سامي (شاعر)

(سامي کان چوريل)

سامي ٽالپور دور جو هڪ سنڌي شاعر ٿي گذريو آهي. ان جو اصل نالو "ڀائي چين راءِ بچومل" هيو. سندس جنم 1743ع ۾ شڪارپور، سنڌ ۾ ٿيو. سندس تخلص "سامي" هيو ۽ اُنهيءَ نالي سان مشهور ٿيو. هن ويديڪ ڏاهپ کي پنهنجي سنڌي شولوڪ ۾ بيت شڪل سان ملائي ڇڏيو.[1] [2]

چَين راءِ بچومل
چين راءِ بچو مل سامي
تاريخ پيدائش 1743ء
شڪارپور، سنڌ
تاريخ وفات 1850ء
شڪارپور
قابل احترام هندومت
روايت شاعري

سامي جو اصل نالو ڀائي چين راءِ بچو مل لنڊ هو. ڀائي چين شڪارپور ۾ 1743ع ۾ ڄائو. هن جيڪا شاعري ڪئي ان کي "سامي جا سلوڪ" سڏيو وڃي ٿو.[3]

سامي تخلص اختيار ڪرڻ جو سبب هي ٻُڌايو ويو آهي تہ هِن پنهنجي گرو (مُرشد، اُستاد) سوامي مينگهراج ٻانڀڻ جي نالي کي شرف ڏيڻ خاطر ايئن ڪيو،ڪٿي ڪٿي ٻانڀڻ کي به تخلص طور ڪم آندو اٿس. هو هندومت سان لاڳاپيل هيو ۽ هڪ شاعر هيو، سندس شعرن جي مجموعي جو نالو سامي جا سلوڪ آهي، ساميءَ جي وفات شڪارپور شهر ۾ سال 1850ع ۾ 107 سالن جي ڄمار ۾ ٿي.


حوالا سنواريو

  1. "Ustad Bukhari, the voice of love and liberty". The Nation. حاصل ڪيل 2019-03-19. 
  2. Paniker, K. Ayyappa (1997) (en ۾). Medieval Indian Literature: Surveys and selections. Sahitya Akademi. ISBN 9788126003655. https://books.google.com.pk/books?id=KYLpvaKJIMEC. 
  3. "ساميءَ جي لهجي ۽ اسلوب جو لساني جائزو | Linguistic Evaluation of Sami". journal.sindhila.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-03-19. 


خارجي ڳنڍڻا سنواريو