ڏئي گھرايو ۽ کائنس متاثر ٿي سندس معتقد ٿيو.

خدمتون

سنواريو

فارسي ٻوليءَ ۾ کيس وڏي مھارت ھئي . توريت جو فارسي ۾ ترجمو پڻ ڪيائين..[3] ھن جو شاعريءَ جو لکيل ڪتاب جو نالو ديوان ھيو.

مولانا عبدالڪلام آزاد اظھار جي آزادي واري خيال ۾ پنھنجي تشبيهه سرمد سان ڪندو ھو..[4]

سرمد خلاف مقدمو ۽ سزا

سنواريو

دھليءَ جيسلطنت جي تخت تي اورنگزيب ۽ ان جي ڀاءُ داره شڪوه جي وچ ۾ لڙائيءَ ۾ اورنگزيب کي ڪاميابي ملي. سرمد ۽ داره شڪوه جو پاڻ ۾ تعلق رھيو ھو. شيخ اياز لکيو آهي ته: ھن جا معتقد وڌي رھيا ھئا ۽ ان ڪري اورنگزيب سازش ڪري سندس خلاف فتوا ورتي[2]. اورنگزيب کيس لادينيت جي الزام ۾ گرفتار ڪرايو.دھلي جي قاضي ملا عبدالقوي ھن جي خلاف فتوا ڏني ھئي. رود ڪوثر نالي ڪتاب ۾ ليکڪ محمد اڪرام لکي ٿو ته: " اورنگزيب ملا عبدالقوي کي موڪليو ته ھو سرمد کي ڪپڙن پائڻ لاءِ تاڪيد ڪري. ملا سرمد جي گھرايو ۽ ھن کان پڇيو تہ ' تون اگھاڙو ڇو ٿو رھين؟' پتو ناھي تہ ان وقت سرمد ڪھڙي لھر ۾ ھو! ھن رڙ ڪئي: 'شيطان قوي آھي' ملا قوي کي اھو فقرو ڏاڍو ڪڙو لڳو ھوندو، پر رڳو اگھاڙپ ڪنھن جي قتل جو سبب ٿي نه ٿي سگھيو. ان ڪري سرمد جي فرد جرم ۾ اضافو ڪيو ويو[5]. قتل جو بھانو ان جي ھڪ رباعي به ھئي جنھن جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته ان مان معراج جو انڪار ثابت ٿئي ٿو. معلوم ٿئي ٿو ته اورنگزيب جي محتاط طبيعت انھيءَ کي بہ ڪافي نہ سمجھيو، ۽ ھن علماء کي چيو ته تہ سرمد کي چيو وڃي ته ڪلمه طيب پڙھي[5]. ھن کي معلوم ھو تہ تہ سرمد جي ھڪ عجيب عادت ھيء بہ آھي تہ جڏھن ھو ڪلمه طيب پڙھندو آھي تہ لا اله کان اڳتي نه وڌندو آھي. جڏھن علماء سرمد کي ڪلمي پڙھڻ لاء چيو تہ ھن لا اله کان اڳتي نہ پڙھيو، ھو ڪلمي جي نفي آھي ان تي علماء اعتراض ڪيو تہ سرمد چيو ته مان ھن وقت تائين نفي ۾ غرق آھيان ۽ اثبات جي مرتبي تي نہ پھتو آھيان جڏھن پھچندس تہ الا الله بہ چوندس! علماء فتوا ڏني تہ لا اله چوڻ ڪفر آهي ۽ جي سرمد توبھ ڪري تہ ٺيڪ نہ تہ واجب القتل آهي[5]. سرمد توبھ نہ ڪئي، جنھن ڪري ، ٻئي ڏينھن ھن کي جامع مسجد جي سامھون قتل لاء وٺي ويا[2][5] " "اورنگزيب جي دؤر ۾ سرمد کي هڪ ديني عدالت فتويٰ ڏيندي واجب القتل قرار ڏنو. مٿس الزام هو ته هُن جي هڪ رُباعيءَ مان معراج جي واقعي جو انڪار ثابت ٿئي ٿو[6]. "ماثرالامراء" ۾ سرمد جي قتل جا سبب لکندي چيو ويو آهي ته جيڪڏهن سچ پڇيو وڃي ته تہ قتل جو سبب دارا شڪوه جي سڱت ھئي نہ تہ سرمد جھڙا اگھاڙا مجذوب ۽ آزادي سان گفتگو ڪرڻ وارا گھٽيءَ گھٽيءَ ۾ ڦرندا ھئا ۽ انھن کي ڪوئي پڇندو ئي نہ ھو[2].

مُلي طرفان کيس سزا ٻُڌائڻ جي ٻئي ڏينهن تي هُن کي دهليءَ جي جامع مسجد جي سامهون قتل ڪرڻ لاءِ وٺي ويا. سرمد اُن وقت گد گد ٿي نظر آيو.جلاد جڏهن سرمد جو سِرُ قلم ڪرڻ لاءِ هن جي سامهون آيو ته هن مُرڪي (فارسيءَ ۾) چيو ته، ”توتي گهور وڃان! اَچُ، اَچُ! تون جنهن به صورت ۾ اچين ٿو، مان توکي چڱيءَ طرح سڃاڻان ٿو.“ ۽ پوءِ هيٺيون شعر پڙهي، تلوار جي هيٺان پنهنجو ڪنڌ رکي ڇڏيائين[6]:

”شور ٿيو ۽ مون عدم جي خواب مان اک کولي،
ڏٺم ته اڃا فتني جي رات باقي هئي، وري سُمهي پيس!“

— (ترجمو)"[6]

سرمد کي 1661ع ۾ 18 ربيع الثاني 1070ھ ۾ جمعي جي نماز بعد دھلي جي جامع مسجد سامھون سر قلم ڪري قتل ڪيو ويو. ان وقت سندس عمر 70 سال ھئي. سرمد جو مقبرو جامعہ مسجد دھليءَ جي ڀر ۾ آھي.

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 [ خط تقريرون ۽ انٽرويو ؛ ليکڪ: شيخ اياز ؛ نيو فيلڊس پبليڪيشن ٽنڊو ولي محمد، حيدرآباد؛ پھريون ايڊيشن 1987]
  3. Fishel, Walter. “Jews and Judaism at the Court of the Mugal Emperors in Medieva India,” Islamic Culture, 25:105-31
  4. Votary of freedom - Maulana Abul Kalam Azad and Sarmad by V. N. Datta, Tribune India, October 7, 2007
  5. 5.0 5.1 5.2 5.3 [ رود ڪوثر ؛ از: محمد اڪرام صفحو 264 ۽ 265]
  6. 6.0 6.1 6.2 [ڪتاب جو نالو: سيڪيولرزم۽ عقليت پسندي; مترجم :محمد ابراهيم جويو; ايڊيٽر:جامي چانڊيو؛ايڊيشن:پهريون 2007ع؛ ڇپيندڙ: سينٽرفار پيس اينڊ سول سوسائٽي]