ايم بي انصاري

ايم. بي -انصاري- ريڊيو -پاڪستان- حيدرآباد جو پهريون سنڌي پروڊيوسر ۽ بعد ۾ -اسٽيشن- ڊائريڪٽر ٿي رهيو آهي، سندس اصل نالو محمد بخش -انصاري- هو، کيس عام طرح باباءِ سنڌي براڊ ڪاسٽنگ سڏيندا آهن، هو صداڪاريءَ جي شعبي ۾ زيڊ. اي بخاريءَ جو شاگرد هو، پر ڊرامن جي ڊائلاگن ادا ڪرڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. ايم. بي انصاريءَ جيڪب -آباد- جي -انصاري- محلي ۾ 1931ع ۾ قادر بخش انصاريءَ جي گهر ۾ -جنم- ورتو، هو پاڻ ۾ ٽي ڀائر هئا، سندس وڏن جي روزگار بابت ڪا ڄاڻ نه آهي، البته ورهاڱي کان پوءِ ايم. بي -انصاري- روزگار جي سلسلي ۾ جلد ڪراچي هليو آيو، پاڻ 51-1950ع ڌاري ڪراچي ريڊيو تي آڊيشن ڏيئي ڪامياب ٿيو، صلاحيتن ۽ خوبصورت آواز جي ڪري ريڊيو جي بالا آفيسرن مان زيڊ. اي بخاريءَ کيس پنهنجي ويجهو رکيو ۽ کيس علي محمد چاڳلا جي پروڊيوسرشپ هيٺ شروع ٿيندڙ سنڌي سيڪشن ۾ اسٽاف انائونسر مقرر ڪيو. 17 -آگسٽ- 1955ع تي ريڊيو حيدرآباد قائم ٿيو ته -انصاري- صاحب کي اسٽاف انائونسر مان -ترقي- ڏيئي پروڊيوسر طور چاڳلا صاحب سان گڏ حيدرآباد موڪليو ويو. ريڊيو 1956ع ڌاري جڏهن حميد نسيم حيدرآباد ريڊيو -اسٽيشن- جو ريجنل ڊائريڪٽر ٿي آيو ته -ان- وقت حيدرآباد ريڊيو تي ٻه پروڊيوسر هئا، -اردو- پروگرامن لاءِ -الياس- عشقي ۽ سنڌي پروگرامن لاءِ ايم. بي -انصاري-. -انصاري- صاحب زبردست انائونسر ۽ صداڪار هو، پاڻ ڪنهن به صداڪار يا آرٽسٽ جي لفظي يا اچار جي غلطي برداشت نه ڪندو هو. ”رس رهاڻ“ ۽ ”شبستان“ سندس يادگار پروگرام رهيا آهن ۽ حال حيات سازندن جو چوڻ آهي ته ايم. بي انصاريءَ جهڙو بهترين ميوزڪ رڪارڊسٽ سنڌ کي اڄ تائين نه مليو آهي. هن زيڊ. اي -بخاري- ۽ حميد نسيم جي ذوق جمال مان ڪافي پرايو، آواز جي لاهه چاڙهه جو فن ڄاڻندڙ صداڪار هو، خود پسند ضرور هو، پر خوشامد پسند نه هو. ايم. بي -انصاري- 31 مارچ 1991ع تي ريڊيو -پاڪستان- ڪراچيءَ مان ڊائريڪٽر جي حيثيت سان رٽائر ٿيو ۽ 11 مارچ 1993ع ۾ 62 ورهين جي عمر ۾ ڪراچيءَ ۾ وفات ڪيائين، کيس اباڻي شهر جيڪب -آباد- جي -انصاري- محلي ويجهو مقامي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.[1]

حوالاسنواريو