مسلمان فقير جيڪي پنهنجي مخصوص عقيدن ۽ آئين ملي جي رو سان غربت ۽ عسرت جي زندگي گذارڻ جا پابند هوندا آهن۔ انهن جا بيشمار سلسلا آهن۔ اڪثر سيلاني زندگي جا عادی هوندا آهن. اسانجي ملڪ ۾ قلندرن جا ڪجهه گروهه هن ذیل ئي زمري ۾ اچن ٿقا۔ انهن ۾ ڪجهه عورتن وانگر رنگين ڪپڙا ۽ زيور پائيندا آهن۔ انهن جو خيال آهي ته جهڙي طرح سينگار واري عورت مرد کي وڻندي آهي۔ ساڳي طرح هو به خدا جي ويجھو مقبول ٿيندا۔ درويشن جا چار بنيادي سلسلا آهن۔

1۔ نقشبندي

2۔ سهروردي

3۔ قادري

4۔ چشتي

پنهنجي سلسلي ۾ آخر ڪار انهن مان ڪنهن هڪ سان تعلق رکي ٿو۔ حضرت معين الدين چشتیي اجمير ۔ خواجه بختيار ڪاڪي دهلوي ۔ چشتيه سلسلي سان تعلق رکن ٿا۔ سهروردي سلسلي جو سڀ کان معزز درويش حضرت بہا الدين زڪريا ملتاني ٿيا هن جن جي مزار ملتان جي قلعي ۾ آهي۔ فارسي جو مشهور شاعر حضرت سعدي به هن سلسلي جو درويش هيو ۽ هن سلسلي جو باني حضرت شهاب الدين سهروردي جيو مريد خاص هيو۔ نقشبندي سلسلي ۾ حضرت مجدد الف ثاني جي نالي سانب هر مسلمان واقف آهي۔ سلسلي قادريه جي بزرگن جون گديون ملتان ، اُچ ۽ بغداد ۾ آهن۔

اسلامي لقب

سنواريو

تصويرون

سنواريو