زاڪاٽيڪاس شھر
زاڪاٽيڪاس : (انگريزي: Zacatecas ) (Spanish pronunciation: [sakaˈtekas] ( ٻڌو)) ميڪسيڪو جو شھر ، ميونسپالٽي ۽ ميڪسيڪو جي رياست زاڪاٽيڪاس جو گاديءَ جو هنڌ آهي جيڪو وچ ميڪسيڪو جي اتر ۾ واقع آهي,[1] ھن شھر جي ابتدا سورھين صدي عيسويءَ ۾ اتي معدنياتي کاڻ لاء اسپيني ڪيمپ لڳائڻ سان ٿي. سن وقت مقامي رھاڪو ان ڳالھ کان واقف ھيا تہ اتي چاندي ۽ ٻي معدنيات جا ذخيرا ھئا. ان دولت جي ڪري ھتي تيزي سان ھي شھر وسجي نئين اسپين جو ھڪ اھم شھر ٿي ويو جنھن جي چاندي اسپين جي شاھي حڪومت کي مالا مال ڪيو. اوڻوھين صدي ۾ ھن علائقي ۾ جنگ لڳي ھئي ۽ ويھين صديءَ ۾ 1914ع ۾ ھن علائقي وري تي ميڪسيڪو واري انقلاب وقت جنگ زاڪاٽيڪاس لڳي جنھن بعد ھن شھر تي فرانسسڪو ولا قبضو ڪيو.ھن شھر جي آبادي 2000ع ۾ 113,947 ھئي[2]. ھي شھر ھڪ اونھي ۽ سوڙھي کاھي ۾ سمنڊ جي سطح کان 2500 ميٽر يآ 8200 فٽن جي بلندي تي واقع آهي[2]. ھن شھر جو بنياد 1548ع ۾ پيو ۽ ٻہ سال بعد ھتي چاندي جي دريافت ٿي جنهن ڪري کيس 1585 ۾ ھڪ شھر جي حيثيت ڏني وئي[2]. اوڻوھين صدي عيسويءَ تائين ھن شھر جي چوڌاري چاندي جي کاڻين مان دنيا جي چاندي جو پنجون حصو نڪري چڪو ھو[2]. ھاڻي تائين شھر جي اھم معيشت اتان جون کاڻون آھن. شھر ھڪ واپاري ۽ صنعتڪاري جو پڻ مرڪز آهي ۽ ڪيٿيڊرل ھجڻ جي ڪري پڻ مشھور آھي[2].
زاڪاٽيڪاس | ||
---|---|---|
شھر ۽ ميونسپالٽي | ||
زاڪاٽيڪاس شھر جو منظر | ||
| ||
عرفيت: کاڻ وارو شھر چاندي جي دل | ||
شھر جو اندروني نقشو | ||
ميڪسيڪو ۾ مقام | ||
جاگرافي بيهڪ: 22°46′25″N 102°34′25″W / 22.77361°N 102.57361°W | ||
ملڪ | ميڪسيڪو | |
رياست | زاڪاٽيڪاس | |
قائم ٿيو | 1548 | |
ميونسپالٽي جو درجو | 1825 | |
حڪومت | ||
• ميونسپل صدر | Ulises Dean Celli (2018–2021) | |
پکيڙ | ||
• ميونسپالٽي | 356.14 ڪ.م2 (137.51 ميل2) | |
بلندي (of seat) | 2,440 ميل (8,010 ft) | |
آبادي (2005) ميونسپالٽي | ||
• ميونسپالٽي | 138,152 | |
سرڪاري نالو | Historic Centre of Zacatecas | |
قسم | Cultural | |
معيار | II, IV | |
عهدو | 1993 (17th session) | |
حوالا نمبر. | 676 | |
رياستي جماعت | ميڪسيڪو | |
خطو | لاطيني آمريڪا ۽ ڪيريبين |
حوالا
سنواريو- ↑ Mendizabal, José Antonio (May 21, 2000). "Zacatecas: Esculturalmente arquitectonica" (Spanish ۾). Reforma (Mexico City): p. 29.
- ↑ 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 Britannica CONCISE ENCYCLOPEDIA-© 2006 BY ENCYCLOPÆDIABRITANNICA, INC.-Encyclopædia Britannica and other fine products are available on the Internet at http://www.britannica.com. (Trademark Reg. U.S. Pat. Off.) Printed in Peru. -page#.2102 -