چٽڻي(انگريزي: Chutney)چٽڻي کي انگريزي ۾ ساس(انگريزي: Sauce) چوندا آهن جيڪا رسيلي ھوندي آھي ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ کاڌي طور استعمال ٿيندي آهي.اھا مصالحيدار، نمڪين ۽ کٽاڻ وانگر ھوندي آھي. ان جا ڪيترائي قسم آھن مختلف سبزين، ٻجن يا گلن وارن ٻوٽن(انگريزي: herbs) ,تازن ميون ، خشڪ ميون وغيره ۾ان ٺھندي آھي. عام طور تي ان ۾ ٻيون کاڌي جو شيون ٻوڙي ذائقي طور کاڌيون وينديون آهن جن ۾ پٽاٽو، چشڪ پڪل گوشت، کيرو ، پڪوڙا، ڪچوڙيون، نمڪين بسڪيٽ وغيره شامل آهن.[1][2] اڄڪلھ چٽڻي ۽کٽاڻ جو وڏو ڪاروبار ٿيندو آهي . پاڪستان ۾ شڪارپور شھر ۾ ڪيترائي ڪارخانا آھن . ان کان سواءِ ڪراچي ۽ ٻين پاڪستاني وڏن شھرن ۾ کاڌن جي صنعت ۾ احمد ۽ نيشنل فوڊ ڪمپنيون چٽڻين ٺاھڻ لاء مشھور آھن. شڪارپور ۾ مولا بخش آچار ۽ سڪندر آچار وارن جي انبن مان ٺھندڙ کٽي مٺي چٽڻي مشھور آھي. چٽڻي ۾ سرڪي جو استعمال ڪثرت سان ٿيندو آهي.[3]

چٽڻي

تصوير ۾ سڀ کان ويجھو پيالو ڏھي جو آھي
ٻيا نالا چٽني ، کٽاڻ
ملڪ ننڍو کنڊ ھند
علائقو  پاڪستان,  ڀارت ,  بنگلاديش,  سري لنڪا,  نيپال
مکيہ شامل جزا کاڌي وارا مصالحا جيئن لوڻ ، چٽپٽا مصالحہ؛ سبزيون يا ميوا جيئن ساوا مرچ، آلوبخارا، ڊيمزن(انگريزي: Damson)، ٽماٽا، صوف، ناشپتي، بصر، ٿوم، انجير وغيره.
  Media: چٽڻي
ڏکڻ انڊيا جي چٽڻي جو ھڪ نمونو
چٽڻيون
انب جي چٽڻي
ادرڪ جي چٽڻي

چٽڻي نالو سنواريو

چٽڻي لفظ زبان سان چٽڻ مان نڪتل آھي.ان کي عربي ۾ لعوق، فارسي ۾ ترشا، ھندي ۽ اردو ٻولين ۾ چٽني چوندا آھن[4].

سڃاڻپ سنواريو

هيءَ گهڻن قسمن جي ٿئي ٿي، مگر هتي ذڪر ميون جي چٽڻين جو آهي، جيڪي ڪنهن ڪچي ميوي کي ڪٽي سنهو ڪري اُن ۾ کنڊ ۽ سرڪي جو قوام ملائي ٺاهيندا آهن[4].

خاصيت سنواريو

بک وڌائي، کاڌي کي هضم ڪري، صفرا جو جوش لاهي. وائي باديءَ کي بند ڪري، وات جي ذائقي ۾ مفيد آهي.[4]

حوالا سنواريو

  1. "Chutney of Empire". hardylane.blogspot.se. حاصل ڪيل 27 October 2017. 
  2. Bateman, Michael. "Chutneys for relishing". The Independent. حاصل ڪيل 27 October 2017. 
  3. "2.2. Selecting products and production methods". www.fao.org. حاصل ڪيل 27 October 2017. 
  4. 4.0 4.1 4.2 ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو