رتو ڪوٽ (لاڙڪاڻو)


يو سي 16 رتو ڪوٽ (انگريزي: U C 16 Ratokot) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا لاڙڪاڻي تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي لاڙڪاڻي جي يو سي 4 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 11,782 آهي[1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ رتوڪوٽ ھڪ وڏو ڳوٺ آهي ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي جيڪو اين 55 روڊ (انڊس ھاء وي) تي لاڙڪاڻي شھر کان 10 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ جاگيراڻي، مغيري، ڀٽا، ميرجت، لاھوري، ميتلا، پٺاڻ، ميربحر ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ ڳوٺ شاھ حسن، ڳوٺ ٽالو جاگيراڻي، ڳوٺ ڪانڊيرو مغيري، ڳوٺ لال ڏنو ڀٽو، طئباڻي، ڳوٺ کبڙ ڀٽو، ڳوٺ ماھي جاگيراڻي، ديھ کاتڙو بڊو (آبادي 4,470)، ديھ رتو ڪوٽ رئتي (آبادي 711), ديھ رتوڪوٽ (آبادي 6,601) جنھن م رتوڪوٽ واقع آهي، ڳوٺ رانوت شيخ، ڳوٺ بسنت مغيري، ڳوٺ پيارو ميربحر ڳوٺ علي محمد چاوڙو ۽ ٻيا شامل آهن.

رتو ڪوٽ
يو سي 16 رتو ڪوٽ
يونين ڪاؤنسل
لاڙڪاڻي تعلقي جي يو سي 4
رتو ڪوٽ is located in سنڌ
رتو ڪوٽ
رتو ڪوٽ
رتو ڪوٽ is located in Pakistan
رتو ڪوٽ
رتو ڪوٽ
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°32′57″N 68°04′22″E / 27.54917°N 68.07278°E / 27.54917; 68.07278مڪانيت: 27°32′57″N 68°04′22″E / 27.54917°N 68.07278°E / 27.54917; 68.07278
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو لاڙڪاڻو ضلعو
تعلقو لاڙڪاڻو تعلقو
آبادي (2017)
 • ڪل 11,782

ڪائونسل سنواريو

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين عرفان علي ۽ وائيس چيئرمين ماھي خان جاگيراڻي چونڊجي آيا جن جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي سان ھيو[2]..ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ شاھ حسن جو جميل حسين لاھوري ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوار ھيو

تعليم ۽ صحت جون سهولتون سنواريو

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري، مڊل ۽ سيڪنڊري تعليم جي سھولت ميسر آهي. ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي. ڳوٺ رتوڪوٽ م ٽي پرائمري اسڪول آھن. ان جي لڳ ڳوٺ علي محمد چاوڙو ۾ ھڪ ھاء اسڪول واقع آهي. ٻين ڳوٺن ۾ پرائمري اسڪول آھن. صحت لاءِ رتوڪوٽ ۾ ھڪ سرڪاري ڊسپينسري آهي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم سنواريو

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون سنواريو

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن. رتي ڪوٽ جي اتر ۾ ھڪ وڏو پاڻي جو تلاء آھي.

حوالا سنواريو

  1. http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/bwpsr/sindh/LARKANA_BLOCKWISE.pdf
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/