هاشميه يونيورسٽي

اردن جي سرڪاري يونيورسٽي

هاشميه يونيورسٽي (انگريزي: Hashemite University)، (مخفف: HU) [2] اردن جي رياست پاران هلائي ويندڙ يونيورسٽي آهي. هي يونيورسٽي 1995ع تي قائم ٿي. هي يونيورسٽي زرقا شهر ۾ آهي. تعليمي نظام ۾ هتي ڪلاڪن تي مشتمل پڙاهائي ٿيندي آهي، هر ڪاليج ۾ ڪلاڪن جو حساب الڳ آهي. هي اردن جي واحد يونيورسٽي آهي جتي گرمين ۾ ٻه سيمسٽر وارو نظام لاڳو ڪيو ويو. هي يونيورسٽي ڪيترن ئي شعبن ۾ ماسٽر ڊگري لاءِ شاگردن کي تعليم ڏي ٿي. هتي پرڏيهي شاگردن جي داخلا پڻ ڪئي ويندي آهي.

هاشميه يونيورسٽي
قسم عوامي
سرگرم 1995
چيئرمين ياسين الحسبن.[1]
وائيس چانسلر فواز العبد الحق
تدريسي عملو
609
شاگرد 29,803 (2017)
پتو زرقه، اردن
اردن
ڪيمپس شهري
8519 دائونم
رنگ نارنگي ۽ ڳاڙهو
        
لاڳاپا عالمي يونيورسٽين جي تنظيم،
اسلامي يونيورسٽين جون وفاق،
عرب يونيورسٽين جي تنظيم
ويب سائيٽ www.hu.edu.jo

جاءِ سنواريو

هاشميه يونيورسٽي عالمي شاهراهه جي پاسي تي واقع اردن جي شهر زرقا ۾ قائم آهي. يونيورسٽي جو اولهه وارو در، جيڪو مُک در آهي اهڳ عالمي شاهراهه جي طرف آهي.[3]

تاريخ سنواريو

19 جون 1991ع تي هاشميه يونيورسٽي قائم ڪرڻ لاءِ بادشاهي حڪمنامو جاري ٿيو. يونيورسٽي ۾ تدريسي عمل باقائده 16 سيپٽمبر 1995ع تي شروع ٿيو. هي يونيورسٽي 8519 ايڪڙن جي وسيع ايراضي تي ڦهليل آهي.[4]

تدريسي شعبا سنواريو

حوالا سنواريو

  1. petra news.
  2. وڪيپيڊيا واپرائيندڙ، «Hashemite University»، کليل ڄاڻ چيڪلو انگریزي وڪيپيڊيا ۔
  3. Hashemite University official website/ location, وقت 2017-03-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2018-08-17 
  4. Hashemite University official website/ Establishment, وقت 2017-03-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2018-08-17 

مڪانيت: 32°06′12″N 36°11′02″E / 32.1032°N 36.1840°E / 32.1032; 36.1840