ديوان قاسم
ديوان قاسم(انگريزي: Diwan e Qasim) مرزا قليچ بيگ جي ڪتاب جو نالو آهي.ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو جي مطابق آخوند محمد قاسم ولد نعمت الله هالائي (1806ع – 1881ع) جي ديوان بابت ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب لکي ٿو ته: ”ديوان قاسم پهريون دفعو 1875ع ۾ ڇپيو. اُن کانپوءِ ٻيو ڀيرو مرزا قليچ بيگ ترتيب ڏنو.[1] مرزا صاحب جي ترتيب ڏنل ”ديوان قاسم“ کي سندس فرزند مرزا اسد بيگ صاحب سڌاري سنواري ڇپايو. مرزا صاحب جو ترتيب ڏنل ”ديوان قاسم“ 1936ع ۾ پهريون دفعو پوڪرداس ”آرين اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس“ مان ڇپائي پڌرو ڪيو. هي ڪتاب 172 صفحن تي مشتمل آهي.
مصنف | مرزا قليچ بيگ |
---|---|
اصل عنوان | ديوان قاسم |
ملڪ | سنڌ, پاڪستان |
ٻولي | سنڌي |
موضوع | سنڌي ادب سنڌي شاعري |
صنف | شاعري |
شايع ڪندڙ | پوڪرداس |
ڇاپي جي تاريخ |
1936 |
صفحا | 172 |
حوالا
سنواريو- ↑ {(16) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو: ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“، زيب ادبي مرڪز حيدرآباد، ص 239.}