ارسطوبيولس ڪاسندراني: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ڳنڍڻن کي شامل/بهتر ڪيو
سِٽَ 1:
'''ارسطو بيولس'''{{ٻيا نالا|انگريزي= '''Aristobulus '''}} [[مقدونيا|مقدوينہ]] جي قديم شھر [[ڪاسندريا]] ۾ 375 ق م ۾ پيدا ٿيندڙ ھڪ فوجي ھيو جيڪو [[سڪندر اعظم|سڪندراعظم]] جي لشڪر ۾ بطور آرڪيٽيڪٽ ۽ فوجي انجنيئر<ref>Who's Who in the Age of Alexander the Great by Waldemar Heckel {{ISBN|978-1-4051-1210-9}}</ref> جي شامل ھيو ۽ ان سان گڏجي سنڌ ۾ آيو ھو. اصل ۾ فونيشي نسل جو ھيو.<ref>[https://books.google.com/books?id=gay_i14p9oEC&pg=PA207&dq=Aristobulus+Phocian&sig=UGJSbjS3LIWdwsjEDcS5qsDmVDk Sources for Alexander the Great-N. G. L.Hammond]</ref><ref>[https://www.jstor.org/stable/292236 Aristobulus the Phocian-American Journal of Philology]</ref><ref>Phokis — Delphi — 252/1 BC [http://epigraphy.packhum.org/inscriptions//oi?ikey=239835&bookid=452&region=3&subregion7= Epigraphical Database]{{dead link|date=October 2016 |bot=InternetArchiveBot |fix-attempted=yes }}</ref>. ھي سڪندراعظم جي ويجھن دوستن ۾ شامل ھيو. ھن کي [[پاسرگاد]] ۾ [[سائرس اعظم]] جو مقبرو اڏڻ جو ڪم پڻ سونپيو ويو هو. ھن سڪندر جي حڪم مطابق [[سنڌ]] جي سڪي ويل درياهه ”هاڪڙي“ جي سروي ڪئي. هن هاڪڙي جي پيٽ جو معائنو ڪيو ۽ هڪ هزار ويران شهرن جا نشان ڳولهي ڪڍيا، جيڪي ڪنهن وقت هاڪڙي تي آباد هئا، آخري عمر ۾ پنهنجا حالات قلمبند ڪيائين.
انهن يوناني ماهرن جي رپورٽن مان معلوم ٿئي ٿو ”سنڌ جا رهاڪو گهڻي قدر سانوري ۽ ڪاري رنگ جا هئا، اونهاري ۾ ساريون ۽ جوئر ٿيندي هئي. سياري ۾ ڪڻڪ ۽ جَوَن جي پوک ٿيندي هئي. ڪمند به ٿيندو هو ۽ ڪمند جي رس مان ڳڙ ٺاهيو ويندو هو. هتي جا رهاڪو ڪپهه مان سُٽ ڪتي ڪپڙو اُڻندا هئا. کين مختلف قسم جي دوائن ٺاهڻ ۽ زهرن مارڻ ۾ به مهارت هئي. هو اهو فن ڌارين ماڻهن کان مخفي رکندا هئا.“
سنڌين جي سراسري عمر 130 سال هئي. منجهن ٻن زالن رکڻ جو رواج عام هو. راجائون ته گهڻيون شاديون ڪندا هئا. ٻانهن ٻڌڻ جو رواج به هو. هو پنهنجي راجائن کي ٻئي ٻانهون مٿي کڻي سلام ڪندا هئا. راجا جڏهن ٻاهر نڪرندو هو، ته عورتون رٿن تي چڙهي ساڻس گڏ هلنديون هيون ۽ پويان ماڻهو دهل، شرنايون ۽ گهنڊ وڄائيندا هلندا هئا. ڇوڪرين کي ننڍي عمر ۾ پرڻائڻ جو رواج موجود هو. ستيءَ جي رسم به رواج ۾ هئي. ڪڏهن ڪڏهن لاشن کي ڳجهن جي کائڻ لاءِ ڦٽو ڪندا هئا، جيئن ته سنڌ ۾ انگور نه ٿيندا هئا، تنهنڪري شراب پيئڻ جو رواج ڪونه هو.“<ref>سنڌ- سياحن جي نظر ۾--ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي(قسط- 1)؛ رسالو:مهراڻ؛ 1991جلد ۱ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ</ref>