ديدي ڪورڪوت جو ڪتاب

ڪتاب:تُرڪَ، آذربائيجاني ۽ تُرڪمان جو قومي جنگ نامو يا سورهيائيءَ جي مهاڪهاڻي

ديدي ڪورڪوت جو ڪتاب يا ڪورڪوت عطا جو ڪتاب (ترڪي ٻولي: Dede Korkut or Korkut Ata; آذربائيجاني: Dədə Qorqud, دده قورقود; سانچو:Lang-tk) اوگز ترڪن جي بهادري جي مشهور ڪهاڻين جو ڪتاب آهي.  انهن ڪهاڻين کي خانابدوش تُرڪيڪ ماڻهن جي معاشرتي طرز زندگي ۽ اسلام-کان-اڳ جي سندن اڳوڻي عقيدن جي لاءِ اخلاقيات ۽ ڳُڻن واري اهميت حاصل آهي. ان ڪتاب جو خيالي داستان، ترڪُ ملڪن جهڙوڪ ترڪي، آذربائيجان، ترڪمانستان، قزاقستان ۽ ڪجهه حد تائين ڪرزستان  جي ثقافتي ورثو سان لاڳاپو رکي ٿو.

Book of Dede Korkut 
by لوڪ

ديده قورقت آذربائيجان جي ٽپال ٽِڪلي تي
Country  ترڪي
 آذربائيجان
 ترڪمانستان
Language اوغز ٽَرِڪش
Subject(s) ڪهاڻيون خانہ بدوش ترڪش معاشرتي طرز زندگي لاءِ اخلاقيات ۽ قدرن جي اهميت ڏيکارين ٿيون.
Genre(s) رزميه شاعري
ديدي قورقت/ڪورڪت/ديدي ڪورڪت, مهاڪهاڻي ثقافت, لوڪ ڳالهيون
ديس آذربائيجان, قازقستان ۽ ترڪي
حوالو 1399
ڏيھه Europe and North America
Inscription history
لکيل اکر 2018 (13th session)

منگولڪ ۽ ترڪ ٻولي جي گهراڻي منجهان 1،000 کان مٿي وڌيڪ رڪارڊ ٿيل داستان ڊيڊي ڪورڪوت ڪتاب جون مها ڪهاڻيون آهن.

مهاڪهاڻي جي ابتدا خُلاصو سنواريو

ديدي ڪورڪوت ھڪ ڪتاب:تُرڪَ، آذربائيجاني ۽ تُرڪمان جو قومي جنگ نامو يا سورهيائيءَ جي مهاڪهاڻي يا داستان (ڪٿا) آھي، جيڪو اوغز ترڪ ماڻهن ۾ اوغز-نامو سان پڻ سڏيو ويندو آھي،[1] جيڪو وچ ايشيا ۾ شروع ٿئي ٿو، اناتوليا ۽ ايران ۾ جاري آهي، ۽ ان جي گهڻو مرڪز آذربائيجاني قفقاز ۾ آهي[2] بارٿولڊ موجب، "اهو اندازو لڳائڻ ممڪن ناهي تہ هي داستان  قفقاز ۾ لکڻ کانسواءِ ڪٿي بہ لکيو وڃِي ها".[3]

ترڪ ماڻهن لاءِ، خاص طور تي اُهي ماڻهو جيڪي پاڻ کي اوگهز (اوغز) طور سڃاڻپ ڪرائن ٿا، انهن جو اهو قومي سڃاڻپ، تاريخ،  رسم ۽ رواج ۽  ڳُڻن (خوبين) جو بنيادي ذخيرو آهي.

سوويت سُلوڪ سنواريو

ديدي ڪورڪوت جي ڪتاب ۾ بيان ڪيل ترڪ عوام ۽ ڌرتي جي گهڻائي هئي، جيڪي 1920 کان 1991 تائين سوويت يونين جو حصو هئي، ۽ انهيءَ ڪري گهڻي تحقيق ۽ دلچسپي جي شروعات اتان پيدا ٿي.

تنهن هوندي، داستانن جي ڇپائي ان دور ۾ مڪمل طور تي ختم نه ٿي هئي، ڇو ته الپاميش جا ايڊيشن 1957، 1958 ۽ 1961 ۾ ڇپيا،[4] جيئن اهي 1939، 1941 ، 1949 ع ۾ ڇپجي ويا هيا.[5] گريٽ سوويت انسائيڪلوپيڊيا (جُلد 13، 1952) ٻيوڇاپو (اِڊيشن) ۾ داستانن جي داخلائن تي ڪا به "ناپسنديءَ جو اظهار(مذمت)" شامل ناهي.[6]

يونيسڪو يادگار سنواريو

1998 ۾، آذربائيجان جمهوريا ۽ يونيسڪو نامزد ڪيو، ۽ 2000 ۾، "آذربائيجان جي مشهور افسانوي ڪتاب ڊيڊي ڪورڪڊ جي هڪ هزار ٽي سئو ورسي" جو جشن ملهايو ويو.[7]

پڻ ڏسو سنواريو


نوٽس سنواريو

  1. "Dastan". Great Soviet Encyclopedia (in 30 volumes), Third edition, Moscow, 1970
  2. "«ÐšÐ¸Ñ‚аби деде Коркуд»". archive.is. وقت 25 May 2005 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 26 January 2019.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  3. (Barthold 1962120)
  4. "Alpamysh" entry in Bol'shaya sovetskaya entsiklopediya (دي گريٽ سوويت انسائيڪلوپيڊيا, third edition) [1]
  5. Alpamysh entry in Bol'shaya sovetskaya entsiklopediya (دي گريٽ سوويت انسائيڪلوپيڊيا, ٻيو ڇاپو)
  6. "Dastan" in Great Soviet Encyclopedia, second edition. پڻ ڏسو "Dastan" [2] entry in the گريٽ سوويت انسائيڪلوپيڊيا, ٽِيون ڇاپو.
  7. UNESCO website, accessed March 19, 2007 آرڪائيو ڪيا ويا April 6, 2007, حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. Celebration of anniversaries with which UNESCO was associated since 1996, UNESCO website, accessed March 19, 2007

حوالا سنواريو


ببلوگرافي سنواريو

خارجي ڳنڍڻا سنواريو