زيب النسا (ڳائڻي)

زيب النساء (انگريزي: Zeb un Nissa ) (وفات: 19 ڊسمبر 2019ع) سنڌ جي مشھور ڳائڻي جنھن جا بيشمار گيت، لاڏا، ڪافيون ۽ ڪلام سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ مشھور آھن.

زيب النساء
پيدائشي نالو قائم خاتون
پيدائش نوابشاھ
وفات 19 ڊسمبر 2019.
نوابشاھ, سنڌ
صنف سنڌي
پيشا لوڪ فنڪاره
سرگرم سال 1960–2000

ننڍپڻ سنواريو

زيب النساء جو جنم نوابشاھ ۾ ٿيو. سندس اصل نالو ”قائم خاتون“ ۽ ذات ”شيخ“ ھئي. سندس والد جو نالو بچو شيخ ھو. ھن جو واسطو ڪنھن راڳيندڙ خاندان سان نہ ھو البت سندس والدہ شادين مرادين جي موقعي تي آسپاس جي ڳوٺن ۾ سھرا ڳائيندي ھئي. کيس ٻالڪپڻ کان ئي ڳائڻ جو شوق ھو. ننڍي ھوندي ئي ھوءَ ڪاليج جي فنڪشنن ۽ ڀٽائيءَ جي ميلي ۾ اسٽيج تي پنھنجي فن جو مظاھرو ڪندي ھئي. ڳائڻ جي شوق سبب فقط مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪري سگھي. سڄي حياتي راڳ ۽ موسيقيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيائين.

فني سفر سنواريو

تمام ننڍڙي ڄمار ۾ ھن 1958ع ڌاري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي آڊيشن ڏنو[1]. سندس آڊيشن مشھور براڊڪاسٽر مرحوم ايم بي انصاريءَ ورتو. آڊيشن دوران استاد محمد ابراھيم ۽ استاد محمد جمن جھڙا راڳ جا پارکو بہ موجود ھئا. پنھنجي سريلي آواز ۽ لفظن جي صحيح ادائگيءَ سببان ھن موسيقيءَ جو ھيءُ امتحان پاس ڪري ورتو. ھن سنڌ جي مشھور راڳيءَ ۽ موسيقار محمد جمن کان راڳ جي سکيا ورتي[2]. جڏھن ھن جو پھريون ڪلام رڪارڊ ٿيو تہ ان کي تمام گھڻو پسند ڪيو ويو. ھن حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي، حضرت سچل سرمست، ٻڍل فقير ۽ ٻين شاعرن جا بيشمار ڪلام، ڪافيون ۽ گيت ڳايا. جيجي زرينہ بلوچ ۽ امينہ سان گڏجي بيشمار لاڏا ۽ سھرا رڪارڊ ڪرايا جيڪي اڄ بہ سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ مشھور ۽ مقبول آھن. ھن استاد محمد جمن ۽استاد محمد يوسف جھڙن وڏن راڳين سان گڏ ڊوئيٽ (دوگانہ)پڻ ڳايا. سنڌيءَ سان گڏ ھن اردو، سرائڪي، بلوچي ۽ پنجابي ٻوليءَ ۾ پڻ گيت ڳايا. ھن پاڪستان ٽيليويزن سينٽر ڪراچيءَ تي پڻ 50 کان مٿي پروگرام رڪارڊ ڪرايا جيڪي ھن جي گيتن، سھرن ۽ ڪلامن تي مشتمل آھن.

زيب النساء جا ريڊيو پاڪستان تي رڪارڊ ٿيل ڪجهه مشھور ڪافيون، ڪلام ۽ گيت سنواريو

  • ڪڏھن راضي ٿي ملندين راڻا، سوڍل يار سياڻا
  • ھڪ ڌنڌلي ڌنڌلي ياد اٿم، ڪجهه طوفان جي ڪجهه ساحل جي
  • ڪانگل نيئي تہ ڏبو مون ڏکيءَ جو ڏوراپو
  • ساڏا من وي موھيا يار وي
  • منھنجا قلندر لال مان جوڳياڻي آھيان
  • ھن تہ حياتيءَ کان مر تہ مري مزا ماڻيون
  • ٻانھن جي آئون ٻانھي آھيان
  • سڄڻ ريءَ ٿي سڪان، محبت ماري آھيان
  • او يار سڄڻ دلدار سڄڻ
  • آئون ڪيئن جيئنديس جڳ ۾ پنھنجي پنھل پڄاڻان (استاد محمد جمن سان گڏ)
  • جوڳي ڏاڍي ذات (استاد محمد جمن سان گڏ)
  • محبت جا فسانا ياد رھندا (استاد محمد يوسف سان گڏ)

وفات سنواريو

سنڌ جي ھن نامياري فنڪارہ 19 ڊسمبر 2019ع تي نواب شاھ ۾ لاڏاڻو ڪيو[3]. ھن پنج ڌيئرون ۽ ٻہ پٽ سوڳوار ڇڏيا. سندس اولاد مان فقط ھڪ ڌيءَ ثمينہ ڪنول راڳ جي دنيا سان سلھاڙيل آھي.

حوالا سنواريو

  1. ٰمصطفيٰ ملاح: خوبصورت آواز جي مالڪ  گائڪا زيب النساء اسان کان وڇڙي وئي،  روزاني ڪاوش، 21 ڊسمبر 2019
  2. نصير مرزا: گمناميءَ ۾ گذاري ويل ھڪ لوڪ گائڪا، روزاني ڪاوش 21 ڊسمبر 2019
  3. لوڪ گيتن جي راڻي زيب النساءِ لاڏاڻو ڪري وئي، روزاني سنڌيار، 20 ڊسمبر 2019