ديھ دوست علي(انگريزي: Deh Dost Ali) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا دوست علي تپي ۾ واقع آهي.

دوست علي (قمبر)
ديھ دوست علي
ديھ
Deh
دوست علي (قمبر) is located in سنڌ
دوست علي (قمبر)
دوست علي (قمبر)
دوست علي (قمبر) is located in Pakistan
دوست علي (قمبر)
دوست علي (قمبر)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°36′36″N 67°53′33″E / 27.61000°N 67.89250°E / 27.61000; 67.89250مڪانيت: 27°36′36″N 67°53′33″E / 27.61000°N 67.89250°E / 27.61000; 67.89250
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو قمبر تعلقو
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 5,324

تاريخ سنواريو

بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ 1936 واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ديھ ۾ واقع ڳوٺن جا نالا نئون ڳوٺ درمحمد نائچ، ڳوٺ فقير محمد سپريو، ڳوٺ عثمان جوڻيجو، ڳوٺ خدابخش، ڳوٺ محمد رفيق، ڳوٺ مياڻي آتڻ، ڳوٺ مياڻي ڪڙھ، ڳوٺ خاوندڏنو گڊو واقع ھيا ۽ جيڪي ھاڻي تائين ساڳيا قائم آھن

جاگرافي سنواريو

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ قائم گوپانگ ۽ ديھ ڪلھوڙا، اوڀر ۾ ديھ چچا، ڏکڻ ۾ ديھ مراد علي ۽ اولھ ۾ ديھ ڪور سليمان ۽ ڪور ڪمال واقع آھن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آهي. ھن ديھ جي اترئين ڀاڱي مان نور واھ وھي ٿو. پنھوارو شاخ ، وارھ برانچ ۽ دوست علي مائنر ٽئي گڏوگڏ ھن ديھ مان گذرندڙ آھن. ھن ديھ ۾ وڏو نھري نظام آھي. ديھ جي اولھ ۾ ڪور ڪمال ۽ ڪور سليمان واري دنگ تي ريگيوليٽر مان سليمان مائنر ۽ مراد علي مائنر وارھ برانچ مان نڪرن ٿيون.ان ريگيوليٽر جي اولھ طرف ديھ دوست علي، ديھ ڪور ڪمال ء ديھ ڪور سليمان جي دنگ تي دوست علي ڳوٺ واقع ھيو جيڪو ديھ ڪور ڪمال ۾ شامل ھو ۽ ڪڙيو ولي محمد جي لڳ ھو. جيڪو 1880 کان اڳ ڦٽي چڪو ھو. ان ڳوٺ جي نالو ھن ديھ تي پيل آهي. ديھ ڪمال خان ۽ ديھ ڪلھوڙا واري ھن ديھ سان لڳ دنگ تي وارھ برانچ مان ڪور محبت، ڪور کٽن جي، ڪور قمبر، ڪور ماڇين جي ۽ ڪور حسن ھتان نڪرن ٿيون. ھن ديھ مان شھدادڪوٽ ڏي رستو پڻ اتان گذري ٿو. ھن ديھ مان قمبر دوست علي روڊ پڻ گذرندڙ آھي. دوست علي ڳوٺ ھن ديھ کان ٻاهر ديھ ڪور ڪمال ۾ واقع ھوندو ھيو جيڪو 1881ع جي بورڊ آف روينيو جي ديھ جي نقشي ۾ ڦٽل ڳوٺ طور ڏيکاريل آهي. ھن ديھ مان ان ڳوٺ طرف رستو ۽ ھڪ پيچرو ويندڙ ھيو.

آبادي سنواريو

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 5,324 ھئي جيڪا 1,395 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]