سکر: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
==حوالا== {{حوالا}} {{موضوعات سکر}}
←‏تعارف: book reference
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ايپ سنوار
سِٽَ 27:
== تعارف ==
سکر [[سنڌ]] جو ٽيون نمبر وڏي ۾ وڏو شهر ۽ اترين سنڌ جو وڏي ۾ وڏو شهر آهي. سکر جو شهر [[سکر بيراج]] جي ڪري پڻ مشهور آهي. انتظامي لحاظ سان سکر ضلعي جي حيثيت رکي ٿو ۽ هن وقت اتي ضلعي حڪومت پڻ ڪم ڪري رهي آهي.
 
مرزا قليچ بيگ لکيو آهي ته:"سکر لوهريءَ جي آمهون سامهون درياهه جي ڪناري تي آهي. اصل بکر جي تعلقي ۾ هو پر نادر شاهه جي وقت کان وٺي شڪارپور جي تعلقي ۾ داخل ٿيو. اصلوڪو سکر اهو آهي. جنهن کي هاڻي پراڻو سکر ٿا چون. سکر جي اُلهندي ڏي هڪڙي ٽڪري آهي. جنهن کي آدم شاهه جي ٽڪري چون ٿا. انهيءَ تي آدم شاهه عباسيءَ جي قبر آهي. جو ڪلهوڙن جو ڏاڏو هو ۽ جنهن جو بيان سنڌ جي تاريخ ۾ آهي. پهرين چانڊڪي يا لاڙڪاڻي ۾ زمين هيس. پوءِ ملتان ۾ ويو ۽ مريدن جو لشڪر گڏ ڪري فساد ڪرڻ لڳو ۽ شهيد ٿيو.
مير معصوم شاهه جو اشارو مٿي بکر ۾ ڏنو ويو آهي. جو اڪبر بادشاهه جي ڏينهن ۾ بکر جو نواب هو ۽ قلعو پڪو ڪرايائين ۽ پڪين سرن جو منارو جوڙايائين. جو سئو فوٽ مٿي آهي ۽ گردي ۾ 84 فوٽ آهي. اهو منارو شروع سنه 1002 (=1593ع) ۾ ٿيو، پر 14 ورهيه پوءِ مير معصوم جي پٽ پورو ڪرايو. انهن ٻنهي جون قبرون به اُتي آهن. معصوم ٻيون به گهڻيون عمارتون جوڙايون. مسجد ۽ مسافر خانو به سندس جوڙايل آهن. پراڻي سکر واري جامع مسجد مير معصوم جي والد سيد صفائيءَ جي جوڙايل آهي. مير عبدالباقي پورانيءَ جي به اتي قبر آهي. اتي جي ماڻهن مان ڪي ٿورا هيٺ ڏجن ٿا:
شاهه خير الله يا خيرالدين _ هو احمد شاهه جو پٽ هو. جو پيران پير شيخ عبدالقادر جيلانيءَ جي پنجين پيڙهيءَ مان هو. اهو 911 هجريءَ ۾ بغداد ۾ ڄائو هو. چاليهن ورهين جي عمر ۾ حج ڪرڻ لڳو ۽ ٻارهن حج ڪيائين ۽ 14 ورهيه مدينه منوره ۾ رهي علم جي تحصيل ڪيائين. پوءِ عرب ۽ عجم جي سير ۽ سياحت تي نڪتو. 33 ورهيه گشت ڪري ڪي ڏينهن بلڙيءَ ۾ رهي. پوءِ اچي سکر ۾ منزل ڪيائين ۽ هڪڙو جبل پسند ڪيائين. جنهن کي اڃا تائين شاهه جو جبل چوندا آهن. انهيءَ جي هڪڙي غار ۾ عبادت ڪندو هو. سندس ڪرامتون ڏسي ماڻهو سندس مريد ٿيڻ لڳا. هڪ سئو ورهين عمر ۾ وفات ڪيائين ۽ سندس قبو به انهيءَجبل تي آهي. سندس وفات جي تاريخ رمضان سنه 1027 هجري (=1617ع) آهي. اهو سال هن مصرع مان ابجد جي حساب سان ٿو نڪري: مرشد کامل طريق احمدي، ميان سَڌو ۽ ميان جمال الدين سندس مريد ۽ مجاور هئا. جمال الدين جو پٽ ميان غلام محمد سنه 1174 هجري (=1760ع) ۾ اهو قبو ڊهرائي وري ٻيو وڏو ٺهرايو. جيئن لکيل تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو. پونيون مجاور ۽ سجاده نشين سعيد محمد هو.
ميرڪ بايزيد پٽ ميرڪ ابو سعيد سبزواري عربشاهيءَ جو پنهنجي ڀآءٌ ميرڪ شيخ محمود سان گڏ رهندو هو. ٻئي علم ۽ عمل جا صاحب هئا. پهرين قنڌار ۾ رهندا هئا. پوءِ اتان مرزا شاهه بيگ ارغون سان سنڌ ۾ آيا ۽ ميرڪ بايزيد بکر ۽ سکر جو شيخ الاسلام مقرر ٿيو ۽ سکر ۾ رهيو. پر ڀاڻس وڃي ٺٽي ۾ رهيو. هن جي مرڻ کان پوءِ سندس پٽ مير عبدالباقي به پيءُ جي جاءِ تي نالي وارو ٿيو ۽ سندن گهڻو اولاد ٿيو.
انهن کان سواءِ مير عاقلشاهه ۽ سندس ڀآءٌ مير محمد حسين ۽ مير محمد زڪريا (جو مير معصوم شاهه بکريءَ جو پوٽو هو) ۽ سندس پٽ مير علي شير ۽ مير محمد يعقوب حڪيم جو ملتان مان اچي اتي رهيو) مشهور هئا.
الور (اروڙ)
هي قديم سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو. هاڻي انهيءَ کي اروڙ ٿا چون. انهيءَ جو ذڪر تاريخ ۾ آهي. ۽ اهو دلوراءِ راجا جي ظلم کان ڦٽو. جنهن جو قصو مشهور آهي ۽ جو سومرن جي زماني ۾ هو. چون ٿا ته هو اهڙو ظالم ۽ زبردست هوندو هو، جو جيڪو سوداگر اتي ايندو هو. انهيءَ جي مال جو اڌ وٺندو هو؛ پر جي ڪا خوبصورت زال انهيءَ سان هوندي هئي ته اها به ڦري وٺندو هو. هڪڙي ڀيري هڪڙو سوداگر سيف الملوڪ نالي آيو. جو اصل شهزادو هو، پر تاجر ٿي نڪتو هو ۽ حج تي ٿي ويو. انهيءَ سان هڪڙي خوبصورت زال هئي. جنهن جو نالو بديع الجمال هو. انهيءَ لاءِ اچي هن ڪشش ڪئي. هن ٽي ڏينهن مهلت گهريس. جا مليس. انهيءَ وچ ۾ هن خدا جي درگاهه ۾ عزت جي بچآءٌ جون دعائون گهريون ۽ راتيون جاڳيو. پوءِ ڪن ماڻهن جي مدد سان رات جو لڪ چوريءَ ٻيڙيءَ تي چڙهي نڪري هليو ويو ۽ حج ڪري وري ديري غازي خان ۽ سيتپور جي وچ ۾ اچي رهيو ۽ اولاد سميت اتي مري ويو ۽ دفن ٿيو. انهيءَ سوداگر جي نڪرڻ کان پوءِ زمين ڌٻي ۽ سارو شهر غرق ۽ ويران ٿي پيو ۽ درياهه. جو انهيءَ جي پاسي کان لنگهندو هو. سو ڦري لوهري ۽ بکر جي وچان وهڻ لڳو، شهر جي ڦٽڻ کان پوءِ دلوراءِ وڃي برهمڻ آباد ۾ رهيو. جو پڻ ساڳيءَ طرح ويران ٿيو. جنهن جو ذڪر پنهنجي موقعي تي ايندو.
الور جي مشهور ماڻهن مان ڪي هيٺ ڏجن ٿا:
(1) قاضي اسماعيل، جو محمد شيباني بن عثمان ثقفيءَ جي اولاد مان هو. جنهن کي محمد قاسم قاضي ۽ خطيب مقرر ڪري الور ۾ رکيو. انهيءَ جي اولاد مان به هڪڙو قاضي اسماعيل سنه 600 هه ۾ هو. جنهن وٽ عربن جي فتح ۽ سنڌ جي تاريخ جو احوال لکيل هو. جو علي بن حامد ڪوفي اُچ واري ولي عربيءَ مان فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو. جنهن تان ”چچ نامه“ ٺهيو. (2) شيخ محمود قطب. مخدوم جلال جهانيان جو مريد هو. انهيءَ جو قبو اتي آهي ۽ هڪڙي وڏي زيارتگاهه آهي. (3) ڇٽو امراني. جو دلوراءِ راجا جي سئوٽن مان هو. الور جي ڦٽڻ کان پوءِ هو لڏي سيوهڻ ۾ وڃي رهڻ لڳو ۽ اتي دفن ٿيل آهي. (4) قاضي ستابه الور جو قاضي ۽ بکر جو محاسب هو. (5) شاهه شڪر گنج. لعل شهباز قلندر سيوهاڻيءَ جي وقت جو هو ۽ سندس دوست هو. انهيءَ جو قبو اڳوڻي درياهه جي ڪناري تي هڪڙي ٽڪريءَ جي مٿان آهي ۽ اتي هر سال ميلو لڳندو آهي.
عربن جي فتح کان پوءِ. عربن پنهنجو مکيه شهر منصوره ڪيو ۽ اروڙ پوءِ به ٻن سون ورهين تائين هندن جو شهر هو، پوءِ ڦٽو. ڪن جو چوڻ آهي ته الور اصل الرور هو. جيئن ڪن عربي ڪتابن ۾ به لکيل آهي ۽ جڏهن شهر ڦٽڻ کان پوءِ ۽ درياهه جي مٽجڻ کانپوءِ اتي جا ماڻهو لڏي اچي نئين شهر ۾ ويٺا. تڏهين انهيءَ جو نالو روهڙي رکيائون. جو رور مان نڪتل آهي ۽ عربيءَ۾ انهيءَ کي لوهري لکيائون. شاهه شڪر گنج ۽ شيخ محمود قطب جي ڀرسان هڪڙي مسجد به پوءِ عالمگير بادشاهه يعني اورنگزيب جي ڏينهن ۾ جڙي."<ref>قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو</ref>
 
==تاريخ==