سرائي عالمگير

پنجاب، پاڪستان ۾ شھر

سرائي عالمگير(انگريزي: Sarai Alamgir) (اردو ۽ پنجابي:سرائے عالمگیر) پاڪستان جي صوبي پنجاب جي گجرات ضلعي جي ھڪ تحصيل جو صدر مقام آهي جنھن جي آبادي 1998 ۾ 175,288 ھئي . تحصيل جي پکيڙ 575 چورس ڪلوميٽر آهي جنھن ۾ ھي شھر درياء جھلم جي ڪناري تي واقع آهي ۽ سندس اوڀر ۾ اپر جھلم ڪئنال آھي. ھن شھر کي ميونسپلٽي جو درجو 1976 ۾ مليو.لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 2001 جي لاڳو ٿيڻ سان ان کي تحصيل ميونسپل ايڊمنسٽريشن جو نالو ڏنو ويو.[1]

Sarai Alamgir
سرائي عالمگير
شھر
درياء جھلم تي سرائي عالمگير لڳ ھڪ پل
درياء جھلم تي سرائي عالمگير لڳ ھڪ پل
Sarai Alamgir سرائي عالمگير is located in Pakistan
Sarai Alamgir سرائي عالمگير
Sarai Alamgir
سرائي عالمگير
پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 32°54′N 73°45′E / 32.900°N 73.750°E / 32.900; 73.750مڪانيت: 32°54′N 73°45′E / 32.900°N 73.750°E / 32.900; 73.750
ملڪ پاڪستان
صوبو پنجاب
ضلعو گجرات ضلعو
ٽائون 4
يونين ڪاؤنسلون 7
آبادي
 • ڪل 350, 288 (estimated as per March 2,016).

جاگرافي۽ موسم سنواريو

سرائي عالمگير جو دنيا جي نقشي ۾ مقام 32°54′00″N 73°45′00″E / 32.90000°N 73.75000°E / 32.90000; 73.75000 (32.900000, 73.750000) واري جاء تي آهي. ھن شھر جي آبهوا وچولي آھي اونھاري ۾ گرميءَ جو پد تمام ٿوري عرصي تائين وڌ ۾ وڌ 45 سينٽي گريڊ تائين ھوندو آھي ۽ سياري ۾ و 2 سينٽي گريڊ تائين ھيٺ ڪرندو آھي. ھي شھر جھلم شھر جي ڏکڻ ۾ درياءُ جھلم جي ٻئي پار تي واقع آهي. ھن شھر جي اتر طرف ميرپوري ۽ ڀمبر واقع آھن. ڏکڻ ۾ منڊي بھاول الدين ۽ رسول نالي شھر آھن.[2]

تاريخ سنواريو

سرائي عالمگير جو علائقو تمام قديم دؤر کان آباد آهي ۽ سنڌو ماٿري ۽ گنڌارا تھذيبن جو حصو رھيو آھي. سڪندر اعظم ۽ راجا پورس جي وچ ۾ ھائدسپيس واري جنگ(Battle of the Hydaspes) پڻ ھن شھر جي ڀرسان لڳي ھئي.[3] ھن شھر جي ڪنھن جاء تي ھڪ سراء ھوندي ھئي جتي مسافر آرام ڪندا ھيا. ان جو وقوع گرينڊ ٽرنڪ روڊ تي درياء جي ۽ ڪشمير جي لڳ ھجڻ ڪري اورنگزيب عالمگير اتي ھي شھر قائم ڪرايو.

ھن شھر جي اھميت ھتي ڪنگ جارج V رايل انڊين ملٽري اسڪول قائم ٿيڻ سان وڌي وئي جيڪو 3 مارچ 1922 ۾ قائم ٿيو ۽ برٽش انڊيا جي ٽوٽل چئن ڪيڊٽ اسڪولن مان ھڪ ھيو. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ ھن جو نالو ملٽري ڪاليج جھلم رکيو ويو جيڪو پاڪستان جي سڀ کان پراڻن ادارن ۾ شامل آھي.[4]

يونين ڪاؤنسلون سنواريو

ھن تعلقي جون 9 يونين ڪاؤنسلون آهن جيڪي 1998 واري آدمشماريءَ سان ھيٺ ڏجن ٿيون:

  • منڊي بھاول  : 18,960
  • ڀاگ نگر  : 17,282
  • ڪاريالا  : 20,531
  • سمبلي  : 21,936
  • کوھار  : 32,486
  • سراء عالمگير (I):

17,271

  • سراء عالمگير (II):

19,895

  • ٿل باڪوھل  : 18,574
  • بائسا  : 20,353

حوالا سنواريو

  1. http://tmasaraialamgir.com/History.html آرڪائيو ڪيا ويا 2016-11-04 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., Tehsil Municipal Administration (TMA) Sarai Alamgir town, District Gujrat, Punjab, Pakistan, Published in 2007, Retrieved 3 Aug 2016
  2. http://www.maplandia.com/pakistan/punjab/jhelum/sarai-alamgir/, Detailed satellite map of Sarai Alamgir and its nearby places, Retrieved 3 Aug 2016
  3. http://www.livius.org/articles/battle/hydaspes/?, Battle between Alexander the Great and Porus near Sarai Alamgir and Jhelum area on livius.org website, Retrieved 4 Aug 2016
  4. http://militarycollege.edu.pk/new/, Military College, Jhelum website, Retrieved 9 Aug 2016