عالمگير ويب: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
==ويب ڇاآهي؟==
ويب هڪ ورلڊ وائيڊ ويب [https://en.wikipedia.org/wiki/World_Wide_Web WWW] جو مخفف آهي
جيڪو انٽرنيٽ تي موجود مضمونن جو هڪ جهڳٽو يا سيٽ آهي جنهنکي ويب برائوزر يا ويب ڳولهيندڙ جي مدد سان ڏسي سگهجي ٿو.ڪيترائي ماڻهو سمجهن ٿا ته ويب ساڳئي طرح آهي جيئن انٽرنيٽ ۽هو انهن کي متبادل طور استعمال ڪن ٿا. جڏنهن ته محاورو انٽرنيٽ اصل ۾ عالمي نيٽورڪ سرور ڏانهن اشارو ڪري ٿو جيڪو ويب تي معلومات ونڊڻ کي ممڪن بڻائي ٿو. تنهنڪري ، ويب جيتوڻيڪ انٽرنيٽ جوهڪ وڏو حصو ٺاهي ٿو ، پر ويب ۽ انٽرنيٽ هڪ يا ساڳئئ شئ ناهين. '''ويب جي وضاحت''' : ويب پيج هائپر ٽيڪسٽ مارڪپ لينگويج([https://en.wikipedia.org/wiki/HTML HTML]) ۾ ترتيب ڏنا وڃن ٿا. HTML هڪ [[ڪمپيوٽر]] جي ٻولي آهي جيڪا استعمال ڪندڙ کي سهوليت ڏئي ٿي ته هو ويب جي مختلف صفحن کي لنڪ جي ذريعي ڪلڪ ڪري سگهي. ويب [https://en.wikipedia.org/wiki/Hypertext_Transfer_Protocol HTTP] پروٽوڪول ذريعي ڊيٽا (اعداد و شمار) جي ترسيل ۽ معلومات ونڊڻ ممڪن بڻائي ٿي. ويب تي موجود دستاويز يا ويب پيج، جيڪي لنڪس جي ذريعي انٽرنيٽ سان جڙيل هونداآهين تن کي برائوزر جهڙوڪ انٽرنيٽ ايڪسپلورر، گوگل ڪروم يا موزيلا فائر فاڪس جي ذريعي رسي سگهجي ٿو. معلومات کي انٽرنيٽ تي ونڊڻ لاءِ ويب هڪ راهه يا طريقوآهي ,جڏنهن ته ٻين طريقن ۾ اي ميل ، بروقت پيغام (Instant Messaging) ۽ فائيل منتقلي جو اصول([https://en.wikipedia.org/wiki/File_Transfer_Protocol FTP]) شامل آهن.