رانا دجاني

اردني سالميائي حياتيات دان


رانا دجاني (انگريزي: Rana Dajani) [3] اردن جي هڪ سالميائي حياتيات دان ۽ جامعه هاشميه جي شريڪ پروفيسر آهي.[4] هن آئيووا يونيورسٽي کان سن 2005ع تي سالميائي حياتيات ۾ پي ايڇ ڊي جي سند حاصل ڪئي..[5] هن وٽ هارورڊ يونيورسٽي جي اداري ريڊ ڪلف انسٽيٽيوٽ فار ايڊوانس اسٽيڊي جو فيلوشپ[6] ۽ آئزن هاور فيلوشپ آهي.[7] ڊاڪٽر دجاني هڪ فل برائيٽ اسڪالر مان پڙهيل آهي ۽ ٻه فل برائيٽ اعزاز پڻ ماڻي چڪي آهي.[8][9] هي ييل اسٽيم سيل سينٽرل جي سابقه وزٽنگ پروفيسر ۽ ڪيمبرج يونيورسٽي ۽ اسٽيم سيل ٿيراپي سينٽر، اردن ۾ پڻ وزيٽنگ پروفيسر آهي.[10]

رانا دجاني
(عربي ۾: رنا الدجاني خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
رانا دجاني
رانا دجاني

معلومات شخصيت
ڄم صدي 20ء  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
شھريت اردن [1]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
مادر علمي آئيووا يونيورسٽي   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مادر علمي (P69) وڪي ڊيٽا تي
پيشو سالميائي حياتيات دان   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي عربي ٻولي   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
نوڪريون جامعه هاشميه [2]،ڪيمبرج يونيورسٽي   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو employer (P108) وڪي ڊيٽا تي

گڏيل بادشاهت جي ”مسلمان سائنس مخزن“ پاران هن کي اسلامي دنيا جي وڌيڪ اثر رکندڙ عورت سائنسدان ڄاڻيو ويو آهي. ”وچ اوڀر مخزن“ پاران 100 مسلمان دنيا جي طاقتور عورتن جي فهرست ۾ هن کي 33 هين نمبر تي ڄاڻيو ويو آهي.[11]

اعزاز سنواريو

اردن جي گادي جي هنڌ عمان ۾ آمريڪي ڪائونسل خاني پاران ماحوليات، سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ صحت بابت ڪوٺايل ڪنسرٽ ۾ دجاني کي 2015ع جي سائنس بابت عورتن جي شهرت گاهه (انگريزي: Hall of Fame) ۾ شامل ڪيو ويو.[11][12] هي اعزاز هن کي حياتياتي ارتقا، اسلام، ذيابيطس ۽ ڪينسر جهڙن بيمارين جي تحقيق جي مڃتا طور ڏنو ويو.[13] دجاني عورتن جي لاءِ سائنس جي تعليم پرائڻ، ۽ اسلام تعليم ۽ حياتياتي ارتقا جي ميلاپ جي وڏي وڪيل پڻ آهي.[14] هن پاران شروع ڪيل اسان پڙهڻ سان محبت ڪيون ٿا (انگريزي: We Love Reading) پروگرام جو مقصد ٽهين ملڪن ۾ ٻارن جي تعليم بابت ڄاڻ اجاگر ڪرڻ آهي.[12]

حوالا سنواريو

  1. https://www.al-fanarmedia.org/2024/02/doing-better-science-by-including-local-researchers-and-communities/
  2. https://orcid.org/0000-0002-4355-9977 — اخذ شدہ بتاریخ: 6 جنوري 2019
  3. وڪيپيڊيا واپرائيندڙ، «Rana Dajani»، کليل ڄاڻ چيڪلو انگریزي وڪيپيڊيا ۔
  4. Rana. B. MR. Al-Dajani, Hashemite University, retrieved 2017-08-02.
  5. Past students in Molecular Medicine (formerly Molecular & Cellular Biology) آرڪائيو ڪيا ويا 2017-08-03 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., University of Iowa Carver College of Medicine, retrieved 2017-08-02.
  6. "Rana Dajani" (en ۾). Radcliffe Institute for Advanced Study at Harvard University. 2017-03-30. https://www.radcliffe.harvard.edu/people/rana-dajani. 
  7. "Rana Dajani" (en ۾). Radcliffe Institute for Advanced Study at Harvard University. 2017-03-30. https://www.radcliffe.harvard.edu/people/rana-dajani. 
  8. Yale News, First Person: A Fulbrighter at Yale.
  9. "Jordanian Fulbright Alumna Receives Global Changemaker Award". Amidest. America-MidEast Educational and Training Services. حاصل ڪيل 8 August 2017. 
  10. Dajani, Rana (2014-06-12). "Jordan’s stem-cell law can guide the Middle East" (en ۾). Nature 510 (7504): 189–189. doi:10.1038/510189a. http://www.nature.com/news/jordan-s-stem-cell-law-can-guide-the-middle-east-1.15385. 
  11. 11.0 11.1 "Embassy Amman honors Dr. Rana Dajani Associate Professor Molecular Cell Biology at the Hashemite University". U. S. Embassy in Jordan. حاصل ڪيل 5 August 2017. 
  12. 12.0 12.1 "Rana Dajani We Love to Read, Jordan Founder and Director". Dart Center for Journalism & Trauma. حاصل ڪيل 4 August 2017. 
  13. Clark, Kelly James (2014). Religion and the Sciences of Origins: Historical and Contemporary Discussions. Springer. ISBN 9781137414816. https://books.google.com/?id=m01vBAAAQBAJ&pg=PA238&dq=Rana+Dajani#v=onepage&q=Rana%20Dajani&f=false. Retrieved 8 August 2017. 
  14. "‘The Anti-Revolutionary’: One on one with Dr. Rana Dajani". Muslim Science. حاصل ڪيل 4 August 2017.